Saturday, November 9, 2019

ساٺو، پاٺو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ساٺو، پاٺو. (ھندي، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ساٺو؛ ساٺا، اھو مرد جيڪو عمر جي حساب سان سٺ سالن کي پھتو ھجي.
پاٺو؛ پاٺا، پَٺا.
”پاٺا“ هنديءَ جو لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس ”هاٿيءَ جو ٻچو“. انھيءَ تتبع تي، پهلوان مڙس کي يا بندري ۽ ننڍي قد واري شخص کي پڻ پاٺا چوندا آهن.


اسان سمجهي رهيا هئاسين ”پاٺا“ پٺي مان آهي، جيئن پٺا فلاڻو، هي پهلوانن جي اصطلاح آهي. هونئن ته هڪ پٺو اُلوءَ جو به هوندو آهي ۽ پٺو جسم کي به چوندا آهن. داغ جو شعر آهي ته:
دیو غم سے لڑا ہے دل کشتی
یہ بھی پٹھا بلا کا نکلا ہے
جڏھن ته اُلوءَ جي پٺي لاءِ وري ھڪڙو مزيدار شعر پڻ آھي؛
پیامی تُو ہے کیا اُلّو کا پٹھا
سمجھتا ہی نہیں کچھ بات میری
جڏھن ته پاٺو يا پٺو (”پ“ تي زبر) ان ٿلهي ڪاغذ کي به چوندا آهن جيڪو ڪتاب جي حفاظت لاءِ چاڙهيو ويندو آهي. ان کي گتو پڻ سڏيندا آھن.
بھرحال ھن چوڻيءَ جي اندر استعمال ٿيل لفظ پاٺا جي معنيٰ پھلوان آھي.
مطلب؛ ۱. ساٺا، پاٺا. (ھندي)
۲ . مرد سٺ سالن جي عمر ۾ به پاٺو هوندو آهي.
۳ . مرد، سٺ سال جي عمر ۾ به ڪراڙو نه ٿو ٿئي.

(اطهر هاشمي؛ ”تماشو تڏهن لڳندو آهي جڏهن ان کي تماشو لکبو“، ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد، ۱۰ نومبر ۲۰۱۹ع منجھان کنيل)

No comments:

Post a Comment