Friday, November 22, 2019

دشمنَ-مئي خوش نه ٿجي، سڄڻ به مري ويندو آ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


دشمنَ-مئي خوش نه ٿجي، سڄڻ به مري ويندو آ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
Image result for rat trap cageهڪ هاريءَ جي گهر ۾، ٻين ساھدارن سان گڏ، هڪ ڪوئو پڻ رهندو هو، جيڪو پيو سنھا سنھا زيان ڪندو ھيو.
هڪ ڏينهن ڪئي ڏٺو ته هاري ۽ ھارياڻي، شھر مان ڀري آندل ٿيلهي مان ڪجھ ڪڍي رهيا هئا. سمجھيائين؛ کاڌي پيتي جو سامان آهي. توجھ سان ڏسڻ بعد خبر پيس ته اھا ڪوڙڪي آھي. خطرو محسوس ڪندي، گهر جي پويان رهندڙ ڪبوتر کي وڃي ٻڌايائين؛ ”گهر ۾ ڪوڙڪي اچي وئي آهي!“
ڪبوتر چٿر ڪندي چيس؛ ”مون کي ڇا؟ مون کي ڪهڙو ان ۾ ڦاسڻو آ؟“
مايوس ڪوئو، اها ڳالھ ڪڪڙ کي ٻڌائڻ ويو.
ڪڪڙ به مذاق اڏائيندي کيس چوڻ لڳو؛ ”ڀائو! اهو مسئلو منهنجو ناهي.“


مايوسيءَ، ڪوئي کي وڪوڙي ڇڏيو. تنھن ھوندي به گھر ۾ رھندڙ آخري ساھدار ٻڪر جو خيال آيس. ٻڪر سان وڃي سڄي ماجرا ڪيائين. ٻڪر کل ۾ ويڙھجي ويو ۽ ليٿڙيون پائڻ لڳو.
انهيءَ رات ڪوڙڪي مان کڙڪي جو آواز آيو. منجھس هڪ زهريلو نانگ ڦاسي پيو هو.
اونداهيءَ ۾، نانگ جي پڇ کي ڪوئو سمجهندي، هارياڻيءَ ڪوڙڪيءَ مان ڪڍيس ته نانگ کيس ڏنگي وڌو.
طبيعت خراب ٿيڻ تي، هاريءَ حڪيم کي گهرايو. حڪيم، هارياڻيءَ کي ڪبوتر جو سوپ ٺاهي پيئڻ لاءِ مشورو ڏنو.
جھٽ کان پوءِ، ڪبوتر ديڳڙي ۾ اٻري رهيو هو.
بيماريءَ جي خبر ٻڌي، هارياڻيءَ جا کوڙ مٽ مائٽ، پڇڻ واسطي، اچي گھر ۾ ڪڙڪيا. سندن کاڌي جي انتظام لاءِ، لت ڏئي ڪڪڙ کي ليٽائي وڌائون.
ڏينھن ٻن ۾، نانگ جو زھر مٿي چڙھي ويو، جنھن ۾ هارياڻي جھان ڇڏي وئي.
ڪانڌپي لاءِ، ٻڪر کي قربان ٿيڻو پئجي ويو.
تيستائين ڪوئو، الائي ڪاٿي وڃي نڪتو ھيو.
مطلب؛
۱ . ٻين کي تڪليف ۾ ڏسي؛ نه خوشي ڪجي، نه کين اڪيلو ڇڏجي.
۲ . ٻئي ھنڌ لڳل باھ، پاڻ تائين به پهچي سگهي ٿي.
۳ . دشمن مریئے خوشی  نہ کریئے، سجن بھی مرجاندا  اے۔ (سرائیکی)
۴ . ڪير پنھنجي تڪليف بيان ڪري ته مٿس؛ نه چٿر ڪجي، نه مدد کان ڪنڌ ڪڍائجي.
۵ . جسم اندر هڪ عضوو، تڪليف ۾ آھي ته اھا ٻين عضون تائين پھچي سگھي ٿي.
۶ . سماج اندر هڪ طبقو اگر خطري ۾ آهي ته پورو ملڪ خطري ۾ آهي

(حسيب ناياب منگيءَ جي فيسبڪ وال تان، ايڊٽنگ بعد، کنيل)

No comments:

Post a Comment