Thursday, November 21, 2019

مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين.


مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين.
Image result for Dying jackalهڪ گدڙ گهمڻ نڪتو سڄو ڏينهن رلڻ کان پوءِ، شام جو ٿاڪ تي موٽندي، رستو ڀلجي ويو. اچي هڪ اوجھڙ ۾ ڦاٿو.
هڪ ماري بندوق کنيو ٻنيءَ تي واھت ڪري رھيو ھيو. تنهن جي مٿس نظر پئجي وئي. ڀري دونالي ڌوڙيو ڏنائيس، ته اچي پٽ تي پيو.
گدڙ سوچيو؛ جي اٿي ڀڄندس ته وري بندوق هڻندو.“ سو ڇند ڪري، ستو رھيو.
ماري، بندوق کنيو مٿانئس اچي بيٺو. ايتري ۾ هڪڙو همراھ آيو ۽ ماري کي چيائين؛ گدڙ ماريو اٿئي ڇا؟


ماريءَ چيو؛ هائو! روز ٻنيون لتاڙي ويندو هو. اڄ نيٺ مارجي ويو.
همراھ چيس؛ يار مون کي حڪيم چيو هو؛ ڪنهن گدڙ جون ٻه ٽنگون کڻي اچ ته دوا ٺاهي ڏيانءِ‘ سو قرب ڪر!“
ماريءَ چيس؛ ها ها! ڪو مسئلو آ ڇا؟ وڍيس پويون ٻه ٽنگون.
گدڙ کي خيال آيو؛ اٿي ڀڄندس ته بندوق هڻندا. ڀلا ٻه ٽنگون وينديون ته جان ته بچي ويندي.
ٽنگون ڪپجي ويس.
پيو ئي هو ته مٿان ٻيو همراھ آيو. جنھن ماريءَ کي چيو؛ يار! وارو ڪر! گدڙ جو پڇ مون کي ڏي، ڪم ۾ آهي.
گدڙ دل ۾ چيو؛ پڇ ڪهڙي ڪم جو آ؟ ڀلي وڍي وڃي.
مٿان ٽيون همراھ آيو. اچي ماريءَ کي چيائين؛ ”ادا! حڪيم چيو هو؛ گدڙ جو مغز آڻ ته دوا ٺاهي ڏيانءِ.‘ سو مون تي به قرب ڪر.!“
او اِهو ٿئي!“ گدڙ دل ۾ چيو؛ ”مريضن جي آويءَ آياسين، دوا ٿي وياسين...
مطلب
۱ . پھرئين پيل نقصان تي چپ ڪبي ته پوءِ ٻيا نقصان به ٿيندا ويندا.
۲ . ٿڏي تي اک نه پٽبي، ته لامتناھي انديشا اڳيان ايندا.
۳ . پيل نقصان تي چپ ڪرڻ وارو وڌيڪ نقصان ۾ پوي ٿو.

(نواز آريسر جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment