Friday, November 9, 2018

عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان - مٺل جسڪاڻي


عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان
مٺل جسڪاڻي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي سنوار سڌار جي نتيجي ۾، تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي جي سھيڙ سنگھيڙ وارو ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوھ“، نئين، سولي ۽ سڦل انداز ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي ڪتاب نمبر ۵۸ طور، پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ڪندڙن لاءِ، ڪتابن جي ھٽن، بازارن ۾ پھچي چڪو آھي. مون تائين، منھنجي شاگرد ۽ انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي ڀائٽي رفيع الله سھتو معرفت ھن ڪتاب کي سنواريندڙ سڌاريندڙ جي ٿورن سان پھتو آھي.
ڪتاب کي اک مان ڪڍندي، گھڻن ھنڌن تي اک ٽڪ ٻڌي بيھندي به رھي، پر چوڻي ”عقل بنا آدمي، پسون سمان“ پڙھيم، ته...


پاڻ وٽ شاعر تمام گھڻا آھن ۽ انھن جي تمام وڏي گھڻائي، مثبت ۽ صحتمند مطالعي کان وانجھيل ھجڻ ڪري، شاعر طور قبولجڻ جھڙي نه آھي!
عقل جا انڌا تمام گھڻا آھن. انھن ۾ اجايا گھڻا ته عام ماڻھو آھن ئي، پر ڪيترائي شاعر، ڪجھه ڪھاڻيڪار، ڪي چند ناول نويس، شاعرن کان گھٽ پر ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نويسن کان سرس مضمون نگار، صحافي ته ھيڪاندا، عقل واري نعمت کان وانجھيل آھن.
عقل ڇا آھي؟ عقل ڪٿان ملندو؟ عقل کائبو، پيئبو، ڦڪبو، ڪيئن واپرائبو، ڪتب آڻبو يا استعمال ڪبو؟ ۽ انيڪ سوالن جا جواب جلدي نه ملندا آھن. جلدي ۾ ته ڪو پھاڪو، ڪا چوڻي، ڪا ورجيس، ڪو قول به پاڻ نه مڃائي سگھندو آھي، نه ئي متعارف ٿيندو آھي.
پھاڪو، چوڻي يا ورجيس گھڻو ڪري پاڻمرادو تخليق ٿيندي آھي، ۽ تخليقڪار صرف گھڻ-پڙھيو يا گھڻ-گھميو ھجي، اھو ضروري نه آھي.
منھنجي خيال ۾ ھر پھاڪو، ھر چوڻي، ھر ورجيس، عقل ڏياريندڙ انتھائي سليس نموني سمجھه ۾ اچي سگھندڙ اھڙو سبق آھي، جنھن جي نتيجي ۾ بي عقل کي عقل ايندو آھي ۽ جنھن وٽ به ٿورو ٿڪو عقل اچي ويندو آھي، ان جي عقل جي آبياري ٿيندي آھي. ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي عقل وارو عقلمند، عاقل، بالغ، وات وڪيل ٿي پوندو آھي.
مطالعي جي کوٽ محسوس ڪندڙ، معاشري ۾ مثبت ڪردار جا خواھشمند، ٻئي مواد سان گڏوگڏ، جيڪڏھن پھاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي مشتمل ڪتاب پڙھندا، ته کين جيڪو فائدو ٿيندو، اھو پاڻ به محسوس ڪندا، ساڻن لڳ لاڳاپن وارا به محسوس ڪرائيندا.
لوڪ ڏاھپ جو ثمر ”پھاڪن جي پاٻوھه“ پڙھڻ ۽ پرائڻ جھڙو ڪتاب آھي. جملي ۱۹۲ صفحن تي مشتمل، پڪي جلد واري، ھن ڪتاب جي قيمت صرف ۲۰۰ روپيا آھي.

No comments:

Post a Comment