Wednesday, November 7, 2018

اربع خطا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


اربع خطا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
’اربع خطا‘، ھڪ ورجيس آھي. منجھانئس جڙندڙ اصطلاح ٿيندو؛ ’اربعا خطا ٿيڻ.‘
اربع، عربي زبان جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ ’چار‘ آھي.
خطا به عربي لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي؛ ’گسڻ‘، ’ڀل ٿيڻ‘، ’چڪ ٿيڻ‘.
اربع خطا ٿيڻ: چوٿون ڀيرو گسڻ، چوٿون ڀيرو ڀلجڻ، چوٿون گھمرو چڪ ٿيڻ، چوٿين خطا ڪرڻ.


چيو ويندو آھي ته ٽي دفعا ماڻھوءَ کان ڀل چڪ يا خطا ٿئي ته ان ۾ انساني ڪمزوري سمجھڻ گھرجي. جڏھن ته ايترين غلطين يا خطائڻ کان پوءِ ماڻھو گھڻو محتاط ٿي ويندو آھي. ھاڻي کانئس ڪنھن ساڳي چڪ ٿيڻ جو امڪان نه ھئڻ گھرجي. اگر ساڳي سھو/ چڪ/ ڀل چوٿون دفعو ڪيائين ته اھا ڀل ۾ نه بلڪ ’ڄاڻي واڻي‘ ۾ شمار ٿيندي.
’ڄاڻي واڻي ڪيل غلطي‘، ڪٿي به معافيءَ لائق نه ٿي رھي. ان ڪري انساني ڪمزوريءَ سبب ٿيل ڀل چڪ، ٽن دفعن کان جڏھن چڙھندي آھي ته اڳلي جو به حق ھوندو آھي ته ان تي چڙي پوي ۽ ڪرڻ واري کي به پشيمان ٿيڻ گھرجي.
جيڪو ماڻھو ھڪڙو دفعو ڀل چڪ ڪري، ان تي ڪير ڪاوڙجي ته اھو فطرتي انساني ڪمزوريءَ جو بھانو ڏئي وڪالت ڪندي چئي سگھي ٿو؛ ”ڪھڙو چوٿون دفعو غلطي ٿي آھي جو معافي نه ٿي ملي.“
ان جملي کي اڃا سميٽيندي چئي سگھجي ٿو؛ ”ڪھڙي اربعا خطا ڪئي اٿم؟ جو معافي نه ٿي ملي!“
ان ورجيس جو مطلب اھو ٿيو ته؛ ”منھنجي ڪيل خطا، چوٿون دفعو ناھي، جو اھا ناقابل معافي ھجي.“
حاصل مفھوم؛ ”معافي ملڻ گھرجيم.“

No comments:

Post a Comment