Friday, November 2, 2018

سنڌي زبان جي لاڙي محاوري جا ڪي پهلو - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو


سنڌي زبان جي لاڙي محاوري جا ڪي پهلو
(شاعرن جي ڪلام ۽ عام چوڻين جي حوالي سان)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 
سنڌي زبان ۽ اُن جا محاورا (Dialects) پنهنجي رنگا-رنگي ۽ گوناگون خاصيتن جي ڪري تحقيق ڪندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث آهن. لاڙ جي لساني حد بندي ضلعن جي حوالي سان ڪرڻ مشڪل آهي. پوءِ به بدين ضلعو مڪمل طور لاڙي محاوري جي ترجماني ڪري ٿو. ٺٽو ضلعو سپرهاءِ وي جي ڏکڻ ۾، ۽ قرب اُتريون حصو توڙي ڪراچيءَ جو سامونڊي ڪنارو ڪنهن حد تائين لاڙي محاوري ۾ ڳڻي سگهجن ٿا. حيدرآباد ضلعي جو ڏاکڻيون حصو به لاڙي محاوري جي ترجماني ڪري ٿو. هاڻي ڪجهه قدر مواصلات جي ڪري لاڙي شهري علائقن تي معياري محاوري اثر وڌو آهي. اِن هوندي به هڪ محاوري کي انتظامي حد بندين ۾ پوري ريت ڏسي پسي نٿو سگهجي. مون پنهنجي ڪتاب لاڙ جي لغات ۾ لاڙ جو نقشو ڏنو هو، سو ڏسڻ گھرجي.


’لاڙ’ جي معنيٰ لڙيل يا هيٺيون آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ’لاٽ‘ مان ’لاڙ‘ ٿيڻ جو اندازو لڳايو آهي. جيئن سنسڪرت للاٽ مان نراڙ ٿيڻ. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري (۱۵۳۸ – ۱۶۲۳ع) لاه ڏکڻ جي معنيٰ ۾ هيئن ڪم آندو آهي:
جي اُتر جي لاه، سڄڻ پرکئا،
ري پانجي کٽئي، سڀر ٻري نه باهه.
لاهيءَ وارو پاسو هيٺيون ئي ليکبو(۱). جيئن ’لاهي چاڙهي‘. لاڙ هڪ اهڙو لساني ايڪو آهي، جنهن جون پنهنجون خصوصيتون آهن. لاڙ جي ٻوليءَ کي بگڙيل به سڏيو ويو آهي. ايئن ته ٻيا محاورا به معياري محاوري کان مختلف / بگڙيل آهن. لاڙي محاوري جو مطالعو هتي آءٌ شاعرن جي ڪلام ۽ پهاڪن توڙي چوڻين جي حوالي سان ڪري رهيو آهيان. سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، مولوي احمد ملاح، پير بخش فاروقي دلريش، پير ڀاون علي شاهه ساقي، مير غلام مرتضيٰ مرتضائي، حاجي مراد چانڊيو، ڄام خان چانڊيو، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا ڪيترا شاعر هن سرزمين ۽ اُن جي محاوري جا اَمين آهن. هنن پنهنجي ڪلام ۾ لاڙي محاوري جو فطري حسن قائم رکيو آهي. هن خطي جو وڏي ۾ وڏو شاعر خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو (۱۷۱۳ع – ۱۷۷۴ع) آهي. سندس ڳوڙهو صوفيانه ڪلام اعليٰ آدرشن جو حامل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي لنواريءَ ملڻ لاءِ آيو. اُن جو احوال لنواري شريف جي ڪتابن ۾ موجود آهي؛ جن تان استفادو ڪري ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي (۱۸۸۴ – ۱۹۴۷ع) ڪتاب لنواريءَ جا لال (۱۹۳۴ع) لکيو. جنهن ۾ هنن ٻن گوهرن جي گفتن جي اُپٽار ڪندي ملاقات جا تفصيل ڏنا اٿن.
لاڙي محاوري جون ڪي ڳڻڻ جهڙيون ۽ اهم خصوصيتون آهن. عام گفتگو وانگر شعرن ۾ به اُهي اچن ٿيون. ڪاڪي ڀيرومل لاڙي محاوري جي خصوصيتن جو جائزو تفصيل سان ورتو آهي(۲). لاڙي محاورو پنهنجن پاڙيسري محاورن کان به متاثر ٿيندو آيو آهي، اُهو هڪ فطري اَمر آهي. هڪ خاص محاوري ۾ به ٻيا ننڍا محاورا ٿين ٿا. ’ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي‘ واري چوڻي به اڪثر ٺهڪي ٿي اچي. لسانياتي اوزارن سان جانچ ڪرڻ کان پوءِ ماهرن معلوم ڪيو آهي ته ڪي به ٻه ماڻهو هڪ جهڙو ڪونه ٿا ڳالهائن(۳). اُچارن جي اهڙي فرق بابت لساني ماهرن بِلوُم فيلڊ، هاڪيٽ ۽ ٻين تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سندن چوڻ موجب ماڻهو سماجي ماحول موجب هڪڙو تلفظ اختيار ڪن ٿا(۴) ۽ ٻار ته مائٽن کان هڪڙو تلفظ حاصل ڪن ٿا ته راند جي ساٿين کان کين ٻيو تلفظ ملي ٿو(۵).
لاڙي محاوري جون خصوصيتون ڀيرومل ۽ ٻين لساني ماهرن بيان ڪيون آهن. جن ۾ اوسر ڳائي ۽ ضميرن ۽ صفتن ۽ فعلن جي صرفيات ۽ نحوياتي تبديلي ۽ صرف و نحو جي لحاظ کان فرق ظاهر آهي. انهن مان ڪن کي شاعرن جي ڪلام ۾ به ڏسي سگهجي ٿو. وسرگ (Aspirated) آواز، اوسرگ (Unaspirated) بنجي وڃن ٿا. مثال طور گهه / کي / گ / ڪري اُچارڻ، ايئن گهر / کي / گر /، ڀِت / کي / بت / ڪري اُچاريو وڃي ٿو. ايئن جملي ڌُوڪڻن (Plosives) آوازن کي اوسرگ ڪري اُچارجي ٿو. مثال طور / ڀ /، /ڌ/، /ڍ/ ۽ /جهه/ کي/ب/، /د/، /ڊ/ ۽ /ج/ ڪري اُچارجي ٿو. يعني ڀَت کي بت، ڌڪ کي دڪ، ڍِڳَ کي ڊڳ ۽ جهل کي جل ڪري اُچارجي ٿو. ڪڇ جو اثر به لاڙ تي گهڻو آهي. ڪي آواز ڪڇ جي تلفظ موجب به آهن.
لاڙ ۾ شاعرن جي ڪلام تي نظر وجهبي ته اهو صاف نظر ايندو ته هتي جي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي تَرَ جي زبان جو سڌو اثر قبول ڪيو آهي، جيڪو هڪ فطري امر آهي. اهو اثر قديم شاعرن ۾ شاهه ڪريم جي مٿي آيل بيت ۾ ضمير مشترڪ ’پنهنجو‘ بدران ’پانجو‘ آيل آهي جو لاڙي تلفظ آهي(۶).
شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ فعلن جي استعمال ۾ لاڙي تلفظ ۽ مقامي لفظن جا مثال موجود آهن:
مُٺ ڀيڙائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ،
جي پڌر وڌءِ ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ
(۷).
مصدر کولڻ بدران اُپٽڻ مان اُپٽي ڪري آندو ويو آهي. اهڙي طرح ضمير استفهام ۾ ڇو بدران ڪو يا ڪوه جو استعمال عام آهي. شاهه لطيف جي ڪلام کان سواءِ لاڙ جي شاعرن وٽ به ڪوه جو استعمال موجود آهي. شاهه صاحب ته ڪٿي ڇا جي معنيٰ ۾ به ڪوه ڪم آندو آهي. ’رهڻيءَ رهيو نه سپرين ته ڪهڻيءَ ڪبو ڪوه‘. اهڙي طرح شاهه ڪريم ڇو جي معنيٰ ۾ ڪوه هيئن ڪم آڻي ٿو:
وَرَ وسري ته ڪوه، ور نه وسريوس،
ڪونه چوندو ڪڏهن، ته اڱڻ اونڌائوس(۸).
                                                      (ڪريم)
لاڙ ۾ هڪ لال ملوڪ شاعر ۽ درويش جنم ورتو. هي لال آهي سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو. سندس ڪلام نهايت ڳوڙهو ۽ معنيٰ جي موتين ۾ جڙيل آهي. لفظن جي ڪا ڳالهه نه آهي. سندس ڪلام مان هڪ بيت ۾ جانسي ۽ تانسين جو استعمال لاڙ ۾ عام گفتگو ۾ اچي ٿو:
تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سسيءَ جو،
ماڻيو تن ملير، جن جسو مال مباح ڪيو(۹).
موجوده صديءَ ۾ جيڪو عالم ۽ شاعر لاڙ جي سنڌ ۾ سڃاڻپ بڻيو سو مولوي حاجي احمد ملاح هو. هُو احمد ملاح (وفات ۱۹.۰۷.۱۹۶۹ع) جي نالي سان هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو. معرفة الا الله، بياض احمد، ديوان احمد، غزليات احمد ۽ فتح لنواري توڙي ٻين ڪتابن ۽ عام مقبوليت توڙي شعر جي اثر ڪري نشانبر هو. مٿان جو وري قرآن ڪريم جو سنڌي شعر ۾ ترجمو ڪيائين تنهن سندس ذات ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اُهو ترجمو نُورالقرآن جي نالي سان ڇپيو. نورالقرآن پهرين ارباب الله جڙيي جي طرفان ڇپيو، ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ شايع ڪيو ۽ ٽيون سعودي حڪومت سهڻي انتظام ۽ اهتمام سان شايع ڪيو آهي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن، احمد ملاح جي هِن ڪاوش ۾ لاڙ جي زبان بابت لکن ٿا:
”هن ترجمي ۾ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي سنڌي لفظن جون ڇوليون ڏيندڙ درياءُ سمايل آهي-(۱۰)“
هڪ شاعر جي حيثيت سان به مولوي احمد ملاح اڳ ۾ لاڙ جي زبان جي استعمال جو نه رڳو مظاهرو ڪري چڪو هو، بڪل سڄي لاڙ جي اُسرندڙ شاعرن تي اثر وجهي چڪو هو.   قرآن مجيد جي ترجمي ۾ بيت، مت ۽ ٻين شعري صنفن ۾ مولوي صاحب پاڻ موکيو ۽ هن ذميداريءَ کي نهايت خوبيءَ سان نباهيو، بسم الله جو هيئن ترجمو ڪري ٿو:
اول نام الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري،
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
(۱۱).
بسم الله جا ٻين ٻين لفظن سان به ترجما ڪيا اٿس. هتي ڏيئي نه پچاري ۾ چوڻي آندي اٿس ۽ مڙنيان (سڀني کان) ۾ لاڙ جو لفظ ’مڙني کان‘ بدران جمع جي صيغي ۾ ڪم آندو آٿس. ضمير حاضر يا مخاطب جا مثال چِٽا آهن. لاڙ ۾ اوهان، اوهين، اوهان جو ۽ اوهان کي، چوڻ بدران آن، آئين، آنجو ۽ آنکي چئبو آهي مولوي احمد ملاح قرآن جي ترجمي توڙي ٻئي ڪلام ۾ ضمير مُخاطب جون اِهي صورتون ڪم آنديون آهن – مثال:
-         ماڳ ڏينداسون ملڪ ۾ آن کي اُن کان پوءِ (۱۲).
-         آن کي پنهنجو آيتون، ٿو ڏيکاري ڏاتار (۱۳).
-         اِنهيان پوءِ اوهان جا، ٿيا قلب وري ڪٺور (۱۴)
-         آس آهنجي واس جي احمد ڦري ٿو آسپاس
 جئن ڦِرن ڀؤنر ڦل تي، جئن ملين تيئن مل مِٺا (۱۵).
فعل پيڻ اوهان پيتو کي ماضيءَ جي صورت ۾ پيتان چوي ٿو:
گهوٽ گهر پيتان گهڻا ڏينهن شوق سان شربت گلاب،
جلد جاني جام ڪوثر تي اچي جيڪو اچي
(۱۶).
اهڙي ريت اڳ بجاءِ لاڙ ۾ مهند (يا ماند) ڪم آڻجي ٿو. مولوي صاحب به مهند گهڻو استعمال ڪيو آهي:
رکو روزا ته ميوا مهند ماڻيو،
اَٿان دعوت سندي درٻار جاڳو
(۱۷).
لاڙي محاوري ۾ وَجههُ (موقعو، Chance) بجاءِ بُل ۽ هانءُ (دل) بدران هِنيون ڪم اچي ٿو. اُن جا احمد ملاح جي ڪلام ۾ ڪئين مثال موجود آهن. ٻه هي آهن:
گُلَ گهڻا ڏينهن تُنهنجي گلشن ۾ ڪنڊا کاڌم قريب
ساڻ بلبل ڪنهن به بُلَ تي جئن ملين تئن مل مٺا
(۱۸).
---
چؤسرو چوٽو چندن جو چشم چنبن جئن چُڀن،
باز بحري کي ڏٺم، ڀر ۾ بيهي بُل واهه جو
(۱۹).
---
هنيون ساري حبيبن کي ڪڏهن ملبو قريبن کي،
عرض احمد عجيبن کي، ته لائن لال خدمت ۾
(۲۰).
لاڙي محاوري ۾ تو کان بجاءِ تو ڪنان جو استعمال ٿئي ٿو:
سُکَ کان دک تو ڪنان، تڪڙو گهرن تڪرار.
سوره رحمٰن جو نهايت خوبصورت ترجمو ڪندي مولوي صاحب (فَبِاَي الاَءِ رَبکُمَا تُکذِبٰنِ) سنڌي ترجمو هن ريت ڪيو آهي:
پوءِ اُن ڏينهن ڪنان ڪنهن جن انسان،
بابت سندس بَديَن بيان-
مُور نه پڇبو منجهه ميدان
پوءِ ڌڻيءَ پنهنجي جا ڪهڙا دان!
جُوٺ چئو، اي جِن انسان (۲۱).
فقط نُورالقرآن جي ترجمي جي سونهن تي لکڻ لاءِ دفتر کپن. ٻئي طرف مولوي احمد ملاح جي ٻئي ڪلام جي حُسن ۽ اُن جي اثر جو به هڪ ڊگھو داستان آهي. اثر جي لحاظ کان هُو لاڙ جي شاعريءَ جو به بي تاج بادشاهه آهي.
لاڙ جو هڪ ٻيو مقبول شاعر پير ڀاون علي شاهه ساقي هو. سندس مناجات ۽ ٻيو ڪلام ماستر محمد سومار شيخ شايع ڪيو هو. ساقيءَ جو عروضي ڪلام نهايت پختو ۽ بلند پايي جو آهي. هو به ضمير مخاطب جو استعمال لاڙ جي عام اُچار موجب ڪري ٿو:
ج -  جانب ڪيو خدا آنکي نبين جو سرتاج
تُنهنجي سر کي ٿيو عطا پيغمبريءَ جو شاهه تاج
(۲۲).
ساقيءَ جو دل گهريو دوست ۽ مريد فقير پير بخش فاروقي (۱۳۱۴ – ۱۳۷۱هه) هو. هن وقت سندس اولاد بدين ويجهو فاروق آباد ۾ رهي ٿو. هُو دلريش تخلص ڪندو هو. مجاز کان حقيقت کي رسيو. فقيرانه لباس پائيندو هو. سندس ڪليات به اڪثر ضمير مخاطب ۾ لاڙ وارو عام تلفظ آهي. چوي ٿو:
پيئي پاڙي اچي تنهنجي،
اجهي اولي آهيان آهنجي
(۲۳).
دلريش جا صوفيانه ۽ عاشقانه ڪلام، ڪافيءَ جي عام انداز ۾ رچيل آهن. هُو لاڙ جو هڪ مقتدر بزرگ ۽ شاعر هو. سندس ڪلام اُن ڳالهه جي پوري ساک ڀري ٿو.
سانوڻ فقير: عوامي شاعريءَ ۾ سانوڻ وانگر ٻيا به ڪيترا شاعر ۽ سگهڙ آهن، جن نه رڳو لاڙ جي ٻوليءَ ۾ ڪلام چيو، پر سنڌ ملوڪ شاعر هئا. سانوڻ هڪ جولاني طبيعت جو شاعر هو. سورن جو سانوڻ چئي، جي آواز ۾ سچ پچ سورن جا داستان هئا. اندازاً هن صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ گذاري ويو. زبان سان گڏ ثقافت جي چاشني ۽ جذبات جي پُرڪاري شعر ۾ جو تسلسل پيدا ڪيو آهي، تنهن جو مثال ورلي لڀندو:
اڌ لوئيءَ جو انگ تي اڌ ڪري نه ڄاڻان،
ساڳين سنگهارن کي آءٌ صحيح سڃاڻان،
ساڳين سنگهارن جا، آهن واريءَ وڇاڻان،
ساڳين سنگهارن جا، آهن ٿر مٿي ٿاڻان،
ساڳين سنگهارن جا، آهن ڀٽن مٿي ڀاڻان،
ويڙهيچن وسائيا، پڊ به پراڻان،
مون ڏي مارن موڪليا، سلام ساڳوڻان،
مون ڏي مارن موڪليا، پيرون پُراڻان،
مون ڏي مارن موڪليا، ڪي دعا سندا داڻان،
سُورَ تني جا سانوڻ چئي، منهنجي ساه کي سيباڻان،
مون کي مائٽاڻان، سُور نه وسرن سومرا.
---
پنهونءَ مون کي پرڻجي، لاٿي جَتَ جُکي،
مهند هسي مائٽن ۾، سورن کان سُکي،
ڪاڪيون ڪو
نه پرايم، آهيان ڏينهون ڏينهن ڏکي،
ڪانڌ بنا ڪافن ۾، آءٌ رلي ٿيس رکي،
حيف منهنجي حال کي، ڏيرن آءٌ نه ڏکي،
سورن ۾ سانوڻ چئي، پيا داڳ دکي،
ڀنڀوران بکي، شال ڪيچ ڏي ڪام وڃي.
---
آءٌ گڊو، آءٌ گولاڙو، آءٌ بي پَٿو، آءٌ بي پاڙو،
من جي مرادن کي، آءٌ ڪريان ڪڄاڙو،
آهيان هٿين خالي مون وٽ، ڀتو نڪي ڀاڙو،
ڏسي دؤر دنيا جا، مون کي سرس لڳو ساڙو،
هيءَ حد ڇڏي هُن حد ۾، مون ڌن ڏسي هنيون ڌاڙو،
صوفيءَ جو سانوڻ چئي، لٿو من تان مونجهارو،
جڏهن تُرندو تُراڙو، تڏهن پوندي سڌ سچائيءَ جي(۲۴).
سانوڻ فقير کان سواءِ مولابخش خاصخيلي، ڄام خان چانڊيو، الله بچايو رند ۽ ٻيا ڪيترا لوڪ رس شاعر ٿيا. ٻيلي جي شاعرن شيخ ابراهيم ۽ سنڌ جي ڪبير شاهه توڙي ٻين هي وکر وهايو ۽ نالو ڪڍيائون. سانوڻ وٽ به هن تنوار جا ڪئين مثال آهن. خرار مان نموني خاطر هڪ مٺ کنئي.
لاڙ جي شاعرن ۾ شيخ الله بچايو هڪ گمنام شاعر هو. سندس ڪلام سندس فرزند محمد سومار شيخ جي وسيلي شايع ٿيو. خود محمد سومار شيخ سٺو شاعر هو. هُن جي جذبن جي اُٿل شعرن ۾ موجود آهي. عجب جهڙي ڳالهه آهي جو هُو ان اُٿل کي روڪي لاڙ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب تي لکڻ لڳو، لاڙ جون وٿون گڏ ڪري لاڙ ميوزيم جو بنياد وڌائين. هي پيءُ-پٽ ڪڇ جي رڻ جي ڪناري ۽ اولهه ۾ سمنڊ جي ڪناري ڪرهئي ڀانڊاري جا رهاڪو هئا. اُتان لڏي اچي بدين شهر ۾ ويٺا. اِن ۾ به ڪا حڪمت هئي. محمد سومار ماستر ٿيو ۽ سوين ڪتاب لکيائين. سندس والد الله بچايو زندگيءَ جي جدوجهد ۾ لڳي ويو. الله بچائي شيخ جو ڪلام سندس فرزند محمد سومار شيخ، ڪليات الله بچايو شيخ جي عنوان سان شايع ڪري ڪلام کي محفوظ ڪيو. الله بچايو شيخ (۱۸۷۸ع - ۱۹۶۲ع) سادن گفتن سان پنهنجن جذبن کي ظاهر ڪري ٿو. ڪن واقعاتي ڪلامن جو خالق آهي:
مهاڻي ڏسي مرشيد کي، هوش وڃايا هڏ،
ڪئين پر نه قبول پيا، اُن سڌڙئي جا سڏ،
ڏند سيڪڙ لڳي، ڪري پيئي ۾ کڏ،
سڀنن ڪيس سڏ، پر جواب جُڙيو ڪينڪي.
---
مار ڏڙهي جي مار، ڪڍ ڏڙهي کي ماريان،
ڏهي ڏڙهو مون هٿ ۾، پوءِ ويريءَ کي چئو وار،
مون ڏي ڪِيم نهار، ڏس ڏڙهي کي ڏول ۾.
(۲۵)
پهرئين بيت ۾ لفظ ڏند سيڪڙ جي معنيٰ عجب کان ڏندڻجي وڃڻ ۽ هوش وڃائڻ آهي. ’سڀني‘ بجاءِ ’سڀنن‘ ۽ ’مليو‘ بدران ’جڙيو‘ لکيو اٿس ۽ ٻئي بيت ۾ ڏڙهي (بال –Ball) جو ذڪر ڪيو اٿس. شاعر جي ڪلام ۾ سگهڙ پائيءَ وارو انداز آهي. پيءُ جي مقابلي ۾ محمد سومار وٽ ڪو وقت جذبات جو اُڀار بيمثل رهيو. سندس ٻن مجموعن: ڄراٽيس ڄيري ۽ دوها ۽ دونهان ۾ سچ به برهه جي باهه، ڄيرو ۽ ڀسم ٿيل وجود مان دونهون اُٿندو محسوس ٿيو. ”ندي ڪناري دونهان اُٺت هي“ وارو معاملو آهي:
هڪ هڪ ساعت سال ٿو ڀانيان، صدي گهڙيءَ کي سمجهان،
هليو آءُ روح جا راڻا، منٽ نه هڪ کمجان(۲۶).
’کمڻ‘ جي معنيٰ صبر ڪرڻ ۽ ترسڻ به آهي. ’کم کمندن کٽيو، هارايو هُوڙن‘ (لطيف). اهڙي ريت وارا ڍارا (وارا ڄمارا) چوڻي هيئن ڪم آڻي ٿو:
کارا ڪئين مٺڙا ٿيئڙا، مٺڙا ڪئين ٿيا کارا،
شايد دنيا ۾ اي ساجن، آهيِنِ وارا ڍارا
(۲۷).
’مٺڙا‘ ۽ ’ٿيئڙا‘ اُتر جي انداز ۾ ڪم آڻي ٿو ته ’آهن‘ کي لاڙي محاوري ۾ ’آهينِ‘ ڪري استعمال ڪري ٿو. پنهنجي ورثي کي ’شان’ چوي ٿو:
نڪي ٺاهيم آيتون، نڪي ڪو قرآن،
پر پنهنجو شان، مون بيتن ۾ بندي ڇڏيو
(۲۸).
پهاڪو ’لوڪ آهي ٻوڪ‘ هڪ طويل نظم ۾ هيئن ڪم آڻي ٿو:
لوڪ آهي ٻوڪ پيارا-
ڍيڪ سدا پيو ڏيندو،
پنهنجي پيار جو دريا مصري
ڇوليون هڻندو رهندو-
(۲۹)
ضمير مخاطب ۾ اوهين بدران اَئين چوڻ لاڙ ۾ عام آهي. محمد سومار سنڌ مان لڏي ويل ڏيهين کي پرڏيهه وڃڻ تي ياد ڪري ٿو:
اچو آئين ديس ۾، ديس ٿيو مڌار،
پنهنجا پنهنجا پار، اڪيلا ٿي اوريون
(۳۰).
محمد سومار شيخ جي دوهن جا دونهان ۽ عشق جا اُلا ۽ ڄيرا لاڙ جي وٿن جي تلاش ۾ تبديل ٿي ويا ۽ هِن سلسلي ۾ چار سؤ ڪتاب لکيا. جن مان اڃان ڪيترا ڪٻٽن ۾ بند آهن ۽ اشاعت جي انتظار ۾ آهن.
بزرگ شاعر محمد خان مجيدي قومي شاعر آهي، هُن قوم ۽ سماج لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ ننڍين تُڪن جي استعمال ۽ ورجاءُ سان روحاني ماحول قائم ڪري ٿو ڇڏي. سندس نعت مان هڪ بند پيش ڪريان ٿو:
جِت هو جاري رنگ رباب
شربت وانگر شوق شراب
فرق نه هو ڪو ڏوهه ثواب
نينهن نزاڪت هئي ناياب
واڄٽ واڄا باجو بين
ڌُڪڙ ڌاڄا ڌڙ ڌڙ ڌين
تنهن دم آيو مرسل ڄام
پاريا ازلي تنهن انجام
(۳۱).
مجيدي صاحب جي نياڻي مريم مجيدي هڪ شاعره جي حيثيت سان پاڻ مڃائي چڪي آهي. هُن جو مجموعو سَروم دُکم دُکم آهي. هُن جو ڪلام پختو آهي ۽ اندازِ بيان ۾ لاڙ جو رنگ اٿس. ٻه شعر عرض رکان ٿو:
ڪلا ننگر جو هر ڪو ڪُونڌر،
ڪُوڙَ ڪَڙايو ڀيري ڀرڪي.
---
جُوءِ ۾ ڪنهن تي جُوڻي کڻجي،
هر ڪنهن هٿ جا گهايل آهيون
. (۳۲)
ابراهيم منشي هڪ وڏو قومي شاعر ۽ سجاڳ دانشور آهي. سندس ڪلام ۾ لاڙ جو رنگ نمايان آهي. زبان ۽ بيان جو زور سندس ڪلام جي خوبي آهي. سندس ڪلام ۾ اهڙا ڪئين مثال آهن، جن مان چونڊ ڪري سگهجي ٿي. هتي سندس نظم مان نموني طور هڪ شعر حاضر آهي. هتي شاعر بخار بدران ’ٻرو‘ لفظ ڪم آندو آهي:
ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾ ڪير ٻُڌائي ٻَرندا ڪيسين،
جوٽ مٿي هن جيجل جا ڳاڙها ڳوڙها ڳڙندا ڪيسين.
(۳۳)
قومي شاعرن ۾ سرويچ سجاولي (ولادت ۱۹۳۷ع) وڏي وٿ آهي. ڇا سندس جذبو، ڇا سندس ٻوليءَ تي گرفت ۽ ڇا سندس ماروئڙن سان محبت، ڪنهن پهلوءَ ۾ ڪمي ناهي. مطلب ته سرويچ سنڌ جو وڏو شاعر آهي. سندس فن ۽ فڪر تي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي. سندس مجموعو آليون اکيون اڻڀا وار اُن ڳالهه جو گواهه آهي، پر سرويچ جي قومي نظم ’ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون‘ ته اهڙي اُٿل آندي آهي. ڄڻ مَئي متي مهراڻ جي اُٿل هجي. نه رڳو ايترو پر سرويچ جي ڪلام ۾ فطري زبان جو زور ۽ بيان جو حسن آهي. ڪهڙا مثال وٺي ڪهڙا مثال وٺجن! سنڌ جا سانگيئڙا ڏينهن رات سورن ۾ آهن. اِن صورت حال کي سرويچ هڪ چوڻيءَ ’سُورَ چرڻ‘ جي استعمال سان بيان ڪيو آهي:
سانگيئڙا هي ساٿيئڙا هي، سارو ڏينهن ڏک سُور.
ڳڻتيءَ ڳوهيل ڳوٺاڻا ٿا ڳاراڻي ۾ روز ڳرن چرن
. (۳۴).
مارو ماڻهن جا ڀونگا ۽ مَنهه، چوڙيلين جا چاڳ، اَن ڇڙڻ ۽ کير ولوڙڻ جا منظر، مکڻ ۽ ڏُڌَ جا ڪينجهر اهي سڀ سرويچ جي ساهه سيباڻان آهن. اُنهن جي وڻڻ جو بيان هيئن ڪري ٿو:
تُنهنجي مارن جا ته مون کي ٿا مَنَههَ ميرا وڻن،
تنهنجي چوڙيلين سنديون چُلهيون وڻن
چؤنرا وڻن،
نِگههَ وڻي اُنڻ وڻي نيٽو وڻي نهرا وڻن،
مَنِ وڻي ماٽي وڻي مَنڌيءَ سندا ڦيرا وڻن،
ڏڌ ۽ ڌونرو وڻي مکڻ سندا ٽيرا وڻن،
پِس پُسيون پيرون پِپون ۽ ڏٿ وڻي ڏؤنرا وڻن،
تُنهنجي هر هڪ چيز چوکي چاڳ وارن جا وطن،
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن،
دولهه دُلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان
(۳۵).
سرويچ جي ڳالهه فقط ايتري ناهي. سندس نظم ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون جو واس وٺڻ سان پُورو اندازو لڳائي سگهبو ته شاعر ڪيتري فني ۽ فڪري بلنديءَ تي آهي:
وه واه هي منهنجو وطن، چار ئي ڪنڊون جنهن جون چمن،
سَوَ سَوَ منجهس پوکون پچن، واهڻ وسيون جنهن جون وسن،
ماڻهو جتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي ۽ قول جن جا قيمتي،
ويهي رڳو واکاڻجن؛ ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
جنتُ الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَتَ سَتَ رنگا سينگار ڪن،
هٿ منهن ڌوئي هس
هار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پسجن جُو به جُو، سرهاڻيون پن سُو به سُو
درشن ٿين جي دُو به دُو، تان ڄڻڪ حُورون هُو
به هو،
سُبَحانہُ سُبحانہُ! سي سوڍيون مهراڻ جون-
جنتُ الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سُرما وجهي ڏيئي ڦڻيون، پاڻي ڀرڻ لاءِ پدمڻيون،
گڏجيو
ھلن پنج ست ڄڻيون، ’هيڏن ڪنڌن سان‘ ڪامڻيون،
ڪن
کي نٿون ڪن کي وينڊڙا، سِرَ تي سمورين سينهڙا،
گجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪن ڪَڇَ تي ڪن ٻيلهڙا،
هُو لاڏ مان لڏنديون اچن، ڏس لاڏليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جي ٻوليون تن جون ٻُرن، ٿا چنگ ڪر چالُن چُرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روه تان برفون ڀُرن،
يا گيت ڪو
پيو ڳائجي، يا وائي پئي ورجائجي،
يا لهر پئي ٽڪرائجي، يا ڪنوار پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، اڄ چاڳليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

خوش ٿي کٿيريون جي کِلن، تان ماڻڪن جا مَڻَ مِلن،
جي ٽول پائي ٿيون ٽِلن، تان ساڙ ۾ ڊيلون جَلن،
هُو ديس تان گهوريون گهُمن، ۽ مُلڪ جي مِٽي چُمن،
هُو ديس جي خاطر جيئن ۽ ديس جي خاطر ڄمن،
شل جيئنديون ٻئي جُڳَ رهن، هي جوڌيون مَهراڻ جون،
جنتُ الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جِتِ، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جِتِ،
گهوٽيا گهُمن گهاٽن سان جِتِ، ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جِتِ،
اوڍيو گهُمن سي اَجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون،
ڇا بت بدن جون بيهڪون، ٿا سرو جون لاهن سِڪون،
اهڙا ٻچا ا
ڄ ڀي ڄڻين، اڪثر اَميدن مهراڻ جون،
جنتُ الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جن جا جنگي ۽ جوان پُٽَ، ڳا
ڙها جيها حُلواڻ پُٽَ،
رانديون ڪُڏن، رَتَ ساڻ پُٽَ، سرويچ سَرواڻ پُٽَ،
هڪ هڪ سندا هيڏا جگر، هڪ هڪ ڇڏي ٽوڙي ٽَڪر،
هڪ هڪ اٿئي سيني سَپر، هڪ هڪ ڪري ڇيهون ڇپر،
هڪ هڪ سندي مَستيءَ ۾ ڏس، تون مستيون مهراڻ جون،
جنتُ الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
(۳۶).
 
جيئن مٿي مولوي احمد ملاح جي سلسلي ۾ عرض ڪيو اٿم ته لاڙ جي شاعرن احمد ملاح جو اثر گهڻو ورتو آهي ۽ مون هتي فقط چند شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. نه ته ٻيا به ڪي شاعر آهن، جن هيءُ وکر وهايو آهي. شاعرن جي ڪلام ۾ لاڙي محاوري سان گڏ ڪن پهاڪن ۽ چوڻين جو ذڪر ڪري سگهيو آهيان. اُنهن جو تعداد گهٽ آهي ۽ تعلق سڄي سنڌ سان اٿن. فقط لاڙ سان نه اٿن. هيءَ موضوع تي هڪ مختصر جائرو آهي.

حوالا ۽ سمجهاڻيون
۱.    آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند. ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌي ادبي بورڊ (چوٿون ڇاپو ۱۹۹۳ع) ڀيرومل لاڙ جي حد بنديءَ بابت لکي ٿو: ’سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو جو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، سو لاڙ سڏجي ٿو. لاڙ جا ٻه ڀاڱا آهن. هڪڙو حيدرآباد ضلعي وارو لاڙ جو بدين ۽ ٽنڊي باگي کان ويندي بلڙي شريف تعلقي گونيءَ تائين آهي. اتان ڪوهه ڏيڍ پري ميرپور بٺوري تعلقي جي جهوڪ شريف (ميران پور) ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جي درگاهه آهي. انهن ٻن نامور درگاهن جي وچ کان وٺي ڪراچي ضلعي جو سمورو ڏاکڻو ڀاڱو جو ڪيٽي بندر ۽ ڪراچيءَ طرف لڙي اچي سمنڊ سان لڳو آهي، سو ڪراچي ضلعي وارو لاڙ آهي‘- (ص – ۱۲۱).
هاڻي اهو لاڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن بدران ٺٽي ۽ بدين ضلعن تي مشتمل آهي. ڀيرومل جي ڪيل اشاري واري ڪراچي ڏکڻ جي ايراضيءَ تي حافظ حبيب سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي، لکيو آهي، جو ۱۹۹۴ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري شايع ڪيو آهي.
۲.           ڏسو ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ص ص ۱۲۱ – ۱۳۹.
۳.          Jones. D. An outlines of English Phonetics W. Heffer & Sons, Cambridge, 1961, p –11.
۴.          BloomI filed, L. Language, Allen & Unwin London, 1961, p – 345.
۵.          Hockett, C.F. a course in modern linguistics Macmillan & Co New York, 1960 p – 321.
۶.    لاڙي محاوري جي ترجماني ڪندڙ ڪي بيت يا سٽون مون پنهنجي ڪتاب ’لاڙ جي لغات، جي سرورق تي ڏنا هئا، اُنهن مان ڪي هي آهن:
·       کڏيون ۽ کروتون، ايءَ پڻ سڳر ٽوڪ (ڪريم)
·      واٽون ويهه ٿيون، ڪُہ ڄاڻان ڪيهي ويا (شاهه)
·       ڪي ڏينا ڪي ڏاريون ڪي پن ڪي پاندور (سانوڻ)
·       ٻرهيون ٻهڳڻ ٻنگاريون، واهه قدرت رب ڪريم (احمد ملاح)
(ڏسو لاڙ جي لغات ۱۹۷۵ع سرورق)
۷.      دائودپوٽو، عمر بن محمد (ڊاڪٽر)، ’شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، ٻيو چاپو ۱۹۷۷ع، ص ۵۲.
۸.                 ايضاً – ۵۳
۹.                 ’متن ابيات سنڌي‘، ناشر انتظاميه جماعت لنواري شريف ۱۹۷۶ع، ص ۱۹.
۱۰.             احمد ملاح. ’نُور القرآن‘، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، ۱۹۷۸ع ص ۵ (مقدمو)
۱۱.              ايضاً – ص ۲
۱۲.             ايضا – ص ۳۱۵
۱۳.             ايضاً – ص ۱۴
۱۴.             ايضاً – ص ۱۴
۱۵.             مرحوم، محمد صديق. ’غزليات احمد‘، احمد ملاح پبليڪيشن بدين، ۱۹۷۲ع، ص ۳۰.
۱۶.             احمد ملاح. ’فتح لنواري‘، ميان رحمت الله گراڻو بدين، ۱۳۵۷ هه، ص ۳.
۱۷.             احمد ملاح. ’بياض احمد‘، غفور ايجنسي بدين، ۱۹۸۲ع ص ۱۰۰.
۱۸.             احمد ملاح. ’ديوان احمد‘ حيدري پريس حيدرآباد، ۱۹۷۴ع ص ۷.
۱۹.             ايضاً – ۲۵۲
۲۰.            ايضاً – ص ۱۸۸.
۲۱.             نُورالقرآن -  ص ۶۹۰.
۲۲.            محمد سومار شيخ. ’ڪلام پير ڀاون علي شاهه ساقي‘، بدين پريس بدين ۱۹۷۲ع ص ۲۲.
۲۳.            محمد سومار شيخ. ڪليات فاروقي، جيلاني پبليڪيشن بدين، ۱۹۵۸ع، ص ۳۶.
۲۴.            بلوچ، نبي بخش خان. ’نڙ جا بيت‘، سنڌي ادبي بورڊ، ۱۹۷۰ع ص ص ۸ – ۴۴ – ۹۸.
نوٽ: بيت پهرئين جي قافين ۾ ن مون وڌائي آهي. بيت ٽئين ۾ ’بي پِتو‘ بجاءِ ’بي پَٿو‘ لکيو اٿم. مون کي جيڪا تَرَ پاڙي جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. جيئن سومرن جا ٻه پَٿَ ٿا ٻُڌجن؛ هڪڙا سنڌي پٿ جا ۽ ٻيا ڪڇي پٿ جا. بدين ۾ گهڻا ڪڇي پٿ جا سومرا آهن.
۲۵.            محمد سومار شيخ. ’ڪليات الله بچايو شيخ‘ ادبي محفل بدين، ص ۳۸ ۽ ۳۲ (ڀاڱو ٻيو) ۳۲.
۲۶.            محمد سومار شيخ. ’دوها ۽ دونهان‘، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين ۱۹۷۴ع ص ۲۱.
۲۷.            ايضاً – ص ۵۵.
۲۸.            محمد سومار شيخ. ’ڄراٽيس جِيري‘، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، ۱۹۷۲ع ص ۱۱.
۲۹.            ايضاً – نظم خام خيال ص ۸.
۳۰.            محمد سومار شيخ. ’پرڏيهين ڏانهن پيغام‘، جيلاني پبليڪيشن بدين، ص ۱۸.
۳۱.             مجيدي، محمد خان. ’سماهي مهراڻ سيرت نمبر‘، سنڌي ادبي بورڊ ۳-۴/۱۹۸۰ع ص ۵۰۰.
۳۲.            مجيدي، مريم. ’سَروم دُکم دُکم‘، چانڊاڻ پبليڪيشن سجاول، ۱۹۸۶ع ص ص ۵– ۴۸.
۳۳.            ابراهيم منشي. ’سماهي مهراڻ‘، سنڌي ادبي بورڊ ۱ – ۱۹۷۲ع ص ۳۱.
۳۴.            سرويچ سجاولي. ’سماهي مهراڻ‘، سنڌي ادبي بورڊ، شاعر نمبر (ٻيو ڇاپو ۱۹۹۰ع) ص ۵۵۱.
۳۵.            سرويچ سجاولي. ’آليون اکيون اڻڀا وار‘، لاڙ پبليڪيشن سجاول، ۱۹۷۲ع، ص ۴.
۳۶.            سرويچ سجاولي. ’سماهي مهراڻ‘، سنڌي ادبي بورڊ ۳ – ۱۹۷۴ ص ۳۳ – ۳۴.
نوٽ: نظم جي ڇهين بند ۾ ’سرءَ‘ ڇپيل آهي. مون اُن جي املا بدلائي آهي. حقيقت ۾ هيءَ سرو وڻ آهي.

(زنبيل تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment