Sunday, June 24, 2018

محبت؛ ماسو، خدمت؛ ڪاسو، ضرورت؛ خرار


محبت؛ ماسو، خدمت؛ ڪاسو، ضرورت؛ خرار
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اڳي سياڻا چئي ويا؛ ”نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار“. سياڻن جا قول، قوم جي صدين جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ ۽ وقت خواهه حالتن جو عڪس ٿيندا آهن. سندن انهيءَ چوڻي جو اولين مقصد هيو؛ عوام جي سوچن ۽ لوچن، نظرين ۽ قدرن جو قبلو درست ڪرڻ. ماڻهو جڏهن ملازمت وٺڻ ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ تي ڳنڍ ٻڌي ويهي ٿو ته ان مان سمجهڻ گهرجي ته آزادي ۽ خودمختياري جي خوبيءَ جو گل هن جي ذهن جي زمين تي ڦٽي نه ٿو سگهي.


نوڪريءَ جو مطلب آهي؛ گند جي ٽوڪري ۽ ڪنهن فرد يا اداري جي غلامي. ان ڪري جيڪا قوم لاهي پاهي نوڪرين کي جنت وانگر حاصل ڪرڻ جا جتن ڪري ته پڪ ڄاڻو ته هن ذهني ۽ فڪري غلاميءَ مان اڃا جان نه ڇڏائي آهي. اڄ جي ماڻهوءَ لاهي پاهي سرڪاري نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي ڳڀرو اولاد کي انتظار ۾ ويهاري پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. اميرن، وزيرن خواهه وس وارن جي درن تي ويندي ويندي پنهنجون جتيون گسائي ڇڏيون آهن. ان مان سندن غلاماڻي ذهنيت جي پتي پوڻ سان گڏ، سندن هڪ عقلمنديءَ جو به پتو پوي ٿو. استحصال تي ٻڌل سندن عقلمندي اها آهي ته اڄڪلهه سرڪاري نوڪري ڪرڻ ۾ ڪنهن کي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻو نه ٿو پوي. ڇو ته ڪنهن به سرڪار کي سنڌ ۾ سماجي ۽ نظرياتي سڌارو آڻڻو ئي ڪونهي. ان ڪري اسڪولن کي وڏيرن جون اوطاقون ڪرڻيون آهن، استادن کي ڪنهن جو نه ڪنهن جو منشي ڪرڻو آهي، اسپتالن کي ڀوت بنگلا بڻائڻا آهن، ان ڪري ڪا به سرڪاري نوڪري ڪبي، پر ملازمت نه ڪبي، دفتر يا اداري ۾ وڃڻ ڪو ضروري ناهي، پر پگهار وقت تي ملندي ۽ وٺبي.
اڳي انگريزن جي دور ۾ نوڪري ايمانداريءَ سان ان ڪري ڪرڻي پوندي هئي ته سختي هوندي هئي. اجازت کانسواءِ موڪل ڪري نه سگهبي هئي. دير سان اچڻ ڪري پڇاڻو ٿيندو هئو، ۽ نتيجا سٺا نه ڏيڻ تي پروموشن ڪو نه ٿيندو هو. ان ڪري سياڻن چيو ته ”نيچ نوڪري“. پر ”اُتم کيتي“ جي صلاح ڏيڻ پٺيان، طبقاتي نظام جو اثر هو. هن صلاح ڏيڻ جي مراد اها هئي ته؛ هاريءَ جو پٽ هاري ئي رهي ۽ فقط ڀريا مٽ ئي ڀربا رهن. ”وڌندڙ واپار“ جي ڳالهه مان اسان سنڌين جي تاريخي نفسيات جو پڙاڏو موجود آهي. لطيف سائين جو ”سر سامونڊي“ پڙهو ۽ سنڌ ورڪين جي تاريخ پڙهو. اوهان کي خبر پوندي ته واپار ۽ تجارت ڪري سنڌ واسي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتا. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي وڃو، اتان جي تاريخي تاني-پيٽي ۾ اوهان کي سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ٻولي، ثقافت ۽ نظرين جا عڪس نظر ايندا.
اسان جي دور وري هاڻي هڪ نئين چوڻيءَ ۽ نئين قول کي جنم ڏنو آهي، ۽ اهو آهي ته ”محبت؛ ماسو، خدمت؛ ڪاسو، ضرورت؛ خرار“. هن پٺيان به اسان جي سماجي ۽ نظرياتي نفسيات جي ڪهاڻي موجود آهي. اسان جي سماج ۾ غير فطري سوچن جي نتيجي ۾ ”محبت“ جي ڪا اهميت آهي ئي ڪو نه. ”محبت“ اسان جي نظرين ۾ ڪبيرو گناهه آهي، محبت جو اظهار ڪرڻ جو نالو آهي نفرت کي دعوت ڏيڻ ۽ دشمني جي ڌمال ڏسڻ لاءِ نغارو وڄائڻ. اڳي چوندا هئا ته ڪنهن مان جان ڇڏائڻي هجي ته هن کي قرض ڏيو. پاڻهي منهن ئي مٽي ويندو. پر هاڻي جنهن مان جند ڇڏائڻي هجي يا جنهن کان ڄنڊا پٽرائڻا هجن ته ساڻس محبت جو اظهار ڪيو. اسان پنهنجي معاشري کي ئي اهڙو بڻائي ڇڏيو آهي، جتي نفرت سان محبت ۽ محبت سان نفرت ڪئي ويندي آهي، محبت جي اهڙي هيچ ۽ نيچ حيثيت کي محسوس ڪري چيو ويو ته ”محبت؛ مُٺ“، مطلب هن معاشري ۾ ماڻهو هوندا ۽ آهن، جيڪي محبتون ونڊيندا، مگر کين هڙ پلئه ڪجهه ڪو نه پوندو.
چيو ويو ته ”خدمت؛ ڪاسو“. اسان وٽ ويچاريءَ ”خدمت“ جو حشر به ذري گهٽ ”محبت“ جهڙو آهي. جتي ماڻهن کي رهبرن جي نالي ۾ رهزن مليا هجن، جتي ماڻهن کي دوکن ۽ فريبن کان سواءِ ڪجهه به نه مليو هجي، اتي جيڪڏهن ڪو بي لوث خدمت جي ڳالهه ڪندو ته ذهنن ۾ سوال اٿڻ نفسياتي فطرت جي عين مطابق ئي ٿيندو. ان ڪري ”خدمت“ ڪرڻ واري تي شڪ ڪرڻ ۽ تڪڙو يقين ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي. محسن-ڪشيءَ جو اسان اهڙو ماحول جوڙي ورتو آهي، جو اڳ چوندا هئا ته ”نيڪي ڪري، درياهه ۾ اڇلايو“. پر هاڻي اسان نيڪي ڪندڙ کي درياهه ۾ اڇلائيندا آهيون. هن جو غلط اثر ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌ ۾ مهاڀاري نوعيت ۽ اهميت وارا رفاحي ادارا قائم ٿي نه ٿا سگهن ۽ سنڌين مان بين الاقوامي نالو ڪمائڻ وارا سماج-سڌارڪ ۽ انسان-دوست ماڻهو پيدا ٿي نه ٿا سگهن. هاڻي ته نيڪي ۽ عوامي خيرخواهي واري ڪم کي اسان به پنهنجي انفرادي يا گروهي مفادن حاصل ڪرڻ يا هڪ-هٽي قائم ڪرڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ان ڪري ادارن ۽ عهدن مان مُئي مارئي کان سواءِ هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿا ٿيون. اهڙيءَ ڀينگ هوندي به ڪي نه ڪي مٿي ڦريا خيرخواهي ڪن ٿا. ان ڪري چيو ٿو وڃي ته ”خدمت؛ ڪاسو“، ڇو ته پوءِ به هن ڳڻ کي سنڌ نه وساريو آهي. هتان جي مٽيءَ مان اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا، جيڪي بي لوث خدمت ڪرڻ جا جتن ڪندا رهندا. هو مخالفتن ۽ مذمتن کان مايوس ڪو نه ٿيندا. بلڪ ”جيئن ٿڌ، تيئن وڌ“ مصداق پيا سوچيندا ۽ لوچيندا.
چوڻيءَ جي پڄاڻيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ”ضرورت؛ خرار“. مطلب ”محبت“ ۽ ”خدمت“ کان مٿي ۽ اتم ”ضرورت“ کي ڄاتو ويو آهي. اها ئي حقيقت ۾ سچائي آهي ۽ ان کي ئي ”زميني حقيقت“ چيو ويندو آهي.
چيو ۽ سمجهايو ويو آهي ته اوهان کي جيڪڏهن پنهنجو قدر ڏسڻو ۽ ڪرائڻو آهي ته پوءِ ٻئي جي ضرورت ٿي پئو. ڄمار جي ڪنهن چڱي حصي تائين ماڻهو پيءُ ماءُ جو ادب ان ڪري ٿو ڪري ته هو هن جي ”ضرورت“ آهن. اڳي گهٽين، روڊن، رستن ۽ محفلن ۾ ماڻهو استادن کي ان ڪري پيرين پئي ملندا هئا ته هنن لاءِ استاد زندگي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت هئا.
اوهان ۾ جيڪڏهن ماڻهن جو، يا ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته اوهان هن جي ”ضرورت“ آهيو. پوءِ هن کي اوهان جا عيب به صواب نظر ايندا. هن کي اوهان جي ڪا خامي نظر نه ايندي. پوءِ اوهان هن جا يار به آهيو ته همدرد ۽ خيرخواهه به آهيو. اوهان کان بهتر انسان هن کي ٻيو ڪو به نظر نه ايندو. ان ڪري بهتر اهو آهي ته ماڻهو محبتون به ونڊي ۽ چڱائيءَ جو پير به ڀري، پر هن کي سوچڻو ۽ لوچڻو اهو آهي ته هو ٻئي جي ”ضرورت“ ڪيئن ٿئي ۽ ڪيئن بڻجي؟ جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي ضرورت نه ٿا ٿي سگهو ته پيار جي موٽ ۽ خدمت جي صلي جو ڪجهه سوچيو به نه. هن معاشري ۾ مانَ سان گذارڻ ۽ شانَ سان رهڻ جو سليقو ۽ طريقو اهو ئي آهي ته اوهان ڪنهن نه ڪنهن جي ضرورت بڻجي پئو. جيڪڏهن اوهان ضرورت ناهيو ته پوءِ ڪجهه به ناهيو. ان ڪري اچو ته قبول ڪريون ۽ ياد رکون ته؛ ”محبت؛ ماسو، خدمت؛ ڪاسو، ضرورت؛ خرار“ آهي.

No comments:

Post a Comment