Tuesday, June 12, 2018

گهاگهر منجهه ساگر - حسيب ناياب منگي


گهاگهر منجهه ساگر
حسيب ناياب منگي
سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪرڻ واري روايت ته تمام گهڻي پراڻي آهي پر وچين دور ۾ ان حوالي سان ايترو خاص ڪم ئي نه ٿيو. ڇو جو پاڻ وٽ ته سوناري جو هيري سان رويي جهڙو مظاهرو رهي ٿو. اهڙي ماٺار کي محسوس ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ برجستي ڪهاڻيڪار انجنيئر عبدالوهاب سهتي اهو ارادو ڪيو ته پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪندس! اهو فيصلو نه صرف سندس سڃاڻپ جو سگهارو حوالو بڻيو، پر سنڌي ادب جي جهولي به سندس مسلسل محنت ۽ اڻٿڪ جدوجهد سان سائي ٿي پئي آهي.


ڪالهه جي ڳالهه ٿي لڳي جڏهن شڪارپور ۾ هڪ سرڪاري اداري جو آفيسر هئڻ سبب  بدلي ٿي آيو ته اسان جي علمي ادبي ماحول ۾ رڱجي ويو. اسان وٽ ئي نه پر جتي جتي به وڃي رهيو آهي، اتان جي ادبي ماحول ۾ پاڻ کي موکي ڏيکاريندو رهيو آهي. ايترو ئي نه پر جنهن جنهن علائقي ۾ وڃڻ ٿيس اتي جي عام مروج پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن کي به گڏ ڪندو رهندو آهي. مون کي هڪ طرف خوشي ۽ ٻئي پاسي حيراني پئي ٿئي ته اسان جو ادبي چاچو جڏهن منهنجي والد مرحوم ”نقش“ ناياب منگي سان علمي ادبي ڪچهرين دوران پهاڪن تي به مواد گڏ ڪندو ۽ کين ڏيکاريندو رهندو هو. سو پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي چوڏهن ڪتاب لکي يا ترتيب ڏيئي ڇپائي چڪو آهي.
جڏهن سندس محنت تي سوچ ڪجي ٿي ته ازخود ان ڳالهه جو اظهار به ڪرڻو پوي ٿو ته اسان وٽ اهڙا جام موضوع ٻيا به هوندا جن تي ڪم ڪري آساني سان ايترا يا ان کان وڌيڪ ڪتاب آڻي سگهجن ٿا. پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿيو پوي جڏهن ”همت مردان، مدد خدا“ واري سوچ کي عمل ۾ آڻي ادب جي راهن تي پنڌ ڪرڻ شروع ڪريون.
”گهاگهر منجهه ساگر“ هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل ڪتاب آهي. جيڪو تازو ڊاڪٽر محبت اڪيدمي قنبر طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
پهاڪن ۽ چوڻين جي دنيا ئي منفرد آهي، لفاظي جوڙجڪ سان اهڙا ته اچي ٺهڪن ٿا جو ڪڏهن ڳالهه کي کڻي ٿا بيهن ته ڪڏهن ڳالهه کي ظاهر ڪري ڏيکارين. اهڙي ڪماليت هر ٻوليءَ ۾ موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين توڙي ورجيسن تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين جي چونڊ ۽ ان جي سمجهاڻي توڙي مثال پيش ڪرڻ واري محنت انجنيئر صاحب جي محبت کي ظاهر ٿي ڪري. سلطان سڪون جي ڪتاب ”ڪوزي بچ دريا“ کي سامهون رکندي ۱۴۵ پهاڪن ۽ چوڻين جي منفرد چونڊ ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ هر هڪ پهاڪي يا چوڻيءَ جي سمجهاڻي پيش ڪرڻ ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو يقينن پاڻ مڃرايو آهي.
ڪتاب جا پيش لفظ لکندي پبلشر اها اميد ٿو رکي ته سهتو صاحب هندڪو محاورن جو ڪتاب به پيش ڪندو. سادا اکر لکندي انجنيئر صاحب هندڪو ۽ ان ٻوليءَ ڳالهائيندڙن متعلق مختصر مگر جامع معلومات پيش ڪئي آهي. ڪتاب جي صفحن کي سلطان سڪون جي ڪوزي بچ دريا واري مهاڳ جي سنڌي ترجمي سان پن سينگاريو ويو آهي، جيڪو ترجمو انجنيئر صاحب جو ڪيل آهي. ڪتاب کي انجنيئر عبدالوهاب سهتي، محترم مهر افتخار وينس ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ پهاڪن يا چوڻين کي الف-ب-وار ترتيب سان رکيو ويو آهي. پڪي بائينڊنگ، سٺي ڇپائي ۽ معياري ڪاغذ وارو هي ڪتاب ۱۲۸ صفحن تي ڦهليل آهي. ڪتاب جي قيمت ۱۵۰ روپيا رکي وئي آهي، جيڪا مناسب آهي.


No comments:

Post a Comment