Monday, June 11, 2018

پل ۾ پاءُ، پل ۾ ماسو

پل ۾ پاءُ، پل ۾ ماسو
مٺل جسڪاڻي
پھاڪا ۽ چوڻيون، جُڙيون ته کن پل ۾، پر جيئريون آھن، ڄم کان ۽ سدا حيات به رھنديون.
”پل ۾ پاءُ پل ۾ ماسو“ به پُراڻي چوڻي آھي. پاءُ توڙي ماسو بابت نه ڄاڻندڙ به، اھا چوڻي سمجھن به ٿا، استعمال به ڪن ٿا. ان ھوندي به، ڪيڏي نه حيرت جھڙي حقيقت آھي، ته ڪيترا ئي ماڻھو پل جي نه، ڏينھن جي، رات جي، ڏينھن رات جي، ھفتي جي، مھيني جي، سال جي، صدي جي ڳالھه ڪندا آھن!
”ڪا نه گھڙي ڪھڙي“، ”ڪو نه پل ڪھڙو“، ”ڪا نه ويل ڪھڙي“، پوءِ به ڳالھه ڪندا ته صديءَ تائين جي به ڪري گذرندا آھن.

1 comment:

  1. پل ۾ پاءُ، پل ۾ ماسو. ۲. گھڙيءَ ۾ تولو، گھڙيءَ ۾ ماسو. ۳. گاھي ولي، گاھي ڀوت. ۴. ڪڏھن من ماڪوڙي، ڪڏھن ڪيھر شينھن. ۵. ڪڏھن سٽيان ته سٽ نه سپجي، ڪڏھن واھڙ پيا وھن. ۶. يا ته سيٺ سيرومل، يا ته جتي ھٿ ۾. ۷. نه مئن ۾، نه جيئرن ۾. ۸. يا ته درياھ ٽپي وڃي، يا اڏ تي گونھاندي ڪري. ۹. يا واھڙ وھي وڃي، يا مٽ جو ليڪو نه اورانگھي سگھي.
    سائين منھنجا!
    اھي مٿي ڄاڻايل، سموريون ورجيسون آھن، جيڪي انساني ڪيفيتن بابت آھن. ماڻھو سدائين ساڳئي برج تي ناھي. ڪيڏي مھل ھيٺ آھي ته ڪيڏي مھل مٿي آھي. منجھن جيئن ته فاعل غائب آھي، ان ڪري چوڻيءَ يا پھاڪي جي ڪسوٽيءَ ۾ نه ٿيون اچن. جڏھن ته اھي محاوراتي گفتا آھن، جيڪي ڪنھن ماڻھوءَ جي ڪيفيت بابت بيان ڪرڻ مھل، ڏانھنس اشارو ڪري ادا ڪيا ويندا آھن.

    انجنيئر عبدالوھاب سھتو

    ReplyDelete