Thursday, August 17, 2017

پر-متڙيو- مٺل جسڪاڻي

پر-متڙيو
مٺل جسڪاڻي
پرائي مت تي عمل ڪرڻ واري کي پر-متڙيو سڏيو ويندو آھي.
ھر ذي فھم انسان کي، پنھنجي حالتن جو تفصيلي جائزو وٺي ۽ حقيقتون ڄاڻي، پنھنجو عقل استعمال ڪرڻ گھرجي. صلاح جي ضرورت ھجي، ته ڪنھن ھڪ کان نه، ھر ڪنھن کان به نه، فقط اعتبار جھڙن ۽ سڄڻن سان صلاح ڪرڻ گھرجي.


اوھان اھو ضرور معلوم ڪريو، ته جن سان گڏ رھو ٿا، اٿو ويھو ٿا، اندر اوريو ٿا، انھن ۽ اوھان جي سوچ ۽ سمجھ ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ اھي پنھنجي پاڻ لاءِ ڪھڙي ڳالھ کي درست سمجھن ٿا ۽ جيڪو اوھان کي مشورو ڏين پيا، ڇا ٻئي ھڪجھڙا آھن. اگر آھن ته پوءِ کين صحيح سمجھي کانئن مشورو وٺو. اگر اڳلا پنھنجي ل۽ پنھنجن لاءِ ھڪڙي ۽ اوھان لاءِ ٻي صلاح ٿا ڏين ته ان مشوري کي پوئتي رکو.
پاڻ جنھن سماج ۾ رھون ٿا، ان سماج کي به سمجھڻ گھرجي. پنھنجي ماحول ۾ جيڪا سياڻپ، ڏاھپ، سرت، سمجھه، ساڃاھه، خلوص ۽ سڄڻپائي وارو ماحول آھي، ان کي سمجھڻ جي به اشد ضرورت آھي.

ڪٿي ائين نه ٿئي، ڪو ٻيو استعمال ڪندو ھجي ۽ پاڻ اکيون پوري سندس مشوري تي عمل ڪيون ۽ استعمال ٿي وڃون!

No comments:

Post a Comment