Friday, May 26, 2017

ٽڪي جا ماڻهو - فاروق جلباڻي

ٽڪي جا ماڻهو
اصطلاح جو پسمنظر  ۽ ڪارج
فاروق جلباڻي/لاڙڪاڻو
پاڪستان ٺھڻ کان اڳ، گڏيل هندوستان يا پوءِ بنگلاديش جي ٺھڻ تائين، سرڪاري ڪرنسيءَ ۾ ٽڪو به رائج هوندو هو. جيئن پئسو يا آنو وغيره به هو. ٽڪي جو ملھ، پئسي کان وڌيڪ هوندو هو پر آني کان گهٽ ھوندو ھيو. اڄڪلھ بنگال جو بنيادي سڪو يا ايڪو ٽَڪا آھي، جيئن پاڪستان ۾ روپيه آھي.


ان بحث کي ڇڏي، پاڻ ڳالهه ڪريون ٿا ان جي اصطلاحي اهميت جي.
اڄ جڏھن اسان وٽ ڪرنسي جو اهو بنيادي ايڪو ختم ٿي ويو آهي پوءِ به اسان ان کي وساريو ناهي. هر هنڌ، هر جاءِ ۽ هر ڪچهريءَ ۾ لفظ ”ٽڪو“ وڏي پيماني تي استعمال ڪندا آهيون. ٽڪي لفظ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي بنگلاديش پنهنجي سرڪاري ڪرنسيءَ جو نالو ئي ٽڪو رکي ڇڏيو. بنگلاديش ۾ ڀلي ٽڪن جا لک ڪروڙ هجن پر، اسان وٽ ٽڪي جي هاڻي ڪا ئي حيثيت نه آهي، سواءِ لفظي ۽ اصطلاحي اهميت جي.
اسان وٽ جنهن جي به بيعزتي ڪرڻي هوندي آهي ان لاءِ چوندا آهن ”ٽڪي جو ماڻهو“ آهي. پوءِ ڀلي اهو ماڻھو يا شيءِ ڪيڏي به ڪم واري ڇو نه هجي.
ان کان علاوه ٻيا اصطلاح جھڙوڪ؛
·     ٽڪي جو نوڪر
·     ٽڪي جي عزت
·     ٽڪي جي حيثيت
·     ٽڪي جي اوقات
·     ٽڪي جو سوال
·     ٽڪي جو جواب
·     ٽڪي جو انسان
·     ٽڪي جو ملھ
·     ٽڪي جو ووٽ
·     ٽڪو ۽ دعا
يا ان جهڙا ٻيا کوڙ سارا اصطلاح به اسان وٽ استعمال ٿيندا رهندا آهن.
سستين شين لاءِ پڻ چيو ويندو آھي؛
·     ٽڪي ڌڙي لڳي پئي آھي.
·     ٽڪي ٽيھ پيون رلن.
جتي ٽڪي جو قدر ھوندو آھي، يا ملھ وڌيڪ ڏيکارڻو ھوندو آھي، اتي چيو ويندو آھي؛
·     ٽڪو ڏئي ٽانڊو ٿو کڻائي.
·     اڄڪلھ ھر ڳالھ تي ٽڪا ٿا لڳن.
·     مفت جي ناھي جو قدر نه ٿو ڪرينس، ٽڪن ۾ آھي آھي.
جتي ڪنھن شيءِ جو قدر نه ھجي. سستي ۽ مھانگي شيءِ ساڳئي اگھ وڪامن، اھڙي انڌير نگريءَ لاءِ چيو ويندو آھي؛
·     ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا لڳا پيا آھن.


(حوالو: ھائيڊ پارڪ، روزاني ڪاوش حيدرآباد بتاريخ ۲۶ مئي ۲۰۱۷ع تان ٿورن سان، ٿوري ترميم سان کنيل)

No comments:

Post a Comment