Saturday, May 6, 2017

ڄٽ چاءِ مري، يا کاءِ مري - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڄٽ چاءِ مري، يا کاءِ مري
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
چاءِ؛ چائڻ (مصدر) کڻڻ، برداشت ڪرڻ، حمالگيري، پٺيءَ تي وزن رکڻ.
کاءِ؛ کائڻ (مصدر) پيٽ ڀرڻ، پيٽ تي وزن رکڻ.
گھڻو کائڻ ۽ اجايو وزن کڻڻ کان پاسو ڪجي. ڇو جو گھڻو کاڌل کاڌو، نيٺ جسم کي ئي ھضم ڪرڻو آھي. جسم، پھرين ان کاڌي کي ڳاريندو آھي، ان بعد ان کي ھضم ڪندو آھي. ھڪ دفعو، واڌو کاڌل کاڌي کي ھضم ڪندو، ٻه دفعا ڪندو، ٽي دفعا ڪندو. نيٺ ٿڪجي، پاڻ ڳرڻ شروع ڪندو. ان سان نيٺ ماڻھوءَ کي حياتيءَ تان ھٿ ڌوئڻو پوندو.
تنھنڪري وڏڙن جو چيل آھي؛ ”ھٺ سھائيندو کائجي، لوڪ سھائيندو پائجي.“


اھڙيءَ طرح، ماڻھوءَ جو جسم، ٻين شين کي کڻڻ، جي ڪنھن حد تائين، صلاحيت رکي ٿو. ان کان وڌيڪ کنيل وزن، جسم ته ھڪ دفعو کڻندو، ٻه دفعا کڻندو، ٽي کڻندو، نيٺ ڊھندو. ايڏو وڏو ۽ بيسود وزن کڻڻ سان، جنھن مان ڪا مزوري نه ملي، بيڪار آھي. اھڙي قسم جي سورھيائي ڏيکارڻ وارن لاءِ، جيڪي نلو جيءَ کي جنجل ۾ وجھن ٿا، وڏڙن جي پڻ پڻ منع ٿيل آھي.
ھر ذي فھم کي اھڙن ڪرتبن ڏيکارڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي جنھن ۾ جان وڃڻ جو خطرو ھجي. اھڙن ماڻھن کي منع ڪرڻ لاءِ وڏڙن جي نصيحت آھي؛
”وِتَ کان وڌيڪ وزن، نه کڻڻ گھرجي.“
مطلب؛ ھر قدم، سوچي سمجھي کڻڻ گھرجي.

No comments:

Post a Comment