Saturday, January 30, 2016

سرائيڪي محاورا، چوڻيون ۽ پھاڪا - علي حسان - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


سرائيڪي محاورا، چوڻيون ۽ پھاڪا

ليکڪ: علي حسان

مترجم: انجنيئر عبدالوھاب سھتو

انھيءَ لاءِ نه جو سرائيڪي يا رياستي، منھنجي مادري ٻولي آھي (رياستي بھاولپور ۾ ڳالھايو ويندڙ لھجو آھي جڏھن ته سرائڪي عام طور تي ملتانيءَ کي سڏيو ويندو ھيو. قصو ڪوتاھ، ھاڻي ھر علائقي جو لھجو ھڪ ٻئي جي ويجھو ايندو ٿو وڃي) بلڪ ڪيترين ٻڌندڙن کان ٻڌو آھي ته سرائيڪي ٻڌڻ ۾ مٺڙي لڳندي آھي. ھاڻي خبر ناھي ته سچ پچ ائين آھي به يا اھا ڳالھ ائين ٺھي وئي آھي. ليڪن انھيءَ باري ۾ ته پنھنجو مولانا جنيد جمشيد به چئي چڪو آھي ته ڄمون رنگ چپ سرائيڪي ڳالھائين ۽ ڪنن ۾ رس ڀرين.




اھو سڀڪجھ لکڻ جو مقصد سرائيڪيءَ کي چانھن ۾ کنڊ جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ ناھي بلڪ سرائيڪي جي ھڪ ٻي خاصيت ٻڌائڻ آھي ته؛ سرائڪيءَ جا گھڻا پھاڪا، محاورا ۽ چوڻيون اھڙا به استعمال ھيٺ آھن جن منجھ مزاح جو پھلو به سمايل ھوندو آھي. جڏھن اھي جملن منجھ ڇينڀ طور ڳالھايا وڃن ٿا ته ٻڌڻ وارا انھن جو مزو ورتي بغير نه ٿا رھي سگھن. ھونئن سرائڪي ايتري ته شائسته ٻولي آھي جو ھر شخص کي سائين ۽ عورت کي سانئڻ سڏيو ويندو آھي. ھڪڙو ٽوٽڪو مشھور آھي، جنھن کي ھتي لکڻ کان پھرين شريفاڻو بڻايو ويو آھي. ”ھڪڙو شخص ڳاڙھي بازار ويو، اتي رش ڏسي، ڏاڍو پريشان ٿي ويو. آخر ھڪڙي عورت کي ڏسي کيس چيائين؛ ’اماں سین کنجری بیبیاں کتھاں ملسن (امان سانئڻ! ڪڃري بيبيون ڪٿي ملنديون؟) ٿورا اھڙا مثال، جيڪي تازو ٻڌا آھن، سي لکجن ٿا ۽ اتي ئي سندن معنيٰ ۽ ترجمو به پيش خدمت رکجي ٿو.



گِدڑ دا گھوں لوڑ پیا تے اوں پہاڑ تے ونج ہنگیا

لفظي ترجمو: گدڙ جي گونھ ۾ ڪم پيو ته جبل جي چوٽيءَ تي ھنگي آيو.

معنيٰ: ضرورت جي وقت، خصيص شيءِ به نه لڀندي آھي.



گوہ کو ملی گوہ، جہیں او تے جہیں او

 لفظي ترجمو: ڳوھ سان ملي ڳوھ؛ جھڙي ھوءَ، تھڙي ھوءَ.

معنيٰ: جيسي ڪو ملا تيسا. ۲.  کند ہم جنس با ہم جنس پرواز (فارسي)



پچھاوڑے ہنگے ویر نی لہندے

لفظي ترجمو: ڪنھن جي گھر پٺيان ھنگڻ سان، بدلو چڪائجي نه ويو.

معنيٰ: ڪريل شخص لاءِ ائين چئبو آھي. بدلو چڪائڻ لاءِ به حوصلو گھرجي.



آ بھئی لالو آپ وی گلوں اساکو وی گالو

لفظي ترجمو: آءُ ڀاءُ لالُو! پاڻ به تباھ ٿيو آھين، اسان کي به ڪر

معنيٰ: ڪنھن گمراھ رھبر يا نادان دوست لاءِ ائين مثال ڏبو آھي.



یاری بہرحال تے بسترا انج و انج/ یاری بہرحال تے پھلکا ہوٹل تے

لفظي ترجمو: دوستي پنھنجي جاءِ تي پر ھر ڪنھن جو ھنڌ بسترو جدا. دوستي پنھنجي جاءِ تي پر ماني ھوٽل تي.

معنيٰ: جيڪڏھن ڪير وڏو زور ڀري ته ائين چئبو آھي. يا چئبو آھي؛ کائڻ مھل گڏ، سمھڻ مھل مسيت ۾.



اماں ڑی اماں ڈینڑ آئی

لفظي ترجمو: امڙ ڙي امڙ! ڏائڻ آئي!

معنيٰ: ڪنھن جي بد صورتيءَ بابت ائين نسبت ڏيندا آھن.



بے حیا دا گھیو وٹیج پیا- اوں نے آکھا رکھا چا کھاسوں

لفظي ترجمو: بي حياءَ جو گيھ ھارجي پيو. چيائين؛ رکو ئي کڻي کائيندس.

معنيٰ: جنھن کي شرم حياءُ نه ھجي، تنھن لاءِ جھڙي برائي تھڙي ڀلائي.



اُٹھ بڈھا تھیا پر مُترن نہ آیا

لفظي ترجمو: اٺ پوڙھو ٿيو، پر مٽڻ ڪو نه سکيو.

معنيٰ: جاھل ڀلي ڪيڏو وڏو ماڻھو ٿئي پر اٿڻ ويھڻ جا آداب نه سکندو.



شکاری دے شکار دا ٹیم تے کتی دے ہنگن دا ٹیم

لفظي ترجمو: شڪاريءَ جي شڪار جو ٽائيم، ڪتيءَ جي ھنگڻ جو ٽائيم. ۲. شڪار نڪتو، ڪتيءَ کي ھنگڻ آيو.

معنيٰ: جيڪو صحيح وقت تي غلط ڪم ڪري تنھن لاءِ ائين مثال ڏبو آھي. ۲. شڪار وقت، ڪتيءَ کي ھنگڻ اچي. ۳. نڀاڳي مڱڻھار کي، گھور مھل ٽورو اچي.



ٹُر نہ سگے آپ تے لعنت گوڈیں تے

لفظي ترجمو: پنڌ پاڻ کان نه پڄي، لک لعنت گوڏن تي.

معنيٰ: پنھنجي سستيءَ جو الزام ٻئي تي ھڻڻ واري کي ٽوڪ طور ائين چئبو آھي.



جلدی تے اگوں ٹوئے

لفظي ترجمو: تڪڙ، کڏ ۾ ڪيرائي.

معنيٰ: ۱. تڪڙي ڪتي، انڌا گلر. ۲. تڪڙ ڪم شيطان جو.



بانہہ بھنا کماندے دل بھنا نی کماندا

لفظي ترجمو: ٻانھن ڀڳو ڪمائي، دل ڀڳو نه ڪمائي.

معنيٰ: ھر ڪم جي ٿيڻ لاءِ، نيت جي سچائي کپي. ۲. ٻانھن ڀڳو ڪم ڪري، ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو ڪم نه ڪري. ۳. نيت کوٽي، عذر گھڻا.



 گھوڑی چھاں تلے بدھو

لفظي ترجمو: گھوڙو ڇانءَ ھيٺ ٻڌ!

معنيٰ: ان ڪم لاءِ مثال طور ائين چئبو آھي، جنھن جي ٿيڻ جي اميد ئي نه ھجي. ۲. ھونئن سائين آن، مرشد آن، پر گھوڙي واڙ کان ٻاھر ٻڌ. ۳. ھونئن سائين آن، مرشد آن، پر ڪرٽي وڍيي ته وڍيو پيو ھوندين.



شیں بُکھ مرے، دربھ مول نہ چرے-

لفظي ترجمو: شينھن بک مري، ڊڀ نه چري.

معنيٰ: خانداني ماڻھوءَ تي ڪيترو به ڏکيو وقت اچي، ليڪن اخلاق کان نه ويندو. ۲. خانداني ماڻھو، تنگ دستيءَ ۾ گذارو ڪري ويندو پر اخلاق کان ڪريل حرڪت نه ڪندو.



دھمی ویلے ملاں کرے پکار، یا رب سائیں کوئی چوکھا مار

لفظي ترجمو: صبح جو سوير، ملو اٿي الله کان گھري دعا؛ ڪو ڊِنگ مار!

معنيٰ: ۱. پنھنجي پيٽ خاطر، ٻين جو موت طلبڻ. ۲. مروان موت، ملوڪان شڪار.



دشمن دی کندھ ڈھاوے، بھانویں اپنے اتے آوے

لفظي ترجمو: دشمن جي گھر جي ڀت ڪيراءِ، پوءِ ڀلي مون مٿان ئي ڪيراءِ.

معنيٰ: منھنجي ٻار سڙي ته پوءِ سڀني جي سڙي. ۲. دشمن جو نقصان ٿئي پوءِ ڀل منھنجو به ڇو نه ٿئي.



گھر دا پیر چُلہہ دا وٹا

لفظي ترجمو: گھر جو پير، چلھ جو مارنگ.

معنيٰ: وٹا؛ وٽ پچائڻ لاءِ ڀتر. ۲. گھر جي مرغي، دال برابر. ۳. پنھنجن تي اک نه ٻڏندي آھي.



گھر اچ اٹا نہیں، پھلکے میڈے شوخ پکاویں

لفظي ترجمو: گھر ۾ اٽو نه لڀي، چي؛ منھنجي ماني ٿلھيرڙي پائجانءِ!

معنيٰ: اڻوڻندڙ فرمائش ڪرڻ واري لاءِ چٿر. ۲. گھر ۾ ڪڻو نه لڀي، چي؛ ”امان وئي آھي پنبڻ پيھڻ.“



آپ لڑھدی گئی، بناں کوں متیں دیندی گئی

لفظي ترجمو: پاڻ ٻڏندي وڃي، ٻين کي مت ڏيندي وڃي.

معني: ۱. پاڻ عمل نه ڪري، ٻين تي زور ڀري. ۲. اور را نصحیت خود را فضحیت (فارسي)



ماسی تَگاں، تیڈیاں رگاں، بجھ نہ سَگاں

لفظي ترجمو: ماسي تڳان! تنھنجون رڳان، مان نه سمجھان!

معنيٰ: تڳان؛ ھڪ عورت جو نالو. ۲. ماسي! تنھنجون شيطانگيريءَ واريون حرڪتون اسان جي سمجھ کان چڙھيل آھن. ۳. چاچي به ڪوٺڻ، چھنڊي به پائڻ.



ما مَلے مسافراں دا اٹا، پتر کچھاں مارے

لفظي ترجمو: ماءُ ڳوھي مسافرن لاءِ اٽو، پٽ بگليون ھڻي.

معنيٰ: پرائي دھلين احمق نچي. ۲. ٻين جي خوشبختيءَ تي خوامخواھ دھلاري نه ٿجي.



ما مولی پیو پیاز، پتر جمیا شاہنواز/ ماں لنڈی پیو کانڑا، پتر موتی دا دانڑا

لفظي ترجمو: ماءُ موري، پيءُ پياز، پٽ جو نالو شاھنواز./ ماءُ لُنڊي (پُڇَ-ڪٽي)، پيءُ ڪاڻو، پٽ موتيءَ جو داڻو.

معنيٰ: ماءُ موري، پيءُ بصر، پٽ ٻنھي کان ڪسر. ۲. ماءُ ايلي، پيءُ تيلي، پٽ شاخ زعفران. ۳. ماءُ مھاڻي پيءُ دوراني، پٽ فتح خان.



ما دھی نہ کرے، دھی ہنگ ہنگ گھگری بھرے

لفظي ترجمو: ماءُ، ڌيءُ ئي نه ڪري، ڌيءُ ھنگي ھنگي گگھو ڀري.

معنيٰ: ماءُ ڌيءُ کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ڌيءُ ويٺي ناٽ نخرا ڪري گند ڪري. ۲. جڏھن ھڪڙو ڳالھائڻ لاءِ تيار نه ھجي ۽ ٻيو ڳراٽڙيون پائڻ لاءِ پيو واجھ وجھي، تڏھن ائين چئي مٿس چٿر ڪبي آھي.



ماں مر گئی پھوسیاں چنڑدے، دھی دا ناں بخت بھری

لفظي ترجمو: ماءُ ڇيڻا ميڙيندي مري، ڌيءُ جو نالو بخت ڀري.

معنيٰ: نالي جي برعڪس افعال ھئڻ. ۲. ماءُ بٺارڻ، پٽ فتح خان. ۳. ماءُ مري بکي ڏکي، ڌيءُ جو نالو ڏھي.



اُٹھ نا رُنے، بورے رُو پئے

لفظي ترجمو: اٺ نه رٺا ٻورا رٺا.

معنيٰ: ناحق ٻئي جي ريس ۾ رڙيون ڪرڻ. ۲. اٺ نه رٺا ٻورا رٺا، پاءَ ڪتيندي ٽي پاءَ کٽا.



یا ڈھیہدے کوں حیا، یا ھنگدے کوں حیا

لفظي ترجمو: يا ڏسندڙ کي حياءُ اچي، يا ھنگندڙ کي حياءُ اچي.

معنيٰ: جڏھن ڪو بڇڙو ڪم ٿيندي ڏسبو آھي تڏھن ائين مثال ڏبو آھي. ۲. اگر ھنگندڙ کي حياءُ نه ٿو اچي ته پوءِ ڏسندڙ کي حياءُ ڪرڻ گھرجي.



ذات دی کِرڑی، شہتیر نال جپھے

لفظي ترجمو: ذات جي ڪرڙي، ڇھتيرن سان ڀاڪر.

معنيٰ: ڪم ظرف جڏھن پنھنجي وت کان مٿي وڏو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، تڏھن کيس ائين چئي ٽوڪبو آھي. ۲. ذات جي ڪمي، چي؛ مان خواجه خضر جي پوٽي.



سائیں جانینڑ تے بلائیں جانینڑ

لفظي ترجمو: سائين ڄاڻي ته ڳائين ڄاڻي.

معنيٰ: پرائي ڦهي ۾ ٽنگ نه اڙائجي. ۲. ھيءَ ڄاڻي ته ھوءَ ڄاڻي، تون ويٺي اٽو پينھ.



کالی کتی در کھڑ کایا، ملاں آکھیا حلوہ آیا

لفظي ترجمو: ڪاريءَ ڪتيءَ نوسي در کڙڪايو، ملان سمجھيو حلوو آ آيو.

معنيٰ: ۱. ساوڻ جي انڌي کي رڳو ساواڻ ئي ساواڻ پئي سُجھندي آ. ۲. ٻڪريءَ کي ساھ جي، ڪاسائيءَ کي ماھ جي.



لاتھی شے آوے کم، بھاویں ہووے گوہ دا چم

لفظي ترجمو: لٿل شيءِ اچي ڪم، توڙي ھجي ڳوھ جو چم.

معنيٰ: رکيل شيءِ ڪم اچي. ۲. کڏ! چي؛ جيءُ سڏ!



چھج تاں الاوے، پرون کیوں الاوے جیکوں نو سے ٹنگ ہن

لفظي ترجمو: ڇڄ پڏي، پرڻ ڇو پڏي جنھن ۾ سؤ ٽُنگَ.

معنيٰ: پاڪباز اگر تنقيد ڪري ته وري به ٺھي ٿو، گنھگار آڱر به کڻي ته کيس جڳائي نه ٿو.



جلے دے آرائیں۔ اوہو چور تے اوہو سائیں

لفظي ترجمو: جلي جا آرائين، پاڻ ئي چور، پاڻ ئي سائين.

معنيٰ: جلو؛ ھڪ ڳوٺ يا چڪ جو نالو. ۲. جڏھن نقصان، گھر جو ڀيدي ڪري تڏھن ائين چئبو آھي. ۳. گھنيي راڌي، گھنيي کاڌي، اڃا ئي گھنيو فريادي.





(انٽرنيٽ تي رکيل علي حسان جي بلاگ ”اس طرف سے“ تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment