Thursday, February 4, 2016

سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي!

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

هيءُ هڪ مشهور پهاڪو آهي ته ”سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي“ معنيٰ ته چڱي صحبت ۾ فائدو ۽ بريءَ صحبت مان نقصان حاصل ٿئي ٿو.



هن وشال جيون کي گهارڻ ۾ ماڻهوءَ تي ڪئين لاهيون چاڙهيون اچن ٿيون. هونئن به هن ”حيوان ناطق“ يعني انسان کي پنهنجي دل جو حال اورڻ لاءِ ڪنهن پرخلوص، وفادار ۽ همدرد ساٿيءَ جي ضرورت رهي ٿي، جنهن جي ڪلهي تي مٿو رکي هو پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ۽ ڏک سک اوري سگهي. انساني فطرت مطابق، سندس مٽي محبت جي جذبي مان ڳوهيل آهي، ان ڪري هو چاهي ٿو ته ساڻس محبت ڪئي وڃي ۽ هو پاڻ به ڪنهن سان محبت ڪري. دوستيءَ جو رشتو انهيءَ محبت جو هڪ روپ آهي، هر ماڻهو پنهنجي ڪنهن هم مزاج، هم خيال ۽ هم ڪردار سان دوستي ڪندو آهي. دوستي پائيدار به تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن منجهس هم خيالي ۽ وفاداري مشروط هجي. هي هڪ روحاني رشتو آهي، جيڪو دنيا جي وجود ۾ اچڻ سان ئي قائم ٿيو آهي. گهڻن سان دوستي، دوستي نه آهي بلڪ ميل ميلاپ ۽ خوش مزاجيءَ جو هڪ حصو آهي. ”ماڻهو، ماڻهوءَ جو کاڄ آهي.“ انهيءَ ڪري ميل ميلاپ ۽ اچ وڃ ته قائم رهندي آهي پر دوستي فقط ڪجهه خاص شخصن سان ئي هوندي آهي.

شاهه ڀٽائيءَ، دوستيءَ جي معيار کي هن ريت واضح ڪيو آهي، فرمائين ٿا ته:

دل جو دلبر هيڪڙو، گهڻا تان نه ڪجن،

دل ڀي ڏجي هڪ کي، توڙي سو سڪن،

سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي.

هاڻي ڏسجي ته دوستيءَ جو معيار ڇا آهي؟ ڪهڙيءَ ريت سنگ تاري ٿو ۽ ڪسنگ ٻوڙي ٿو؟ سٺو سنگتي ڪير ٿو سڏائي؟ سنڌي ٻوليءَ ۾ سنگت يا دوستيءَ جي باري ۾ ڏاهن ۽ سياڻن چوڻيون ۽ پهاڪا تمام ڪارائتا بيان ڪيا آهن، جن مان اندازو ٿئي ٿو ۽ رهنمائي ٿئي ٿي ته ڪهڙن سان سنگت رکڻ گهرجي؟ اها به حقيقت آهي ته سنگت جو اثر ماڻهوءَ تي تمام گهڻو ٿيندو آهي. چوندا آهن ته ”گدري کي ڏسي گدرو رنگ پڪڙيندو آهي.“ يا ”جهڙو سنگ، تهڙو رنگ“ وانگر چڱي يا بري دوستيءَ جا اثر ماڻهوءَ تي ضررو ٿيندا آهن.

سٺو ۽ شانائتو دوست، اهو آهي جيڪو پنهنجي جيس مان هجي، يعني ”صحبت ڪجي، پنهنجي جيس سان“ دوستي گهڻو ڪري هم عمري، هم مزاجي، هم اخلاقي ته هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ماڻهو دوکو به کائي وڃي ٿو. انهيءَ لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ”ماڻهوءَ جي من جي ۽ ڪاٺيءَ جي اندر جي خدا کي خبر.“ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن تي ايڏا ته بصر جي کلن وانگر تهه چڙهيل هوندا آهن جو کوٽي ۽ کري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهندي آهي. شاهه سائين اهڙن لاءِ فرمائي ٿو ته:

صورت گهڻو سهڻا، ٽاڻا سندن ٽوهه،

ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.

ڪڏهن ڪڏهن سنگت جي ساٿ کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ، ماڻهو مصلحتاً برائيءَ تي دوستن کي ڪجهه نه چوندا آهن. کڻي جو هو ساڻن برين عادتن ۾ شامل نه به هجن، پر ظاهر آهي ماڻهو پنهنجي ساٿ ۽ سنگت سان ئي سڃاتو ويندو آهي ۽ ”هيريي جي هير ته ٽنگ ڀڳي به نه لهندي آهي“ بيشڪ کڻي چئجي ته ”يار جي ياريءَ سان ڪم سندس فعلن سان ڪهڙو ڪم“ پر ائين نه آهي. ”ڪسنگتيءَ جو هر فعل نقصانڪار ئي هوندو آهي ۽ ڪسنگن جي سنگت هميشه ٻوڙيندي آهي.“

ڄَٽَ سندي دوستي، ڪَکَنِ سندي باهه،

اول ڪري سوجهرو، پوءِ ڪري اونداهه.

نادان، نه سمجهندڙ ۽ هوڏي دوست کان ته دانا دشمن ڀلو، جنهن جي دشمنيءَ ۾ پڻ ڪارائتي تنبيهه ۽ سندس عقل ۽ سمجهه سبب ڪي لاڀ ملي ٿو. هن شعر موجب ته:

بيوقوفُ بازار ۾ دوست نه کڻج ساڻ،

پهرين ڪُٽائي پاڻ، پوءِ لهي سار سنگت جي.

سو ڪوڙو، بيوقوف ۽ نادان دوست ته انهيءَ سج وانگر آهي، ”جيڪو اڀرندي نه تاءُ ڪندو سو لهندي ڪهڙو ڪندو“ اهڙي مان ڪڏهن به هڙ حاصل ناهي ٿيندي، بهتر آهي ته کانئس پاسو ڪجي.

هيءَ زندگي ”هڪ سج ٻه پاڇا آهي“. ”ماڻهو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾“ وقت سدائين ساڳيو نه آهي، دوست اهو جيڪو مهل ملهائي، چوندا آهن ”ڪم پوي ته ڪل پوي“ بي وفا دوست جو مثال ته ائين آهي جيئن ”ڍنڍ جو پکي ڪڏهن هِن ڪپ تي ته ڪڏهن هُن ڪپ تي“. شاهه ڪريم سچن ۽ ڪوڙن دوستن جي فرق کي هن ريت بيان ڪيو آهي:

ورسا سچي ويڙهه، جنهن ۾ سڄڻ هيڪڙو،

سو ماڳ ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪُماڙهئين.

دوستي آهي برداشت، قرباني ۽ محبت جو رشتو، سنگت ۾ وفاداري، جان ۽ مال جي قرباني کپي، من ۽ تن جي تياڳ کپي، اهڙا مانجهي مڙس اڄڪلهه جي مطلب پرست دور ۾ ناياب آهن.

ڪي اوڏائي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين،

ڪي سَنڀرجن نه ڪڏهِين، ڪي نه وِسَرَنِ مُورِ،

جيئن مينهن ڪنڍيءَ پُورِ، تيئن دوسَ وراڪو دل سِين.

سنگتي معنيٰ ”ساهه ڏيڻ وارو.“ هي اعتبار جو هڪ عظيم رشتو آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اڄڪلهه عام طور ماڻهو جلدي هڪ ٻئي مان تنگ ٿي ٿا وڃن، جنهن جو وڏو سبب ماده پرستيءَ جو وڌندر رجحان آهي. نوان محبتي مليا ته پراڻا قرب وارا هڪدم دل تان لهي ويا، سو ”اکين لڳا لونگ جعفر ويا وسري“ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، اسان ڪنهن تي اعتبار ڪري کيس مانُ ڏيئي مٿانهون ڪندا آهيون، اهو ئي اسان جي رستي جي رڪاوٽ بڻبو آهي. تڏهن ڏک ٿيندو آهي ته اهڙي بي وڙي انسان سان وڙ ڇو ڪيوسين. مٿس اثر ئي ڪونه ٿيو. هو احسانمند ٿيڻ بجاءِ اٽلو گلي پئجي ويو. اهو ائين ٿيو ڄڻ ”چڱائيءَ کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا.

ائين فقط اهڙين حالتن ۾ ٿيندو آهي جڏهن هڪ دوست ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچي وري اقتدار تان لهي ويندو آهي ۽ کانئس ننڍيءَ حيثيت وارا دوست ڪم لٿي کانپوءِ کيس سڃاڻندا به ڪونهن. ان ڪري ئي سياڻن جو چوڻ آهي ته ”دوستي اهڙو رشتو آهي؛ جيڪو لڳي ته لک لھي، ٽُٽي ته ٽڪو نه لهي.“

جڏهن دنيا ۾ سچو دوست ڪونهي، تڏهن سمجهدار ماڻهو، الله پاڪ سان، قرآن پاڪ سان، علم و ادب سان ۽ پنهنجي ڪيريئر سان دل لڳائي، هن مادي دنيا جي ڪوڙي دوستيءَ ۽ ڪوڙين رسم و رواجن مان نڪري ايندا آهن.

شاگردن لاءِ به ضروري آهي ته هو نيڪ ۽ ذهين شاگردن سان دوستي ڪن ته کين ڪجهه حاصل ٿئي. پنهنجي والدين کي خير خواهه سمجهي، ساڻن فرمانبرداريءَ سان گڏ دوستانه رويو رکن. پنهنجا ڏک سک ۽ مسئلا شيئر ڪري، مهربان استادن کي پنهنجو همدرد سمجهي، کانئن ڊڄڻ بجاءِ رهنمائي وٺن ته شايد کين گهڻي دوستيءَ جي ڪمي محسوس نه ٿئي.

حاصل مطلب ته سنگت جيترو پيارو ۽ سٺو رشتو آهي، اڄ جي دور ۾ انهيءَ کي ايترو نڀايو نٿو وڃي. شايد ماڻهن مان محبت موڪلائي ويئي آهي يا هر قدر وانگر هن مشيني دور ۾ اسان جا اهي رشتن ۽ صحبتن جا قدر به موڪلائيندا پيا وڃن. بهرحال اڃا به ڪي ڪلجڳ ۾ آهن ڪاپڙي“ وانگر سچا ۽ بي غرض انسان موجود آهن. بس چڱو دوست اهو آهي جيڪو دوست جو ڀلو چاهيندڙ هجي ۽ کانئس مرتبي، حيثيت ۽ لياقت سبب نه ڊڄي بلڪه سچو خير خواهه ٿي کيس غلط ڪم تي تنبيهه ڪري جو ”ٻانهياريءَ جو بُجو به سونو“ وانگر چڱي ماڻهوءَ جي تنبيهه به چڱي ۽ فائديمند آهي. باقي سٺي سنگت جو ساٿ شل سدائين قائم هجي. بريءَ کان رب بچائي.

هنجھن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهاريين،

ٻگهن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.

No comments:

Post a Comment