Wednesday, January 27, 2016

سنڌي ادب ۾ اصطلاحن جو استعمال - مجاھد حسين سولنگي

سنڌي ادب ۾ اصطلاحن جو استعمال
مجاھد حسين سولنگي
ٻوليءَ جي اهميت، ڪارج، خوبين ۽ خاصيتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ هڪ بھترين تشبيهه وڻ جي آهي، جيئن وڻ لاءِ ٻج، پاڙ، ٿڙ، پن، ٽاري، گل ۽ ميوو. جھڙيءَ ريت ٻوٽي جي بيان ۽ تشريح لاءِ علمِ نباتات، علمِ ڪيميا ۽ علم الارضيات وغيره جي مطالعي ۽ مشاهدي جي ذريعي، ٻوٽي جو گهڻ پاسائون جائزو بيان ڪري سگهجي ٿو، بلڪل ساڳيءَ طرح ٻوليءَ ۾ ڪجهه اهڙن علمن ۽ ذيلي علمن جا گڏيل سرشتا سندس بيان ۽ تشريح لاءِ ڪتب آندا وڃن ٿا. انھن علمن ۾ علم اللسان، حياتيات، طبيعات، عمرانيات، نفسيات سان گڏوگڏ ذيلي لساني علم، علم صرف، علم نحو، علم معاني، علم عروض، علم بيان ۽ صنايع ۽ بدايع وغيره گڏجي ٻوليءَ جي وڻ جو گهڻ پاسائون تجزيو ڪن ٿا. ٻوليءَ جي اهڙي رنگين جھان ۾ علم ڪلام جو سدا بھار وڻ به شامل آهي، جنھن ۾ ڪلام (ٻولي) جي سونھن، سندرتا، سٺي سڀاءَ ۽ حسن بيان جا بي بھا گل ڦل موجود آهن، جن سان ڪو به انسان پنھنجي ڪلام جي باغ کي ڪمال تائين پھچائي سگهي ٿو. علم ڪلام جا اهي بي بھا گل ڦل ۽ ميوا علم نحو، علم صرف، علم معاني، فصاحت، بلاغت، سلاست، صنايع، بدايع، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، محاورا، ورجيسيون ۽ ترڪيبون وغيره آهن، جيڪي ڪلام جي حسن ڪمال لاءِ ڳهه آهن. اڃا جيڪڏهن ڪلام ۾ موزونيت، جوش، جذبو، اثر، وزن پيدا ڪرڻو هجي يا وري راز نياز، ڳجهه ڳوهه ۾ بيان ڪرڻو هجي ته پوءِ علم معاني ۽ ان ۾ ڦير پيدا ڪندڙ اصطلاح، محاورا، ڪنايا، استعارا ۽ تشبيھون وغيره نظر ۾ رکڻيون پونديون آهن.


ڪلام ۾ ڦيرڦار، سلوڻائپ ۽ ڳوڙهائپ جو مدار گرداني ڦيري، ترنمي فرق ۽ اصطلاحي معنى سان ايندو آهي. اسان هتي فقط ڪلام ۾ اصطلاحي يا محاوراتي ڦيري کي ئي تجزئي ۾ آڻينداسين، ته ڪيئن اصطلاح يا محاورا ڪلام جي معنى ۾ ڦيرو آڻيندي، ان کي فصيح ۽ بليغ بڻائي، ان جي حسن ۾ واڌارو آڻيندي، صاحب ڪلام کي باڪمال ۽ سخنور بڻائي ڇڏين ٿا. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي نثر ۽ ڪلام ۾ اصطلاحن يا محاوري جي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اميد ته اهل علم ۽ علم و ادب جي شوقينن وٽ قبول پوندي.
محاورو ۽ اصطلاح ٻئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جيڪي فارسي ۾ به ڪتب ايندا آهن. اُهي لفظ پوءِ اردو، سنڌي، هندي، پنجابي، ڪشميري ۽ ٻين ٻولين ۾ به مروج ٿي ويا آهن. محاوري لفظ جو عربي۲ ۾ اچار آهي: محاوره، اهو ’حاور‘ يا ’حور‘ فعل مان نڪتو آهي، جنھن جو مطلب موٽائڻ، ورندي ڏيڻ، وستار (وڌاءُ، اپٽار) ٿي ويو آهي.
جان ٽي پلاٽس جو حوالو ڏيندي، مرليڌر جيٽلي انھيءَ لفظ جون معنائون، اردو ۽ هندي ڊڪشنري ۾ ڏنيون آهن: گفتگو، ڳالهه ٻولهه، اصطلاحي لفظي ميڙ، عام ڳالهه ٻولهه جو طريقو وغيره.
محاورو=عربي ٻوليءَ جي حور مان جڙيو آهي، جنھن جي معنى آهي: هُن ورائي چيو، گفتگو، ڳالهه ٻولهه ۽ علم نحو موجب؛ ”اهو جملو جنھن جي لفظي هڪڙي هجي ته ڪنايتي معنى ٻي هجي.“ (۱)
اصطلاح= ڪنھن ڌنڌي يا فن جو لفظ، ورجيس. (۲)
ورجيس = ورج = رسم، رواج، دستور. اصطلاح موجب جنھن جي لفظي معنى هڪڙي آهي ۽ رواج موجب ٻي. (۳)
آڪسفورڊ ايڊوانس لرنرس ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته:
“Idiom A group of words whose meaning is different from the meaning of the individual words.” (۴)
نياز سرڪي، ورجيس جي معنى ۽ وصف بابت لکي ٿو: ”ورجيس جي معنى اها محاوراتي ٻولي آهي، جيڪا حفاظت، هار سينگار ۽ ٺاهه ٺوهه جي عمدي لباس ۾ آراسته هجي ۽ پنھنجو مقصد هر ماڻهو پنھنجي مرضيءَ سان استعمال ڪري سگھي. ورجيس جو ٻيو نالو اصطلاح آھي، جو معنيٰ مطابق مثالن ۽ چوڻين ۾ مفھوم به ورجيس مان ڦٽي نڪري ٿو. اهڙيون مختلف جڙاوتون ٻوليءَ جي سونھن ۽ زنيت ۾ واڌارو آڻين ٿيون. ورجيس اهڙو لسانيات جو استعمال آهي جيڪو اکري معنى ۾ ڪتب ايندو آهي، پر اهو خاص روپ ۾ مروج ٿي ويندو آهي، جنھن ڪري ٻين مروج استعمالن وانگر ان کي ايڪائي وصف حاصل ٿي ويندي آهي. مطلب ته ان جي روپ ۾ اسين مرضيءَ سان ڦير گهير نٿا ڪري سگهون.“ (۵)
اصطلاحن ۽ محاورن جا لفظ بلڪل مختصر ۽ ننڍڙا ته هوندا آهن، پر انھن جي معنى ۽ مطلب جو دائرو نھايت وسيع ۽ ڪشادو هوندو آهي، يعني اهي مخصوص معنى جا محتاج نه هوندا آهن. اهڙا لفظ انساني زندگيءَ جي روزمره جي ماحول سان لاڳاپيل هوندا آهن، جنھن ڪري ٻولي، ادب، تاريخ، تمدن ۽ ثقافت جو سگهارو سرمايو ۽ لغتي لحاظ کان ڪي الڳ معنائون رکندڙ هوندا آهن ته ٻئي طرف تشبيھن، استعارن ۽ ڪناين ۾ ٻي معنى رکندا آهن. اهڙيون معنائون انساني روزمره جي زندگيءَ ۾ سماجياتي ڪردار به ادا ڪن ٿيون. سندن استعمال جي ڪري بيان ۾ جيڪا فصاحت ۽ بلاغت پيدا ٿيندي آهي، اُها پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ تي سٺو اثر ڇڏيندي آهي. اها ٻوليءَ جي نزاڪت، سونھن ۽ سوڀيا آهي. اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ محاورن، خوش ڪلامي، رونق ڀريي ماحول جوڙڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي. مجموعي طور ائين کڻي چئجي ته؛ محاورا ٻوليءَ ۽ ادب جي سينگار جو سونھن ڀريو سامان مھيا ڪن ٿا.
مثال: ڇا تي ٿو ڏند ڪرٽين؟
هن جملي ۾ ”ڏند ڪرٽڻ“ هڪ محاورو آهي، جنھن جو مطلب آهي ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻ. جنھن شخص کي هي لفظ چيا وڃن ٿا اُهو حقيقي طرح يا سچ پچ ۾ ڏند ڪرٽيندو آهي، تنھن ڪري اکري معنى ۾ رڪاوٽ پوڻ سببان پوءِ ٻي معنى کڻون ٿا جيڪا آهي ڪاوڙ ڪرڻ. اها ڳالهه مخاطب کي ذهني طاقت سان معلوم ٿي ويندي آهي، جنھن جو مقصد ناراضگيءَ جي انتھا ظاهر ٿيڻ آهي، يعني هو بلڪل چِڙَ ۾ آهي. ورجيسي لفظ سوچ، ويچار، عقل ۽ دانش سان ٽمٽار هوندا آهن، جيڪي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ نمائندگيءَ سان گڏ هدايت ۽ نصيحت جو ڪردار پڻ نڀائيندا آهن.
سنڌي ٻولي به اصطلاحي ذخيري سان مالا مال آهي ۽ منجھس ڪنھن شيءِ جي به کوٽي ڪا نه آهي. پر سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۾ اضافو آڻڻ لاءِ اسان ڪجهه مثال قرآن شريف مان کڻڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ان جو اصل مقصد آهي ته محاورا قرآن شريف ۾ پڻ استعمال ٿيل آهن، جن مان اصطلاحن جي اهميت، ماهيت ۽ ڪارج جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. يعني اصطلاحن جو ادبي ۽ علمي ڪارج، نھايت گھرو ۽ جامع آهي.
لا يستطيعون حيلة (النساءِ  آيت ۹۸)
يعني
بي وس هئڻ / سھارو نه هئڻ.
فمن شآءَ ذڪره (عبس ۱۲- پ ۳۰)
يعني
دل گهرڻ
فالف بين قلوبڪم (آل عمران-۱۰۳ پ ۴)
يعني
پيار جا پيچ وجهڻ، جيءُ جڙڻ.

ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهر لَپيٽيو،
تيئن منھنجو جيءُ جڙي، سپيريان سوگهو ڪيو. (۶)

قرآن شريف ته الاهي ڪلام آهي جنھن سان ڪا به ڀيٽ نه آهي، جيڪو انساني لکڻين جي سڀني اصولن کان مٿانھون آهي، پر ٻوليءَ ۾ اصطلاحن جي ڪارج جو اندازو لڳائڻ آهي ته جيئن محاورن ۽ اصطلاحن سان قرآن شريف جي ٻوليءَ ۾ لفظي ۽ معنوي سونھن، سوڀيا ۽ اثر پيدا ٿيل آهي، اهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاحن جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي شان ۽ شوڪت، سونھن ۽ سوڀيا ۾ اڻ ميو اضافو ڪيو آهي.
سنڌي ٻولي به ورجيسن ۽ اصطلاحن سان مالامال آهي. هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي اکٽ ڀنڊار ”شاهه جي ڪلام“ مان محاورن جي استعمال سان پيدا ٿيل رنگينيءَ جو رنگ ڏسون ٿا:
ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين، ستي ساهين هڏ،
صُباح ايندءِ اوچتي، عيد اگهاڙن گڏ،
جت سرتيون ڪندءِ سڏ، اتي سڪندينءَ سينگار کي. (۷)
”ڪتڻ جي نه ڪرڻ“
”عيد اگهاڙن گڏ اچڻ“
”سينگار کي سڪڻ.“
مُحبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تَنِ جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو. (۸)
”من ۾ محبت پائڻ“
”رنڊا روڙڻ“
”اڻ توريو اگهجڻ“
نظم ’دي ايبوٽ آف ڪينٽربري‘ ۾ شاعر، `to keep thy day’ جو اصطلاح پنھنجي شاعري ۾ هيٺئين نموني استعمال ڪيو آهي:
“Now welcome, sir abbot”, the king did say,
It is well thou art come back to keep thy day.”
ارنيسٽ هيمنگوي جي ڪھاڻي: ”پرديس ۾“، مترجم: رشيد ڀٽي، اصطلاحن جو ڀلي نموني استعمال ڪيو آهي، جنھن جا ٽڪرا پيش ڪجن ٿا:
”آءٌ وري انھيءَ ڇوڪري جي دوستيءَ جو دم ڀرڻ لڳس، جيڪو محاذ جي پھرئين ئي ڏينھن ٿڪجي پيو هو. هن کي پاڻ پنھنجي متعلق ڪو صحيح اندازو ٿي نه ٿي سگهيو ته هو اڳتي هلي ڪھڙا ڦاڙها ماري ها.“ (۹)
”اهي مشينون بلڪل نيون آهن ۽ اسان تي ئي آزمايون پيون وڃن. رڳو ٺڳيءَ جو ٺاهه آهي.“ (۱۰)
شبنم گل پنھنجي ڪھاڻي ”خالي هنج جو ڏک“ ۾ اصطلاح استعمال ڪندي لکي ٿي ته، ”ائي منھنجو ڪاشف ....................“ صوفيه جي اکين جي اڳيان انڌاري ڇانجي وئي.“ (۱۱)
مٿئين ڪھاڻيءَ جي ٽڪرن ۾ اصطلاحي ٻوليءَ جي سٻنڌ ڪھاڻيءَ جي بيھڪ، مقصد، مفھوم ۽ بيان کي زورائتو پيش ڪري رهيو آهي، جنھن حقيقت کي مڃڻ مجبوري بڻجي پوي ٿي ته هيمنگوي جي ڪھاڻي، جيڪا سنڌي ادب ۾ ترجمي جي وسيلي آئي آهي سا به اصطلاحن سان سينگاريل آهي. گڏوگڏ سنڌي ادب جون اصلوڪي ڪھاڻيون، ناول، ڊراما، سوانح عمريون، آتم ڪھاڻيون، شاعري يا اسان جي روزمره زندگيءَ ۾ جيڪي گفتا، ٻول يا ڪچھريون ٿين ٿيون، انھن ۾ به اصطلاحي ٻوليءَ جي خوشبو سنگهجي ٿي. مطلب ته اصطلاح ۽ محاورا ٻوليءَ جي سونھن جو وسيلو آهن، جيڪي دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ استعمال ٿين ٿا، جيڪو آفاقي قاعدو محسوس ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن عطا محمد حاميءَ جي تحقيقي ڪتاب: ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“ جو اڀياس ڪجي ٿو ته، اصطلاحي يا محاوراتي ٻوليءَ جو استعمال ڏسي، پڙهندڙ لطف ماڻي ٿو. حاميءَ جي نثر ۾ اصطلاحي حِظَ جو بھترين مثال ڏسو: ”........ تيستائين مير علي مراد کي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندو هو ۽ پنھنجو دلي دوست تصور ڪندو هو، پر پنھنجي ڪم ڪڍڻ کان پوءِ هن تي ڪَرڙي نظر رکيائين.“ (۱۲)
حاميءَ جي ٻئي هڪڙي مضمون ”راڻي پور جا پِير“ ۾ به اصطلاحن جي خوش اسلوبي نظر اچي رهي آهي. حامي لکي ٿو ته، ”...... پنھنجي وقت جي حاڪمن، عالمن ۽ پيرن فقيرن سان تمام سھڻو سلوڪ هوندو هو.“ (۱۳)
اصطلاحي ٻولي اهڙي آهي، جيڪا نثر ۽ نظم ۾ بنا ڪنھن فرق يا لفظي يا معنوي گهٽ وڌائيءَ جي ڪَرُ کنيو سونھن ۽ سندرتا جا هوڪا وڏي واڪي پئي ڏئي ته سنڌي ٻوليءَ جو سمورو علم ۽ ادب سڀني علمي خوبين سان ڀريل آهي، پوءِ ڇو نه شاهه جو ڪلام هجي يا ڪريم جون ڪويتائون هجن، ڏيپلائيءَ جو نثري ادب هجي يا قليچ جو فن ادب، جمال جو ڪمال هجي يا امر جليل جون امر ڪھاڻيون.
سنڌي شاعريءَ جي وسيع ترين دامن مان ڪي ٿورا مثال پيش ڪجن ٿا ۽ فقط شاعرن جي فن کي ڏسڻو آهي ته انھن پنھنجي شاعريءَ ۾ اصطلاحي ٻوليءَ کي استعمال ڪري، خيالن جي اظھار جو سگهارو ذريعو ڪيئن بڻايو آهي؟ شروعات ۾ عطا محمد حاميءَ جا ڪجهه شعر ڏجن ٿا:
نانگن جو نظر پير نه ايندو آهي،
بازن کي غزا غير نه ڏيندو آهي،
ٻٻرن کان ملي ٻير سگهن ٿا ليڪن،
مُلن جي هٿان خير نه ٿيندو آهي. (۱۴)
**
محبت ۾ مصيبت جا هزارين مرحلا ايندا،
ڪشالا ڪاٽبا ڏونگر ڏکن جا ڏورڻا پوندا،
سکائون باسبيون، پير تي پڙ وجهبا، چلا ڪڍبا،
سوين سڪ جا سڳا، تنھنجي ملڻ لئه سورڻا پوندا. (۱۵)
**
گهڻا مُنھن جا مٺڙا ۽ منٺار ماڻهو،
دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهو. (۱۶)
**
وڇڙندي ويندا وڌي ڏاڍا ڏچا،
پرچندي پوندا چڙهي پنھنجا ڳها.  (۱۷) ”ڳها چڙهڻ“
**
پنھنجا سوچي، ڏوهه ئي ڏڪندا رهيا،
ڏيهه ليڪن ڏند ٽيڙيندو ئي رهيو. (۱۸) ”ڏند ٽيڙڻ“
(امر اقبال)
نيپال جيئان هاڻي تحريڪ هتي هلندي،
ڪئين شاهه ٻڏي ويندا، ڪئين خان لڏي ويندا. (۱۹)
(محمد ٻارڻ)
ڪير تن کي وسائي سگهندو ڀلا،
جيڪي پنھنجن هٿان لڳيون آهن. (۲۰)
(انيس گل عباسي)
هر ڪو پنھنجي لئه هت جيئي پيو ٿو اي اياز،
پر ٻين جي لئه جيئڻ ۾ مزو ئي ٻيو اٿئي.
(اياز لاکير)
مون کي ارمان پراون جو نه آهي ڪوئي،
ڏک اهو آهي جو پنھنجو به پرايو نڪتو.
(احمد خان مدهوش)
من آ منھنجو جميل اصل کان ئي ميرو،
اندر جي سجاوي ڪجي به ته ڪيئن ڪجي.
(جميل خاصخيلي)
معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي شاعرن ۽ نثر نويسن پنھنجي تخليقن کي بامعنى بڻائڻ لاءِ اصطلاحن ۽ محاورن جو چڱو استعمال ڪيو آهي ۽ سنڌي ٻولي ڪنوار جيان سونھن، ڳھن ۽ سينگارن سان سينگاريل آهي، جنھن جا چِٽا پِٽا اهڃاڻ موجود آهن. تخليقڪارن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جھان کي رنگ برنگي ٻوٽن، پنن ۽ گلن سان سونھن بخشي آهي، تن ۾ محاورا ۽ اصطلاح پڻ آهن، جيڪي پنھنجي نوعيت جا رنگ ۽ حسن پيدا ڪندڙ لفظي ميڙ آهن، جنھن سان ڪلام ۾ ڪمال جي جامعيت اچي وئي آهي. ان سان گڏ اختصار جو انحصار به انھن ساڳين ئي اصطلاحن جي استعمال تي ئي آهي. حاص مقصد ته نثر-نويسي يا شاعريءَ جي ميٺاڄ جي ڪمال جو دارومدار ان جي استعمال ڪيل اصطلاحي ٻوليءَ تي آهي، ڇاڪاڻ ته رواجي معنى کان هٽي ڪري خاص معنى پيدا ڪرڻ، اصطلاحن ۽ محاورن جي ڪمال جو ئي جمال هوندو آهي.

حوالا:

1.     جيٽلي، مرليڌر، ”سنڌي پھاڪا ۽ محاورا“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو ٻيو، ۲۰۰۴ع، ص:۵۴.
2.     بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر؛ مرتب ”جامع سنڌي لغات“، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، جلد پھريون، ۱۹۹۵ع ص:۲۰۴.
3.     بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر؛ مرتب ”جامع سنڌي لغات“، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، جلد پنجون۱۹۸۱ع، ص:۲۹۳۹.
    4.A.S Horn by: Oxford advance learner’s dictionary: Oxford University Press: page 643: 2002.
5.     سرڪي، نياز؛ ”قرآن ۽ سنڌي ورجيسيون“، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، ۲۰۰۱ع، ص: ۱۴.
6.     بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر؛ ”شاهه جو رسالو“، علامه آءِ آءِ قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، پھريون ڇاپو، ۱۹۹۹ع، ص:۱۸۳.
7.     ساڳيو، ص:۲۳۶.
8.     ساڳيو، ص: ۲۳۸.
9.     ڀٽي، رشيد؛ مترجم، ”پرديس ۾“، (ڪھاڻي)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ٽه-ماھي مھراڻ: اپريل/ ۲۰۱۰ع، ص:۵۷-۵۸ .
10.ساڳيو.
11.گل، شبنم، (ڪھاڻي) ”خالي هنج جو ڏک“، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ٽه-ماھي مھراڻ ۲۰۱۰/۲ع، ص:۷۵ .
12.حامي، عطا محمد، ڊاڪٽر؛ ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ۱۹۹۴ع، ص: ۱۱۹
13.حامي، عطا محمد، ڊاڪٽر؛ مقالو، ”راڻيپور جا پير“، ٽه-ماھي مھراڻ، ۱۹۷۹ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص:۱۳۳ .
14.حداد، محمد علي؛ مرتب، ”حاميءَ جو ڪلام“،حامي يادگار ڪاميٽي، خيرپور، ۱۹۸۶ع، ص:۲۵۸ .
15.ساڳيو، ص: ۱۸۰.
16.ساڳيو، ص: ۱۸۹.
17. جويو، تاج، ”نيڻ مھٽي خيال جاڳيا“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ۱۹۹۳ع، ص:۶۳.
18.امر اقبال، ”ڇا رکيو آهي امر اقبال ۾“، پوپٽ پريس، خيرپور، ۲۰۰۹ع، ص:۳۱.
19.مشتاق ڦل؛ ايڊيٽر، محمد ٻارڻ، سنگت ۲۸، سنڌي ادبي سنگت سنڌ، ۲۰۱۱ع، ص:۱۷۰.
20. عباسي، انيس گل، سھڙيندڙ: ”وڻ وڻ پنھنجو واس“، ڪيڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، ۲۰۰۹ع، ص:۴۱، ۲۲، ۱۰۹ ۽ ۷۲.
*

”تحقيقي جرنل ڪلاچي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، جلد؛ پندرھون، شمارو؛ ٻيو، ڊسمبر ۲۰۱۲ع تان ٿورن سان کنيل.“


No comments:

Post a Comment