Friday, December 4, 2015

چوڻين جو استعمال - مٺل جسڪاڻي


چوڻين جو استعمال...

مٺل جسڪاڻي

چوڻين جو استعمال صحيح ٿيڻ گهرجي، نه ته انهن جي اهميت گهٽجي ۽ نيٺ ته ختم ٿي ويندي. مون کي سائين عبدالله جروار ڪجهه چوڻيون ياد ڏياريون. انهن تي مون طبع آزمائي ڪئي آهي. اوهان ڏسو، پڙهو، پنهنجي راءِ ڏيو، چوڻين جو ڪٿي غلط استعمال ته نه ٿيو آهي؟!

 ***


 جي ٿا ڪڇون،

 ڳالهايون ٿا سچ،

 ٻڪر ٻوساٽ ٿا ڪن،

 اڻ پڙهيل ڀي،

 لکيل پڙهيل ڀي،

 پنهنجا ڀي،

 پراوا ڀي،

 جي ٿا ڪڇون،

 ڳالهايون ٿا سچ،

 ٻڪر ٻوساٽ ٿا ڪن!

 ***

 اڌاري ڀاڄي،

 ڪنهن جي ڪم آئي،

 ڪنهن جي ڪم نه آئي،

 هاءِ ڙي اڌاري ڀاڄي!

 ***

 مڃيوسين گهڻو ئي،

 عمل به ڪيوسين،

 بچي پوءِ به انڌي جي لٺ،

 ٿي پئي سا ڏاڍي جي لٺ،

 ۽ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا،

 هڪ ته آهي منهنجو،

 ٻيو خبر ناهي ڪنهن جو؟!

 ***

 جنهن وٽ به هوندي،

 انڌ جي ڪمائي،

 انڌ جو گهوڙو،

 ڪڏهن نه ٿيندو پوڙهو!

 ***

 زندگي آهي:

 اڪ جي ماکي،

 جنهن به ڪئي،

 ڪوشش ماڻڻ جي،

 پيو يار ڏنگجي!

 ***

 منهنجي گهڙت به ٿي،

 پر يار اهڙي،

 جهڙو اڻ گهڙيو ڪاٺ آهيان،

 ڪٿي قبول نه ٿو پوان!

 ***

 گُڏو هجڻ گهرجي،

 اڳڙين جو ئي سهي،

 نه ته ويندي مند نڪري!

 ***

 اڪثريت ٿي ڪم آڻي،

 مون کان نه ٿيون پڄن،

 نه اوڀاريون،

 نه لهواريون!

 ***

 ڪاش!

 ڪاش هجان ها،

 آئون بہ،

 ڪنهن باغ جي مُوري!

 ڇو ته:

 منهنجي خيال ۾ هتي:

 کوڙيءَ کي گهمرو آهي،

 جي نه،

 ته به،

 اڪثريت اکين پور آهي!



 (سومر 21 جولاءِ 2014ع)

No comments:

Post a Comment