Wednesday, November 25, 2015

سنڌي لوڪ ادب جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق - هدايت پريم

سنڌي لوڪ ادب جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق
هدايت پريم

ادب توڻي لوڪ ادب جو ٻوليءَ سان تعلق اهڙو آهي، جهڙو چولي جو دامن سان. سنڌي لوڪ ادب پنهنجي معيار ۽ مقدار ۾ بيمثال آهي. ٻوليءَ جي اڀياس جي تاريخ تمام پراڻي آهي، بلڪ ان جو مثال قبل مسيح ۾ ننڍي کنڊ ۾ ڪيل پاڻنيءَ جي رچنا ”اشٺ اڌيائي“ سنسڪرت گرامر آهي. لوڪ ادب جي سرجڻ جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي، جيتري ٻوليءَ جي تاريخ. پر لوڪ ادب کي سهيڙڻ سموهڻ ۽ قلمبند ڪرڻ ۽ ان جي سائنسي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو چند صديون اڳ ٿيو آهي. ٻوليءَ جي سائنس يعني لسانيات جو واسطو صرف نحو، معنيات، صوتيات سان آهي، پر ان جو واسطو آرڪيالاجي، انٿراپالاجي، فلسفه، نفسيات، ادب ۽ لوڪ ادب سان به آهي.


لوڪ ادب جو لساني جائزو، لوڪ ادب جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو واڌارو سڌارو، لغت ۾ اضافو ۽ ٻوليءَ جي رنگينين جو اڀياس ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. سنڌي لوڪ ادب جو مطالعو ٻين ڪيترن ئي زاوين کان بخوبي ڪيو ويو آهي. لسانياتي طور ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي صاحب ”سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج“ مقالي ۾ لوڪ ادب جي سماجي ڪارج جي حوالي سان، سنڌي ٻوليءَ جي تعلق تي ڪجهه روشني وڌي آهي، جيڪو هڪ تحسين لائق ڪم آهي.
سنڌي لوڪ ادب جو وڏي ۾ وڏو مبلغ ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. لوڪ ادب جو مان مٿاهون ڪرڻ جو سهرو سندس سر تي ٿو سونهي. ڊاڪٽر بلوچ کان علاوه به ڪن عالمن لوڪ ادب جي باري ۾ پنهنجا زرين خيال پيش ڪيا آهن. جيرامداس دولترام، نارائڻ ڀارتيءَ جي ڪتاب ”لوڪ ڪهاڻيون“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ چوڻيون سڀ ڪنهن ٻوليءَ جي ساهت جو بي بها خزانو آهن. لوڪ ادب جي تخليق به جهجهي ٿي آهي. اهو ادب اڪثر ريت ڇپيو نه ويو آهي ته به سچو ساهت آهي. اڃا گهڻو تڻو وات وهيڻو آهي. ڪاغذ ۽ قلم سندس واهر نه بڻيا آهن پر هاڻي دنيا جي سڀني ملڪن ۾ لوڪ ساهت جو قدر وڌندڙ آهي ۽ لوڪ ساهت جا ڳڻ ڳاڻاٽي ۾ اچڻ لڳا آهن. هرهنڌ لوڪ ساهت قلمبند ٿيندو ٿو وڃي ۽ پنهنجي حقي پدوي پائيندو ٿو وڃي.(۱)
لوڪ ادب جو سرچشمو عوام آهي، جنهن جا سينا املهه ۽ الڀ خزانن جا امين آهن. عوام جي زندگي سادي تنهنڪري ٻول به سادا، عوام جو ماحول سادو تنهنڪري سندن خيال به سادا پر انهن سان ٻولي ۽ خيالن ۾ جا بلندي رهي ٿي سا سندن سياڻپ جو قوي دليل آهي. جيڪي به ٻول ٻوليندا، سو چٻي چٿي، ويچاري، ڳڻي پهي ۽ ٽلي سلي جنهن ۾ سندن روشن خيالي ۽ قوت مشاهده عالي ٻئي للڪاريندي. اهي پٺيءَ اگهاڙا پيرين پيادا، کُڙيءَ کِهه لڳل، ليڙن ليٽيل سادي قوت قرارا، جڏهن به صدري خزاني وارا موتي هاريندا تڏهن ٻڌندڙن دنگ رهجي ويندا ته سادي سيني مان ڪهڙا نه ملهه مهانگا موتي ملن ٿا. هرهڪ ملڪ جي ادب جو سينگار اهي ئي لوڪ ادب جا ماڻڪ موتي لعل آهن. (۲)
”هو جمالو“ ڪتاب ۾ نرائڻ ڀارتي لکي ٿو ته لوڪ ادب، ادب کان وڌيڪ آڳاٽو آهي، بلڪ الفابيٽ ٺهڻ کان به اڳ جو آهي. ساڳي وقت لوڪ ادب جي دنيا شهري چمڪ ڌمڪ کان ڪافي دور آهي. هميشہ کان لهرائيندڙ کيت، ڪوئل جو راڳ ۽ وسڻ کان اڳ بادلن جو گرجڻ اڄ تائين انسان جي دل من لاءِ راحت جو باعث آهي.(۳)
نارائڻ ڀارتيءَ جي خيال موجب لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ ٽئي اهم صنفون آهن. هو لکي ٿو:
نرتيه، گيت، ۽ ڪهاڻي، لوڪ جيون جي ٽمورتي آهي. اها ٽمورتي پراڻي هوندي به نئين آهي. نرتيه، گيت ۽ ڪهاڻي عوامي ادب جو نه فقط روح آهي پر سندس زبان ۽ دل پڻ آهن. آتما جا واڪ ۽ من آهن. لوڪ ڪٿائون جدا جدا روپن ۾ لوڪ جيون جا ڇاپا آهن، نقش آهن. شروع واري زماني کان وٺي اهي اسان سان گڏ آهن، اسان جي سک دک، پريت، وير ورورَ انهن سڀني گڏجي لوڪ ڪٿائن جو پس منظر ٺاهيو آهي. رهڻ ڪرڻ ريت رواج، ڌرمي وشواس ۽ پوڄا پاٺ، انهن سڀني مان ئي لوڪ ڪٿا جو ٺاٺ ٺهي ٿو. (۴)
لوڪ ادب لغت ٺاهڻ، لفظن جي معنائن ڳولهن جو هڪ بهترين ذريعو آهي. لوڪ ادب جي مختلف صنفن ۾ هرقسم جا لفظ ملي سگهندا. لفظن جون قديم صورتون، صرفي توڻي نحوي نباوتن جو پتو بخوبي پوي ٿو. لوڪ ادب جي اهم صنف ڳجهارت وسيلي سنڌ جي سڀيتا جي سڀني اهڃاڻن جهڙو ٻولي، اکر ڀنڊار، واقعن، قصن، سورمن، سورمين، ڌنڌن، ليکن، پوکن، پکين، ڪپڙن، نالن، ماڳن، مڪانن، گاهن هٿيارن پنهوارن، رڇن، وکرن، لوهن، ڪانن جو سڀ پاسائون چِٽُ اسان آڏو اجاگر ٿيندو ٿو وڃي. (۵)
صرف ڳجهارت ئي نه پر لوڪ ادب جون سموريون صنفون ڏکين لفظن جو مطلب سمجهائڻ ۾ ڪارگر آهن. ڏور هنر، ڳجهارت، معنيٰ ئي معنيٰ، لغت آهن. ڏور به معنيٰ ۽ تاريخ، لِڪ ۽ رمز، ڳجهارت به وندر عقل هوش ۽ ڏاهپ، هنر هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون ۽ گهڻين معنائن وارو هڪ لفظ- هنر ڏور ڳجهارت سڀ ٻوليءَ جي سونهن ۽ ساه جا ساکي آهن. پر سڄي ڳجهارت آهي ٻولي جو سفر (۶)
لغت جي ترتيب ڏيڻ ۾ لوڪ ادب ڪهڙي ريت مددگار ثابت ٿيو آهي. تنهن تي روشني وجهندي ڊاڪٽر ٻوهئي چيو آهي: اسان جي سماج جي اندر ۾ درياه شاه وهندي ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي ڍائيندي، آباد ۽ سکيو رکندي اسان جي ٻولي هلندي ويندي تان جو محبتن ۽ ميلاپن، ڏوراپن ۽ ويڻن، مهڻن ۽ مهميزن، رمزن ۽ رازن، ڏاهپ ۽ عقلن، طعنن ۽ ٽوڪن، حرفن ۽ حيفن، حقيقتن ۽ حڪمتن جا گفتا ٺهي ٺهي ٻوليءَ کي اٿاهه ۽ عميق سمنڊ جهڙو ڪري ڇڏيندا آهن. (۷)
لوڪ ادب کي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لغت جي اڻ کٽ کاڻ ڪري چيو آهي، ڇو ته لوڪ ادب عوام جو بهترين ترجمان آهي عوام جي ڳڻ ڳوت جو آئينو آهي، جنهن جا نمائندا عوام جا شاعر آهن. مطلب ته لوڪ ادب ۾ اڳين جي امانت سمايل آهي، جنهن ۾ اصليت ۽ صداقت آهي. جنهن کي ٻڌڻ سان دل کي راحت ۽ طبع کي فرحت اچيو وڃي. (۸)
ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو لغوي وسيلو هر حالت ۾ لوڪ ادب ٿئي ٿو. هي ڳالهه دنيا جي سڀني ٻولين سان واسطو رکي ٿي، جن کي پنهنجو لوڪ ادب آهي. اسان جو لوڪ ادب ته آهي ئي تمام شاهوڪار. (۹)
لوڪ ادب ذريعي ٻوليءَ جي خزاني کي محفوظ رکي سگهجي ٿو. اهڙي طرح لوڪ ادب کي ٻوليءَ جي حفاظت جو ضامن قرار ڏئي سگهجي ٿو. وقت جي وهڪري سان گڏ ٻولين ۾ صوتي، صوتياتي، حرفياتي، تبديليون واقع ٿين ٿيون. اهي تبديلون ڪڏهن ڪڏهن تڪڙيون به واقع ٿين ٿيون ۽ ٻولين ۾ بگاڙي جو سبب بڻجن ٿيون. ڪن مشهور ٻولين جهڙوڪ سنسڪرت، عربي ۽ عبراني وغيره ٻولين جي اصلوڪي ۽ محفوظ حالت ۾ رهڻ لاءِ جيڪي شعوري ڪوششون ودوانن، عالمن ۽ اسڪالرن ورتيون آهن تن لسانيات جي اصولن تي ٻولين جي صوتي، صوتياتي سرشتي کي صحيح طور بيان ڪري قلمبند ڪيو. اهڙي طرح ويدڪ سنسڪرت هندستان ۾ پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ پڙهي ۽ سمجهي وڃي ٿي. ۽ قرانڪ عربي قارين حافظن ۽ ٻين ديني عالمن وٽ بلڪل درست ۽ پنهنجن اصلوڪن آوازن سان پڙهي وڃي ٿي. جڏهن ته ٻيون ڪيتريون ٻوليون پنهنجي اصليت قائم رکي نه سگهيون. ايتري حد تائين جو ڪن حالتن ۾ ڪنهن ڌاري لساني قومن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ۽ اثرات قبول ڪندي ڪا ٻولي مڪمل طور ٻي ٻولي بڻجي وئي آهي. اهڙو مثال آفريڪان ٻوليءَ جو آهي جيڪا ڊچ اصل نسل جي آهي (۱۰)
لوڪ ادب جي صدري روايتن يعني سينه به سينه، لوڪ ڪهاڻيون، ڪٿائون، داستان نثري توڙي نظمي هڪ نسل کان ٻي نسل تائين ڪنهن حد تائين بوبهو منتقل ٿيندا آيا. اهڙي طرح سنڌي لوڪ ادب جي ڪري هزارها ورهين جي تاريخ ۾ سنڌي ٻولي لساني تبديلين جو موتمام شڪار نه ٿي آهي، پر ان ۾ تبديلين جر رفتار بيحد سست رهي آهي. ان جو سبب لوڪ ادب اڪثر صنفن ۾ دهر يعني Repetition به آهي. دهر جي ان عمل جي باري ۾ ”لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ،“ ڪتاب ۾ الهه بخش نظاماڻيءَ لکيو آهي:
لوڪ شاعريءَ جي ڪيترين صنفن ۾ ”دهر“ يعني دهرائڻ تمام گهڻو هوندو آهي، مثلاً لوڪ ڳيچ، مورو، ڇلو، هو جمالو وغيره. گيتن ۾ چند ماترائن تي مشتمل هڪ مصرع هوندي آهي، هر مصرع بعد وراڻي چئي ويندي آهي. انهيءَ لاءِ ته سندس نغمگي قائم رهي ۽ سنگيت جي سرن تي پوري اچي ۽ منجهس سر ۽ لئي جا سڀ تار سمائي سگهجن. دهر ۾ هن ڳالهه جو خيال رکيو ٿو وڃي ته جيئن انهيءَ جي ورجائڻ سان ٻڌندڙ هروڀرو بيزار يا ڪڪ نه ٿين. لوڪ گيتن ۾ دهر ان ڪري ٿو ملي جو لوڪ گيت گهڻو ڪري فقط زباني روايتن ڪري زنده آهي. وري وري دهرائڻ وارو عنصر اهڙي خوبي آهي جنهن جي بدولت انهي لوڪ گيت کي ياد ڪرڻ ۾ نهايت ئي آساني ٿئي ٿي.(۱۱)
ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي ته ائين به چئي ڏنو آهي ته سنڌي لوڪ ادب سنڌي ٻولي جي ئي نه، پر اسان جي ڪلچر جي حفاظت جو ڪم ڪيو آهي. اسان جي قومي، وطني، سماجي حيثيت کي برقرار رکڻ جو ڪم ڪيو آهي. (۱۲)
لوڪ ادب ٻوليءَ جي قدامت ۽ تاريخ تي ڀرپور روشني وجهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اصليت جي باري ۾ مختلف عالمن جي راين ۾ ڪجهه اختلاف آهن. سنڌو ماٿر جي سڀيتا وارن کنڊرن مان مليل مهرون ۽ ان تي اڪريل اکر سنڌ جي قديم ترين لکيت آهي. سنڌ و لکيت کي پڙهڻ وارين ڪوشش جو به ڪو خاطر خواه نتيجو سامهون نه آيو آهي. تنهنڪري آثار قديمه جون شاهديون سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اصليت ڳولهي لهڻ ۾ ناڪافي سمجهيون وڃن ٿيون. تنهن ڪري به لوڪ ادب مان ملندڙ سنڌي ٻوليءَ جا آڳاٽا نمونا هن ڏس ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ٻوليءَ جي تاريخ اصل ۾ ٻوليءَ ۾ آيل مختلف دورن ۾ مختلف لساني تبديلين جو اڀياس آهي. ٻوليءَ جي مختلف ارتقائي مرحلن جو اڀياس به ٻوليءَ جي تاريخ نويس جو فرض آهي. ٻوليءَ جي تاريخ لکڻ لاءِ سنڌي لوڪ ادب ڏانهن ئي واجهائڻو پوندو. ان سلسلي ۾ ٻه ڳالهيون بيحد اهم آهن. پهرين ماڻهن ۽ ماڳن مڪانن جي نالن جو لساني جائزو وٺڻ ۽ ٻي ڳجهارتن، پهاڪن، پرولين ۾ ڪم آيل سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٻين ٻولين سان تعلق جو اڀياس ڪرڻ.
نالن جي ٻوليائي اهميت تي روشني وجهندي ڊاڪٽر ٻوهئي جو چوڻ آهي ته نالا شين جي بنيادي تصور سان تعلق رکن ٿا. ان ڪري انهن جي بقا ۽ جٽاءَ جو تعلق به شين جي وجود ۽ جٽاءَ سان آهي. ماڻهن جا نالا هڪ اهڙي روايت سان تعلق رکن ٿا جنهن مطابق اڳين جا نانءَ پوين تي رکيا ويندا آهن. هيءَ روايت سنڌي سماج ۾ بنيادي روايتن مان هڪ آهي. ان ڪري ان جي بقا لازمي آهي. نالا ٻوليءَ جي ويا ڪرڻي صورتن ۾ به ڪافي حد تائين ساڳيا رهن ٿا. نالا ڪلچر جو اهڃاڻ ڏين ٿا ۽ ڪلچر ٻوليءَ جو سڀ کان پراڻو بنياد آهي. تاريخي اعتبار کان نالا واقعن کان مختلف آهن ڇو ته واقعو پنهنجي وجود لاءِ لکڻ واري جي بيان، تحرير جي صلاحيت قوت ۽ سچائيءَ جو محتاج آهي. پر نالو اهڙي ڪنهن به شيءِ جو محتاج نه آهي. ان ڪري نالا تاريخ جي هٿ چراند کان محفوظ رهيا آهن. (۱۳)
محاورا، پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح ٻوليءَ جي تاريخ بيان ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. انهن جي لساني جائزي مان هو پتو پوندو ته سنڌي ٻوليءَ جو رشتو ناتو، لڳ لاڳاپا ڪهڙين ڪهڙي ٻولين سان رهيا آهن ۽ ڪهڙن دورن ۾ ڪهڙا ڪهڙا اثرات مرتب ٿيا آهن. سنڌيءَ جي ڪجهه پهاڪن، ٻين ٻولين جي ساڳي مطلب وارن پهاڪن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
۱- هندي         - بڙا ڪهاوڻ، بڙا دک پاوڻ.
سنڌي            - جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
۲- سنسڪرت  - يٿا ديوا، تٿا ڀڪتا.
سنڌي            - جهڙو راجا، تهڙي پرجا.
۳- انگريزي     - Grapes Sour
سنڌي            - گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿو کٽا.
۴- فارسي       - پراگنده روزي، پراگنده دل.
سنڌي            - بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.
۵- عربي        - التعجيل فعل الشيطان.
سنڌي            - تڪڙ ڪم، شيطان جو.
ڪيترا سنڌي اصطلاح به فارسي اصطلاحن وانگر هڪجهڙا ملن ٿا. مثال طور:
از ريگ روغن ڪشيدن         - ٻٻرن کان ٻير گهرڻ
انگشت بدندان                     - ڏندين آڱريون ڏيڻ
انگشت نهادن                      - آڱريون کڻڻ
داندان نمودن                       - ڏند ڏيکارڻ
دست پيش داشتن                 - هٿ ٽنگڻ
دست و پا زدن                     - هٿ پير هڻڻ
دل دادن                             - دل ڏيڻ
چشم دو چار شدن                 - اکيون چار ٿيڻ
چشم رسيدن                      - نظر لڳڻ
ڪمر بستن                         - سندرو ٻڌڻ
پهاڪا ۽ چوڻيون، هم معنيٰ ۽ هم مفهوم وارا به موجود اهن. ڪي ته اصل صورت ۾ به آهن:
آهِه غريبان قهر خدائي
مفت را چه بايد گفت
ٻيا هڪجهڙا پهاڪا هي آهن. تاريخي ثبوت موجود ڪو نه آهي ته اُهي فارسيءَ مان ترجمو ٿيا يا سنڌي پهاڪا نسبتاً پراڻا ۽ فارسيءَ سنڌيءَ کان ورتا آهن. (۱۵)
۱- آئينه داري در مجلس ڪوران                   - رڍن اڳيان رباب
۲- آمد براي اخگر چون مطبخ نشست            - آئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي.
۳- بر زبان تسبيح در دل گائو و خر              - اندر ڪارو ڪانءُ ٻاهر، ٻولي هنج جي.
۴- ديوار هم گوش دارد                             - ڀتين کي به ڪن آهن
۵- دو برادر سويم حساب                           - ٻه ڀائر ٽيون ليکو
سنڌي لوڪ ادب مهراڻ جي موجن جيان صدين کان سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجا جلوا پسائيندو رهي ٿو. سنڌي ٻار ڄمڻ سان ماءُ جي مٺي لولي سندن ڪنن ۾ رس ڀري ٿي. حياتيءَ جي هر ڏاڪي تي لاڏن، ڳيچن، سهرن سان زندگيءَ جا سمورا رنگ سمايل رهن ٿا. اهي سمورا رنگ لوڪ ادب جي انڊلٺ مان ڦٽل رنگين ڪرڻن جيان آهن. جيسين سنڌي مائرون ٻارڙن کي لوليون ڏينديون، شادي مُراديءَ تي سهرا ۽ ڳيچ ڳائبا رهبا، سنڌ جي رهواسين جا سنڌ لوڪ ادب سان ازل کان جڙيل ناتا اڃا به وڌيڪ تازه توانا ۽ سگهارا ٿيندا رهندا ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي پيار ۽ الفت جو ثبوت ڏيندا رهندا.

حوالا

1.                   جيرامداس دولترام- نارائڻ ڀارتيءَ جي ڪتاب ”لوڪ ڪهاڻيون“ جو مهاڳ
2.                   عبدالڪريم سنديلو- لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو ص ۱
3.                   نارائڻ ڀارتي- هو جمالو ص ۱۷
4.                   نارائڻ ڀارتي لوڪ گيت ص ۱۰
5.                   سحر امداد مقالو ڳجهارت ڳجهڙي- ڪينجهر ۳
6.                   الهداد ٻوهيو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص ۱۳۵
7.                   الهداد ٻوهيو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص ۱۳۶
8.                   عبدالڪريم سنديلو- لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو ص ۵
9.                   الهداد ٻوهيو- سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص ۱۷۹
10.               علي نواز جتوئي علم لسان ۽ سنڌي زبان ص ۱۶۲
11.               الهه بخش نظاماڻي- سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ ص ۲۳
12.               الهداد ٻوهيو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص ۱۳۳
13.               الهداد ٻوهيو سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ص ۱۰۳-۱۰۴
14.               الهه بخش نظاماڻي- سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ
15.               ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر ص ۴۸


(ٽه-ماھي مھراڻ جي لوڪ ادب نمبر شمارو نمبر ۱۹۹۱-۴ع ص ۱۸۰ کان ص ۱۸۵ تان ٿورن سان کنيل)

1 comment: