Tuesday, October 27, 2015

چورن مٿان مور - امداد حسيني

چورن مٿان مور
امداد حسيني/ ڪراچي
۲۳ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع جي ڪاوش ھائيڊ پارڪ ۾ صدام حسين درس جو ھڪ خط؛ ”سنڌي چوڻين جو ٿيندڙ غلط استعمال“ جي عنوان سان ڇپيو آھي، جنھن ۾ ھو ڳالھ ”چوڻيون يا محاورا صدين بعد جُڙندا آھن“ کان شروع ٿو ڪري ۽ ان پيڙھ ٻَڌڻ کان پوءِ اوساري ھيئن ٿو کڻي ته، ”اسان يا ته ڄاڻي واڻي يا ناسمجھيءَ“ ۾ پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽ تمدن کان جھڙوڪر ڪٽجندا پيا وڃون. اسان ڪيترن پھاڪن جو غلط استعمال پيا ڪريون. اھڙن محاورن يا پھاڪن مان ھڪ پھاڪو ھِي به آھي ته، ”چونئرن مٿان مورَ“.


پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽ تمدن کان ڪٽجڻ واري ڳالھ ھِن صحيح لکي آھي پر اھا خود مٿس ئي لاڳو ٿئي ٿي، جو صدين کان ھلندڙ چوڻي/ محاوري/ پَھاڪي کي غلط ڪري پيش ڪيو اٿس. چوڻي، محاوري، پَھاڪي يا اصطلاح جي معنيٰ آھي، ٿورن لفظن ۾ گھڻي ۽ گھري ڳالھ سَمائڻ. ”چونئرن مٿان مور“ ۾ ڪھڙي گھري ۽ وسيع معنيٰ آھي؟!
ھو لکي ٿو ته، ڀٽائيءَ جي دور ۾ اڃا چونئرو جوانيءَ کي نه پھتو ھو ۽ اڃا جھوپڙيءَ جي شڪل ۾ ھو، پر اياز جي دور ۾ اھو جوان ٿي چڪو ھو. جڏھن ته چونئرو قديم دؤر کان آھي ۽ ٿر لاءِ ان ڪري به موزون آھي جو اھو ھڪ ته سستو ٺھي ٿو، ٻيو ان جي اڏاوت مٿان کان لاھيءَ تي آھي ۽ ان تي مينھن جو پاڻي نه ٿو بيھي. ٽيون وري اھو ته چونئرو اونھاري ۾ ٿڌو ۽ سياري ۾ گرم رھي ٿو. اھڙا چونئرا آمريڪا جي قديم باشندن وٽ به آھن. شاھ سائين چونئري جو ذڪر نه ڪيو آھي ته ان جي معنيٰ اھا نه آھي ته ٿر ۾ چونئرا آمريڪا جي قديم باشندن وٽ به آھن. شاھ سائين چونئري جو ذڪر نه ڪيو آھي ته ان جي معنيٰ اھا نه آھي ته ٿر ۾ چونئرا نه ھئا. اياز به ’چونئري مٿان چنڊ‘ چيو آھي، ’چونئري مٿان مور‘ نه چيو آھي.
چونئري جي گھاڙ اھڙي آھي (يعني مٿان کان ھيٺ لاھيءَ تي) جو اُن تي مور جھڙو ڳرو پکي ويھي نٿو سگھي. چونئرا (پارڪري ڪولھين جا) ۽ مور اسان جي ڳوٺ ٽکڙ ۾ به آھن. ھاڻي ته اتي وڏن ماڻھن جا فينسي چونئرا به آھن. پر مون ته انھن تي ڪڏھن به مور ويھندا ڪو نه ڏٺا آھن!
”جامع سنڌي لغات جلد ٻيو“ ۾ ان اصطلاح جي معنيٰ ھيءَ ڏنل آھي، چورن مٿان مور؛ اصطلاح، چورن جي به چوري ڪندڙ، وڏو چور، ٺڳن سان به ٺڳي ڪندڙ، وڏو بدمعاش، تمام سياڻو چور (صفحو: ۳۸۶). ان جي سولط معنيٰ ھڪ ٻئي اصطلاح، ”سير مٿان سوا سير“ مان سمجھي سگھجي ٿي. ”چورن مٿان مور“ جو ھم معنيٰ اصطلاح ھنديءَ/ اردوءَ ۾ به آھي، ”چورون ڪو پڙگئي مور“.
سو اسان جو الميو آھي ته، اسين پنھنجي اڻڄاڻائيءَ کي ڄاڻ جو پوش پھرائيندا آھيون ۽ ھروڀرو به پنھنجن وڏڙن جي ڏاھپ ڀريل قولن، چوڻين، پھاڪن ۽ اصطلاحن سان ھٿ چراند ڪندا آھيون ۽ بھتان وري ٻين تي ھڻندا آھيون. ”سائل ڪوش“ ۾ ان اصطلاح جي معنيٰ ھيءَ آھي: چورن مٿان مور ھئڻ، ھڪ کان مٿي ٻيو ھئڻ، بُرن مٿان وڌيڪ برو ھُئڻ (صفحو: ۲۱۱).





1 comment:

  1. http://sindhiproverbs.blogspot.com/2015/10/blog-post_22.html

    ReplyDelete