Thursday, October 23, 2014

نيرن کائو بادشاھن وانگي (طبي، چوڻي)

نيرن کائو بادشاھن وانگي (طبي، چوڻي)
صحتمند زندگيءَ لاءِ ناشتو تمام ضروري

تندرستي هزار نعمت آهي. هن حقيقت کان ڪنهن کي به انڪار ناهي.

سٺي صحت جو ڪارڻ سٺو کاڌو کائڻ آهي. جنهن جي لاءِ صبح جو نيرن/ ناشتو، ڏپھرو/ منجهد جي ماني ۽ رات جي ماني متوازن خوراڪ تي ٻڌل هجڻ کپي. ان لاءِ ٽنهي وقتن جي مانيءَ ۾ نيرن/ ناشتو، سڄي ڏينهن جي لاءِ خاص اھميت رکي ٿو. ناشتي جي اهميت کي روشن ڪرڻ جي لاءِ هڪ آمريڪي ليکڪ ايڊملي جو قول آهي ته؛
نيرن کائو بادشاھن وانگي،
مانجهاندو ڪيو شهزادن وانگي،
رات جي ماني کائو مزدورن وانگي.


جيڪي ماڻهو غذائيت سان سرشار ناشتو ڪندا آهن، اهي سڄي ڏينهن ۾ خوش هوندا آهن. جيڪي ماڻهو ناشتو ناهن ڪندا يا انهن جو ناشتو صحت وارو نه هوندو آهي، سي ٿڪل هوندا آهن ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار هوندا آهن.
زندگي هاڻي تيز ٿي وئي آهي. ڇو جو ھدف کي پورو ڪرڻ، گهڻا ڪم ۽ انهن جو گهٽ وقت. انهن سڀني ڳالهين سبب، اسان سڀ ذهني دٻاءُ جا شڪار ٿي ويندا آهيون. اهي دٻاءَ وري اسان جي صحت تي اثر وجهن ٿا.
ٿيندو ڪجهه ائين آهي ته ذهني دٻاءُ وڌندو آهي، ته ان کي قابو ڪرڻ جي لاءِ انساني جسم ٻن قسمن جي هارمونز سان وڙهندو آهي. جن کي ايڊرنيلن Adrenalin ۽ ڪورٽيسل Cortisol جو نالو ڏنو ويو آهي. هي ٻئي هارمونز هڪ طرح سان دٻاءَ جي خلاف مزاحمت جو ڪم ڪندا آهن. جيڪڏهن اهو دٻاءُ لڳاتار هوندو، ته انسان وقت کان پهريان ڪراڙو ٿي سگهي ٿو. سو توهان يقينًا ڪڏهن نه چاهيندا ته جلدي پوڙها ٿيو. يا اھو به نه چاھيندئو ته لڳاتار ٿڪ اوھان مٿان سوار هجي. ڇو جو ان صورت ۾ اوهان ڪنهن بيماريءَ جو شڪار به ٿي سگهو ٿا. هڪ ٻي ڳالهه اها ته جيڪڏهن جسم وڌيڪ هارمونز پيدا ڪندو، ان جو نتيجو ٿولهه جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوهه ٽائپ ٽو شوگر ۽ ويسر جي بيماري ٿي سگهي ٿي.
هاڻي سوال اهو آهي ته ناشتي ۾/ نيرن تي ڇا کائجي؟ هميشه اهڙو ناشتو ڪيو، جيڪو غذائيت سان ڀريل هجي. جهڙوڪ: کير، آنا، ڏهي، ڏارو، ماني ۽ فروٽ. ان کان علاوهه جديد تحقيق موجب ڪدوءَ جا ٻج ۽ ڪيلا، ميگنيشيم سان ڀريل هوندا آهن. جڏهن ته اهي توهان جا تنگ ڏورا ڍرا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان جو استعمال بي خوابيءَ کان نجات ملڻ ۾ به فائديمند آهي. انڊا/ آنا، ڊٻل روٽي، ڪدوءَ جا ٻج وٽامن بي جي ملڻ جو به بهترين ذريعو آهن. جيڪا ذهني دٻاءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
انڊن ۽ ڏهيءَ ۾ امائنو ايسڊ هوندو آهي. اهو ايسڊ انساني دماغ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ ڪيميڪل سيروٽونن ٺاهيندو آهي. ان ڪيميڪل جي بابت چيو وڃي ٿو ته اهو ڪاوڙ کي قابو ۾رکندو آهي ۽ ان جي اوچي سطح اسان کي خوشي جو احساس ڏياريندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان کي خوشي جو هارمونز به چيو ويندو آهي.
ڪڻڪ ۽ مڪئي مان ٺاهيا ويندڙ فليڪس ۽ ڊٻل روٽي جنهن ۾ اسپنگر شامل ٿيل هجن، فائبر ۽ نشاستي سان ڀريل هوندا آهن. اهڙيون شيون رت ۾ موجود شوگر کي قابو ۾رکنديون آهن. جنهن سبب اسان کي ٿڪ جو احساس نه ٿيندو آهي ۽ اسان جو ڌيان ڪمن ۾ هوندو آهي.
ڏارو ناشتي ۾ هڪ سٺي خوراڪ آهي. ڏاري ۾ اهڙو ڪاربو هائيڊريڊ هوندو آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ٻين جزن سان گڏ ضم ڪندو آهي. جنهن جو فائدو هوندو اهو آهي ته بلڊ شوگر قابو ۾ هوندي آهي ۽ جسم کي صبح  جو توانائي جي سٺي مقدار ملي ويندي آهي.
ان کان علاوه ڏهي ۾ ڪيلشيم به هوندو آهي، پر هي پروٽين سان به مالامال آهي.
کوجنا موجب ناشتي ۾ پروٽين جي وڌيڪ مقدار وٺڻ سان دير تائين بک ناهي لڳندي. اهڙيءَ طرح ڏُپھري/ منجهند جي مانيءَ تائين، اسان کي اسنيڪ وٺڻ جي ضرورت پيش نه ايندي آھي ۽ اسان ڪم ڪار ۾مصروف هوندا آهيون.
اڄ ڪلهه گهڻيون ئي عورتون ملازمت ڪن ٿيون. منجھن گهڻائي اهڙين قسم جي نوڪرين جي آهي جن کي ڪرڻ جي لاءِ هڪ ئي وقت تي گهڻن ئي شين تي ڌيان ڏيڻو پوندو آهي. ان لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي خبردار رهڻ جي ضرورت هوندي آهي.
جسم ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي هجي، ته ان جو اثر انساني ڌيان تي پوندو آهي. پاڻيءَ جي مناسب مقدار، ميون جي رس/ فروٽ-جوس ۽ چانهه سان ان گهٽتائيءَ کي پورو ڪري سگهجي ٿو.
سڄي ڏينهن جي ڀڄ ڊڪ لاءِ، اسان کي انرجي جي ضرورت هوندي آهي. انرجي جي سطح کي برقرار رکڻ آسان ناهي هوندو. ان جي لاءِ سڀ کان بهتر، نيرن/ ناشتو ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه ناهي. اسان جو جسم سڄي رات آرام ڪندو آهي ۽ ننڊ جي دوران نشو نما به ٿيندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته صبح جو توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻارڻ جي ضرورت پوندي آهي. ان لاءِ خالي پيٽ رهڻ سان روز جا ڪم ڪار ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. ان سان اسان جي صحت خراب ٿي سگهي ٿي.
تنھنڪري توهان پاڻ کي به نيرن/ ناشتو ڪرڻ تي ھيريو ۽ ٻارن ۾ به ھير وجھو. ان کان علاوه گهر جي ٻين ڀاتين کي به نيرن/ ناشتو ڪرائي، پوءِ اسڪول، ڪاليج يا آفيس ڏي روانو ڪيو.


No comments:

Post a Comment