Sunday, October 12, 2014

جيءُ آهي ته جهَانُ آهي - سميرا مختيار

جيءُ آهي ته جهَانُ آهي
سميرا مختيار
”جيءُ آهي ته جهان آهي.“ اِهو جملو اُن وقت صحيح لڳندو آهي جڏهن انسان ڪنهن تڪليف ۾ مبتلا هوندو آهي ۽ هو عام زندگي جي معمول کي ڪنهن به سور ۽ تڪليف سبب سرانجام نه ڏئي سگهندو آهي.
خاص ڪري اُهي مريض جيڪي سَنڌن يا هڏن جي سور ۾ مبتلا هوندا آهن. سڀ کان پهرين ته اِهو طئي ڪيو وڃي ته جسم ۾ سور ڪهڙي قسم جو آهي، اهو عام سور آهي يا ڪنهن مخصوص جاءِ تي ۽ ڪنهن مخصوص وقت تي پوي ٿو.


هڏن جو سور ڇا آهي؟ عام اصطلاح ۾ ان جي تعريف اها آهي ته اِها هڏين جي بيماري آهي. ان بيماري جي وڌي وڃڻ سان انسان ذهني بيمارين ۾ به مبتلا ٿي ويندو آهي. عمر رسيده ماڻهن ۾ اها بيماري گهڻي ٿيندي آهي، ڇو ته وقت سان گڏ سندن جوڙ ڳري يا ڍرا ٿي ويندا آهن. سَنڌن جي سور جا ۱۰۰ کان مٿي قسم آهن. جوڙن جي بيماري جو هڪ قسم اهو به آهي ته صبح جو سويل اٿڻ وقت جسم آڪڙيل ۽ سخت محسوس ٿيندو آهي هٿن ۽ پيرن ۾ ڇڪ محسوس ٿيندي آهي ۽ جيئن جيئن ڏينهن چڙهندو ويندو آهي، ان ۾ آرام ايندو آهي. سنڌن جي سور جو اهو قسم عورتن ۾ گهڻو هوندو آهي.
انسان بنيادي طور تي گوشت ۽ هڏن مان ٺهيل آهي. جيڪڏهن رڳو گوشت جو هجي ها ته هڪ ڍير تي زمين تي سِل وانگر پيو هجي ها پر قدرت انسان کي تمام خوبصورت انداز ۾ خلقيو آهي ۽ ان جي حفاظت لاءِ ڪجهه اندروني اپاءُ به ڪيا اٿس. هن کي قدرت هڪ خاص ڪور ڏنو آهي جنهن سبب هڏ خراب نٿو ٿئي پر جڏهن اهو ڪور گسي وڃي ٿو يا ان ۾ ڪنهن ڌڪ سبب نقصان رسي ٿو ته پوءِ سَنڌن جو سور شروع ٿئي ٿو ۽ ان جو علاج وقت تي ٿيڻ لازمي آهي. ۳۰ سالن کان ۵۰ سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ هڏن جي بيماري گهڻي ٿئي ٿي پر عام طور تي انسان ۾ قوت مدافعت گهٽ هجڻ سبب ۱۵ کان ۲۵ سالن جي نوجوانن ۾ به ٿي رهي آهي.
گهڻو پنڌ ڪرڻ سان به گوڏن ۽ پيرن جي هڏ کي نقصان رسي ٿو. جڏهن ته تمام گهڻو آرام ڪرڻ سان به هڏ تي (سوڄ) ٿئي ٿي.
پر ڪجهه مريض اهڙا به آهن جن کي اهو مرض پيدائشي طور تي به ٿئي ٿو ۽ ۳ سالن کان ۵ سالن جي عمر ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿئي ٿو، جيڪو اڳتي هلي اک، پير ۽ ڦڦڙن کي به متاثر ڪري ٿو. پاڪستان ۾ اٽڪل ۱۳ ماڻهن ۾ هڪ ماڻهو سنڌن جي سور ۾ مبتلا آهي.
پاڪستان ۾ هڏن جي بيمارين جي شعبي ۾ ڪا خاص ترقي ڪو نه ٿي آهي ۽ نه وري ڪا نئين تحقيق ٿي آهي پر دنيا ۾ ان تي گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي. آمريڪا ۾ هن وقت 5 ڪروڙ ماڻهو ان بيماري ۾ مبتلا آهن ان بيماري جي باري ۾ هر ڪو ماڻهو دانهن ڪري ٿو پر اصل ۾ گهڻن ماڻهن کي ان جي صحيح ڄاڻ ڪونهي.
سنڌن جي سورن ۾؛ جوڙن جو سور، چيلهه جو سور، ڪلهن جو سور، هٿن جي آڱرين ۾ سور ۽ پيرن ۾ سور شامل آهي.
چيلهه جو سور دنيا ۾ عام آهي. عورتون، مرد ۽ ٻار به ان چيلهه جي سور جون دانهون ڪندي نظر اچن ٿا. مرد جي چيلهه ۾ سور ان ڪري پوندو آهي ته هو روزمره جي معمولات ۾ گهڻو وقت ويهي ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته عورتون گهر ۾ گهڻو وزن کڻڻ، بيهي ڪم ڪرڻ ۽ دوران حمل به چيلهه جي سور جون دانهون ڪن ٿيون. ٻئي طرف اسڪولي ٻارڙا ڳرن اسڪولي بيگ جي وزن جي ڪري به چيلهه جي سور ۾ مبتلا ٿين ٿا.
اڄ ۱۲ آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ World Arthritis day ملهايو پيو وڃي. اهو ڏينهن پهريون ڀيرو ۱۹۹۶ع ۾ ملهايو ويو. هن سال ان ڏينهن جي ٿيم living better ageing well ان موضوع ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن جيئن انسان جي عمر وڌي ٿي تيئن جسماني ۽ ذهني بيماريون به وڌن ٿيون، ان جي بچاءَ جا اپاءُ وٺڻ گهرجن. هڏين ۽ سنڌن جي ماهر ڊاڪٽرن موجب وڏو گوشت گهٽ کائي مناسب ورزش ۽ پنڌ ڪرڻ سان سنڌ ۽ جوڙن جي سورن کان وڏي حد تائين بچاءُ ممڪن آهي. پاڪستان جي اڪثر آبادي جديد دور ۾ ترقي ڪندي پنهنجن ڪمرن، فليٽن ۽ گاڏين ۾ ايئرڪنڊيشن جو گهڻو استعمال ڪري ٿي، جنهن سبب هو قدرتي روشني يعني سج جي روشنيءَ کان محروم ٿيو وڃن، جنهن جي نتيجي ۾ سندن هڏ ڪمزور ٿين ٿا ۽ هو هڏين جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا يا عام اصطلاح ۾ چئجي ته هو وٽامن ڊي جا مريض ٿيو وڃن جن جو سڌو سنئون اثر هڏين تي پوي ٿو.
اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هڏن جي مضبوطي ۽ طاقت انتهائي اهم ۽ ضروري آهي، جنهن جو وڏي ۾ وڏو قدرتي ذريعو کير آهي، جيڪي ماڻهو نج کير کان محروم آهن، اُهي هڏن جي بيمارين جي خطري کان محفوظ نه هوندا آهن. ساڳي ريت جيڪي مائرون پنهنجي ٻارن کي ٿڃ نه ڏينديون آهن، اُهي هڪ حوالي سان پنهنجي ٻارن سان دشمني ڪنديون آهن. ان کانسواءِ هڏين جي طاقت لاءِ وٽامن ڊي پڻ اهم ترين عنصر آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو ذريعو سج جي نرم اُس آهي.
ماهر چون ٿا ته؛ سج جي اڀرڻ کان اٽڪل ۲۰ منٽن تائين سج جا ڪرڻا وٽامن ڊي جو بهترين ذريعو آهن پر بدقسمتي سان اڪثر ماڻهو اهو وقت سمهندي ۽ سج کان لڪندي گذاري ڇڏيندا آهن، جنهن جو نتيجو هڏن جي بيماري ڪمزوري ۽ ڀڃ ڊاهه جي صورت ۾ نڪرندو آهي. هڏن جي بيماري کان محفوظ رهڻ لاءِ خوراڪ، آبهوا، سج جي روشني ۽ سٺي نموني پنهنجي حفاظت ڪرڻ پڻ آهي.
انسان هڪ سماجي جانور پڻ آهي هو گڏجي سڏجي هڪ ڪٽنب جي حيثيت سان زندگي گذاري ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته هو هڪ ٻئي جو خيال رکي ۽ جيڪڏهن گهر ۾ ڪو هڏ جو مريض موجود آهي ته ان جو خيال ڪندي ان کي نه رڳو ڪم ڪار ۾ مدد ڪجي پر ان جو چڱي طرح علاج پڻ ڪرائجي ته جيئن اڳيان هلي هو مستقل معذوري کان بچي سگهي ۽ الله پاڪ کان اها ئي اُميد رکي دعا ڪجي ته:
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع
صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي.


No comments:

Post a Comment