Sunday, October 5, 2014

جڏهن تڏهن سنڌڙي تو کي قنڌارئون جوکو - ڊاڪٽر نواز علي شوق

جڏهن تڏهن سنڌڙي تو کي قنڌارئون جوکو
ڊاڪٽر نواز علي شوق
چوڻيون ۽ پهاڪا سنڌي زبان، ادب ۽ تاريخ جو قيمتي سرمايو آهن. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته هر چوڻيءَ جو ڪو نه ڪو تاريخي، تهذيبي، سماجي يا لساني پس منظر نظر ايندو. ڪن چوڻين ۾ ڪي دلچسپ تاريخي، سياسي يا سماجي واقعا لڪل هوندا آهن. جن جي ذريعي اسان قديم سياسي، سماجي ۽ تاريخي حقيقتون معلوم ڪري سگهون ٿا. اهڙي هڪ چوڻي سنڌ ۾ صدين کان مشهور آهي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته:


جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو
هن چوڻيءَ جو تاريخي پس منظر آهي ۽ ان ۾ ڪيترا ئي تاريخي واقعا لڪل آهن. سما دور تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته ڄام فيروز جنهن کي ”نا پيروز“ يعني ناڪام سڏيو ويندو هو. ان جو ٻيو لقب ”بد روز“ به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي جنهن جو ڏينهن ڏنگو ٿئي، يعني چنڊو نڀاڳو. ان بدبخت پنهنجن نالائق ملازمن جي چوڻ تي پنهنجي ماءُ مدينا ماڇياڻي کي سن 922هه ۾ شاهه بيگ ارغون ڏانهن قنڌار موڪليو. اها ماڇياڻي مائي، شاهه بيگ کي پاڻ سان گڏ وٺي آئي، جنهن جو لشڪر باغبان پرڳڻو لٽي ڦري ڀينگ ڪري ڇڏيو. دولهه دريا خان جهڙو ڪونڌر ڪسجي ويو ۽ سنڌ قنڌارين جي غلام بڻجي وئي، راڄن زميندارن کي حڪم ڏنو ويو ته سال بسال هر ڪنهن فصل تي پوري ڍل شاهه بيگ کي پهچائيندا رهن.
شاهه بيگ جيئن ته سنڌين تي وڏا ظلم ڪيا هئا، تنهن ڪري سنڌي سندس وفات (924هه) کان پوءِ سندس پٽ شاه حسن کان باغي ٿي ويا. شاهه حسن قنڌارئون ڪٽڪ ڪاهي آيو. سنڌين وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو. پر ڪامياب ٿي نه سگهيا. جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ شاهه حسن جيڪي ظلم ڪيا، سي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهن. تاريخ طاهريءَ جي مصنف طاهر نسياني لکيو آهي ته ”آخر شاهه حسن ٺٽي ۾ گهڙي، هنن چنڊالن (سنڌين) جي قتل عام تي لهي پيو. مغل سندن ڳورهارين زالن جا ڪچا ٻار پيٽان ڪيرا ئي نيزن تي چاڙهي شهر جي گهٽين ۾ گهمائيندا ڦيرائيندا سڄي لوڪ کي ڏيکاري ڏهڪائيندا رهيا. جيڪو به سندن سامهون ٿي آيو. تنهن کي بنان ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ ڪهل قياس جي ترارين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ٿي ڇڏيائون. فيروز ناپيروز اگهاڙين پيرين وٺي گجرات ڏانهن ڀڳو. سمن جون زالون ٻار ڪڇن ۾ ڪري وڃي انهن سوڌيون درياهه ۾ ٻڏي ميون. جيڪي باقي بچيا، تن کي مغلن چوکنڀو ٻڌي بنديخاني ۾ هڻي ڇڏيو.“
اهڙيءَ ريت بکين ڀاڄوڪڙن جڏهن سکي سائي سنڌ ڏٺي ته هوريان هوريان ايندا رهيا. اها اچ وڃ اڃا سوڌو جاري آهي قنڌارين جي ڪوس ۽ قتلام سنڌ کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو. ڀٽائي ان طرف اشارو ڪندي فرمايو آهي ته:
ڪه تون ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا،
يعني ڌاريا گهوڙن تي چڙهي، تنهنجي وطن پهچي ويا. تڏهن به تون غافل رهئين. ٻئي هنڌ سسئي جي زباني فرمايو اٿن.
گهوڙن هنئي سڀڪا، اٺن هنئي آنءُ.
گهوڙن جي لشڪر سنڌ ۾ ايڏا ته ڪيس ڪيا، جو ”گهوڙن هنيو“ هڪ پاراتو ٿي ويو. ڀٽائي سر ليلا چنيسر ۾ مڻئي تي ملامت ڪندي ليلا کي نصيحت ڪئي آهي ته:
مڻيو ناهه مڻيون، جو تون پسي هار هر کئين،
ان گهوڙن هنئي گهڻيون، دوسنئان ڌار ڪيون.
انهيءَ ناحق ۽ نقصان کان علاوهه سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان به وڏو هاڃو ٿيو. سنڌ واسين تي زوري فارسي مڙهي وئي. ڀٽائي ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي فرمايو آهي:
پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجهن،
آنءُ سنڌي جو سعيو ڪريان، هو پارسيون پڇن،
مون پڻ ملا تن، سرتيون سور پرائيا.
ٻئي هڪ بيت ۾ فارسي لفظ آڻي فرمائين ٿا:
برو بگيرد بي، ٿا ڏين پارسيون پاڻ ۾،
مون لوڏان ئي لکئا، ته هاڃو ڪندا هي.
سنڌ کي قنڌارئون ٻيو وڏو نقصان مدد خان جي روپ ۾ پهتو. مدد جي ظلم وستم جو داستان سنڌ جي هر تاريخ ۾ موجود آهي. سنڌ جي هڪ مورخ عبدالمجيد ”مجيدي“ جوکيي جو ڪتاب تاريخ بلوچي جي نالي سان ڇپيو آهي. مجيدي جيئن ته ان دور جو مورخ آهي، تنهن ڪري سندس تاريخ کي وڏي اهميت حاصل آهي. هن پنهنجي نثر ۽ نظم واري ڪتاب ۾ سنڌ جي تباهيءَ جو جيڪو نقشو چٽيو آهي. سو نهايت ئي درد ناڪ آهي. هتي هن مقالي ۾ نموني خاطر ڪجهه اقتباس پيش ڪجن ٿا. هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن ميان عبدالنبي مدد خان کي وٺي آيو ته وڏو ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. سنڌ جا سمورا اشراف ڳوٺ ڇڏي وڃي وڏن شهرن ۾ ويٺا، ڪي خوف کان وڃي پهاڙن ۾لڪا. فرمائي ٿو:
ز اشراف عالم شهد مرد مان، توسل گزين شهر هاي کلان،
اگر چند عالم بکوه اندرون، نهان شد ز اوغانها از برون.
مدد خان عبدالنبي سان گڏ هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ پهتو ته هن شهرن جا شهر لٽي ڦري تباهه ڪري ڇڏيا. مجيدي فرمائي ٿو:
مدد خان و عبدالنبي پديد، چو در پرگنه هالا کندي رسيد،
چنان دست غارت روا داشتند، که جز غصب شهري نه بگذاشتند.
مير صاحبان مدد خان جي مقابلي جو ست نه ساري پهرين وڃي عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ قابو ٿي ويٺا، پر پوءِ اتان وري بهاول پور هليا ويا ۽ ماڻهو ويچارا بي يارو مددگار رهجي ويا. مدد خان جڏهن ماڻهن کي نڌڻڪو ڏٺو ته کين لٽي ڦري تباهه ڪري ڇڏيو. مجيدي پنهنجي تصنيف ۾ فرمائي ٿو:
چو ديدند مردم شده بي وسيل، همه را ز غارت شده قال وقيل،
ميان عبدالنبي جي موجودگي ۾ قنڌاري لشڪر ڪيس ڪلور ڪندو. وستيون واهڻ ويران ڪندو اچي شاهه پور پهتو. ايتري ته لٽ ڦر ڪيائون جو فقيرن جون گودڙيون به ڪو نه ڇڏيائون.
ميان با مدد آمدو شاهپور، نشستند لشکر بنزديک ودور،
فتادند از بهر تاراج خلق، بحدي که نگذاشتند گرپه دلف.
مجيدي لکي ٿو ته درياهه جي هن پار ايڏي ته لٽ ڦر ڪيائون جو ماڻهو ويچارا سڃا سکڻا هٿين خالي وٺي بر منهن ڪري ڀڳا. افغانين ته ظلم ڪيو پر سنڌ جي والي به سنڌ کي تباهه ڪيو. فرمائي ٿو:
چنان گشت تاراج اين روي آب، که مردم باوار گي شد خراب،
ز افغانها همه تعدي فزود، ولي سند را سند غارت نمود.
قنڌاري لشڪر جيئن ته سنڌين تي وڏا ويل وهايا، تنهن ڪري تاريخ بلوچي جو مصنف ”مجيدي“ قنڌاري لشڪر کي بي حيا سڏيندي لکي ٿو ته، وڏا واڏ شهر جيڪي گهڻي وقت کان آباد هئا، هن بي حيا لشڪر جي حملن سبب ڀڙڀانگ ٿي ويا. فرمائي ٿو:
بسي شهر هاي کلان نامدار، که از چند مدت بده برقرار،
زغارت همين لشکر بي حيا، بويراني آمد همين شهر ها.
هن مصيبت واري وقت ۾ ڪيترائي شريف شهيد ٿي ويا.
ز چندين بشرفا براستار خود،
شهادت گزيده بلاچار خود.
جڏهن عمر ڪوٽ جو قلعو فتح ٿيو ته مدد ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ پنهنجي لشڪر سان قلعي جي اندر گهڙيو. قلعي ۾ جو ڪجهه هو سو مغلن پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، مجيدي فرمائي ٿو:
مدد بعد زان داخل قلعه شد، ز شادي بدل خويش خورسند شد،
ز املاک هر چند در قلعه بود، مغولان همه در تصرف نمود.
مدد خان پورو سال سنڌ ۾ رهيو. جڏهن واپس وڃڻ لڳو ته ميان به ڪجهه منزلون، ساڻس گڏ روانو ٿيو. واٽ تي مدد خان چيو ته حيدرآباد جو قلعو ڏسڻ گهران ٿو. ميان سمجهي ويو ته هن کي مال کپي. ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳس، پر زهر جو ڍڪ پي ويو. قمرالدين نالي پنهنجو هڪ ماڻهو ڊوڙايائين، جيڪو جلدي ۾ سون هيرا جواهر ۽ 42 هزار روڪ رقم کڻي آيو. جيڪي  ميان صاحب سندس خدمت ۾ پيش ڪيا ۽ چيائينس ته قلعي ۾ اسان جون عورتون رهن ٿيون. تنهن ڪري قلعي ڏسڻ جو ارادو ترڪ ڪيو ته بهتر آهي. مدد کي ته رڳو مال کپندو هو، کيس سون هيرا جواهر ۽ روڪ رقم ملي ته هن به کڻي ماٺ ڪئي.
ميان صاحب پنهنجي سراين سوڌو قيدين وانگر مدد خان سان گڏ هلندو رهيو. مدد جا فوجي واٽ تي فرمائشون ڪندا ٿي رهيا، جنهن ڪري سرائي ڏاڍا تنگ ٿيا، پر ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو! هو جڏهن دائود پوٽن جي ملڪ ۾ پهتا ته اتي مدد خان ميان کان موڪلايو ۽ کيس چيائين ته ”توهان هينئر موٽي وڃو“ ڇاڪاڻ ته سنڌي، افغانين جي ڊپ کان خراسان ۽ هندوستان ڏانهن ڀڄندا پيا وڃن. توهان وڃي کين آٿت ڏيو. مان پنهنجي ملڪ وڃان ٿو ته جيئن منهنجي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو پنهنجي ماڳن تي موٽي اچن ۽ وڇڙيل هڪ ٻئي سان ملن ۽ ملڪ وري آباد ٿئي.
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مدد خان سنڌ ۾ ايڏا ظلم ڪيا هئا، جو ڀاءُ ڀاءُ کان وڇڙي ويو هو. ڪو ڪاڏي ڀڄي ويو ته ڪو ڪاڏي هليو ويو. شهر ۽ واهڻ ويران ٿي ويا. اهو درد ناڪ داستان ڪيترن ئي ڪتابن ۾ لکيل آهي.
عظيم ٺٽوي، غلام رسول مهر، اعجاز الحق قدوسي ۽ ٻين مورخن پنهنجي تصنيفن ۾ مدد جي ظلمن جا داستان قلم بند ڪيا آهن. اسان هتي صرف هڪ نئين ماخذ يعني ”تاريخ بلوچي“ مان ڪجهه مواد ڏنو آهي.
مجيدي لکيو آهي ته مدد خان جي اچڻ ۽ وڃڻ واري هڪ سال جي عرصي ۾ ماڻهن سان جيڪا جٺ ٿي، ان جو جيڪڏهن تفصيل لکان ته هزارين صفحن ۾ به اهو درد جو داستان پورو ٿي نه سگهندو فرمائي ٿو:
چو از آمدن باز گشتن بجيش، توقف بيک سال شد خلق ريش،
نوشتيم اين قصه گر شرح وار، نگنجيد در ورقهاي هزار.
مدد خان سنڌ ۾ جيڪا تباهي آندي، ان جي قطئه تاريخ عبدالمجيد مجيدي هن ريت لکي آهي:
مدد خان چون سند غارت نمود،
بگفتا مورخ ”غصب سال بود.“
1195هه
مدد خان جو سنڌ ۾ ايڏو ڏهڪاءُ هو، جو مائرون ٻارن کي اهو چئي، ڊيڄارينديون هيون ته ”ڇورا مدد ٿو اچئي“ ۽ پٽ طور اهو چيو ويندو هو ته ”شل مدد پويئي“ گهوڙن جي لشڪر ايڏو ته ظلم ڪيو جو ماڻهو گهوڙا ڏسي ڊڄڻ لڳا ۽ خوف وچان چوڻ لڳا ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ ۽ اڄ تائين رئڻ مهل چون؛ ”ابا ڙي! گهوڙا ڙي!“ ان کان علاوهه مدد واري گهل سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي.
سنڌي شاعري جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته اها حب الوطني ۽ مزاحمتي جذبن سان سرشار نظر ايندي. ميون شاهه عنايت رضوي، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست، خليفو بني بخش، بيدل، روحل، مراد ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر آهن، جن وطن جي محبت جو درس ڏنو. ميين شاهه عنايت، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي تعريف ڪندي فرمايو آهي:
نسرئو نصير، چانڊڪي ۾ چنڊ ٿي،
ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير،
دمامي جي دونس سان، ڦري ٿو فقير،
آهي هيءُ عنات چئي، سندو سنڌ همير،
سي وئا هلي ڍاڍري، کڻي کرو ٿئون کير،
تن کي گڏيو ڪين گس تي، بدو نه بدگير،
خاصي خداباد منجهه عطر ۽ عنبير،
جان جان ندي نير، تان تان طبل تنهنجي تجلو.
اهڙي ريت ڪنڊڙيءَ جي ڪلتار مراد فقير پنهنجي هڪ ڪافي ۾ مدد کان نفرت ڪندي کيس ”يهودي“ ۽ ”يزيد“ سڏيو آهي. مراد فقير جي اها ڪافي لک لهي. هن پنهنجي انهيءَ ڪافي ۾ حب الوطني جو سهڻو سبق ڏنو آهي، سندس ڪافي مدد واري قهري دور جو چٽو عڪس آهي. جنهن ۾ هن وطن سان وفادار رهڻ، لشڪر گڏ ڪرڻ، سنڌي سورهين جي شهادت ۾ مدد مردود کي ملي هڪ ٿي ماري ڀڄائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هتي مراد فقير جي اها ڪافي پيش ڪجي ٿي:
ڪيتئي يار دي نال جو وعيد ميان!
درد والي رک ديد ميان!
وحدت دي وڻجاري هوڪي ڏيندي،
در در هل من مزيد ميان!
سر دي سودي، سورهيه ڪردي،
سولي چڙهه ٿيون شهيد ميان!
مار مدد ڪون مل ڪر دور ڪرو،
ڇوڙ وڃي يهودي يزيد ميان!
حب الوطني هي ايمان اساڏا،
مراد ڪرين ايهه عيد ميان!
مون مٿي عرض ڪيو آهي ته ڏاهن سچ چيو آهي ته ”جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو“ اها چوڻي ويجهڙائي ۾ آمر ضياءَ الحق جي دور ۾ به سچي ثابت ٿي. ڪابل ۽ قنڌار کان ڪٽڪ ڪاهي آيا، جيڪي نه فقط هٿيارن جو ٽرڪون ڀري آيا، پر هيروئن جون به ٻوريون ڀري آيا. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ ۾ ڌاڙيلن جا ڪيئي ٽولا پيدا ٿيا، جن سنڌ ۾ باهه ٻاري ڏني. شهرن ۾ وري لساني فساد ٿيا جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. هيروئن وري ڪيترن ئي نوجوانن کي ناس ڪري ڇڏيو: اهي ٻئي وبائون سنڌ کي وڪوڙي ويون آهن. خدا خير ڪري، ڏاڍو ڏکيو وقت اچي ويو آهي. هن ڏکئي وقت سنڌين کي متحد ٿي، ٻنهي وبائن کي نيست ونابود ڪرڻ گهرجي.
مددي ڪتاب
1.      تاريخ طاهري (سنڌي ترجمو) نياز همايوني – سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
2.      تاريخ بلوچي (اردو ترجمو) سيد خضر نوشاهي – ڪلهوڙا سيمينار ڪاميٽي – ڪراچي.
3.      ميين شاهه عنات جو ڪلام – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ – سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
4.      ڪنڊڙي وارن جو ڪلام – لطف الله بدوي: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
5.      شاهه جو رسالو – گربخشاڻي – ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد سنڌ.

6.      تاريخ ڪلهوڙا (سنڌي ترجمو) يار محمد ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدري، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.

No comments:

Post a Comment