Monday, October 27, 2025

گھل گھوڙا يا گھوڙا ڙي گھوڙا - ڪليم الله لاشاري

گھل گھوڙا يا گھوڙا ڙي گھوڙا

(ورجيس)

ڪليم الله لاشاري



ورجيس ٺھڻ جو بڻياد ۽ اصل سبب.

اسان وٽ هتي ڪنهن به مصيبت وقت روئڻ پٽڻ ۾ هڪ لفظ استعمال ٿيندو آهي، ”گھل گھوڙا“ يا ”گھل گھاڙ“ بهرحال، ڏکڻ ڏي ٻڌو آهي ته چوندا آهن ”گھوڙا گھوڙا“ يا ”گھوڙا ڙي گھوڙا“. جنهن لاءِ اسان وٽ چيو ويندو آهي ته اڳئين وقت ۾ جڏهن ڦورو يا لٽيرا گھوڙن تي چڙهي ايندا هئا ته انهن کي ڏسي ماڻهو دانهون ڪندا هئا ته ”گھوڙا ڙي گھوڙا.“

Friday, October 17, 2025

ڪمائي آچر، کائي خچر. (سرو، پھاڪو) اقبال جمالي

ڪمائي آچر، کائي خچر.

(سرو، پھاڪو)

اقبال جمالي



آچر نالي هڪڙو هاري، پنهنجي پوکيل واڙيءَ جون ڀاڄيون ۽ بيٺل باغ جا ميوا، پنھنجي ڌاريل خچر تي کڻي شھر وڪڻڻ لاءِ ويندو هيو. سندس خچر، جڏھن سفر ۾ کيس بي خيالو ڏسندو ھيو ته ڪنڌ ورائي، پٺيءَ تي لڏيل ميون يا ڀاڄين ۾ چڪ هڻي وٺندو ھيو. منڊيءَ ۾ پھچندي پھچندي، چڱو زيان ڪري وٺندو هيو.