جتي ھاٿين جي تور ٿيندي،
اتي گڏھ ڪاڻِ ۾ ويندا.
(لاڙ، پھاڪو)
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
ڪاڻِ؛ گھٽتائي.
تارازيءَ جا ٻئي پُڙَ وزن ۾
برابر رکبا آھن. ڳنيءَ کان سندن مفاصلو، ھڪجيترو ۽ ھم وزن رسين سان جوڙبو آھي ته
جيئن تور وقت، تارازي کڙي ڪجي ته ٻئي پُڙَ ھموار ٿين. پوءِ ھڪ پاسي تورا يا وٽ
وجھبا آھن ۽ ٻئي پاسي شيءِ يا جنس رکبي آ ته جيئن وزن جي تڪ تور صحيح معلوم ٿئي.
