Monday, March 14, 2022

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”پهاڙي آخاڻ“ جو تحقيقي اڀياس

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”پهاڙي آخاڻ“ جو تحقيقي اڀياس

رياض ڪلهوڙو



ڪنهن ڏاهي جو قول آهي؛ ”انسان جي ڄاڻ جو دائرو ٽن شين تي مبني آهي: خدا، فطرت ۽ خود انسان“. ڏسڻ ۾ ائين ٿو محسوس ٿئي ته انسان جي ڄاڻ، محدود آهي. جڏھن ته مطالعي، مشاهدي ۽ غور ويچار کان پوءِ، خبر ٿي پوي ته مٿين ٽن نقطن جي ڄاڻ، ڪائنات جي ڄاڻ آهي. خدا جي خدائيءَ کي سڃاڻڻ مطلب، ڪائنات جي سمورن علمن کان واقف هجڻ. خدا جي خدائي، انسان جي اصليت، حقيقت ۽ ڪيفيت ۽ ڪائنات جي سونهن، سوڀيا ۽ سندرتا کي اصل روپ ۾ ڏسڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ عالمن، ودوانن ۽ زيرڪن جو ڪم آهي. ڳاڻيٽي جي لحاظ کان ڪائنات جي علمن کي ڪيترن ئي قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. معلوم نه اٿم، پر عربي ٻوليءَ ۾ علم کي (۱۹) اوڻويھن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ هڪڙو ”علم اللسان“ به آهي. ”علم اللسان“ معنيٰ ٻوليءَ جو علم. ٻوليءَ جو علم ايترو وسيع آهي، جو هڪ هڪ پهلوءَ ۽ نقطي تي الڳ پي ايڇ ڊي ٿي سگھي ٿي ۽ ٿين به ٿيون. هتي ٻوليءَ کي زينت بخشيندڙ هڪڙي موضوع يعني ”پهاڪن ۽ چوڻين“ جي ماهر عبدالوهاب سهتي جو ذڪر ڪرڻ گھران ٿو، جنهن کي امتياز منگيءَ ”پهاڪن جو چيمپئن“ سڏيو آهي. منگي صاحب، وڌيڪ چوي ٿو ته:


”ان قلمڪار جي ڪتابن کي ڪهڙن لفظن جي مالا پهرائجي، جنهن وٽ ٻوليءَ جي ماسٽر ڪي هجي؟ جيڪو ٻوليءَ جي بند تالن کي کولڻ جو گُر ڄاڻي ٿو. جنهن جملن جي جڙي ٻوٽين کي حمام دستي ۾ ڪٽي، عقل جو ڪشتو ٺاهيو هجي. جنهن بي فيض حڪيمن کان سچا موتي ڦري، پهاڪن جي ڦڪين ذريعي، ٻوليءَ جو علاج ڪيو هجي. ٻوليءَ کي هڪ صحت بخش روپ ڏيندڙ اهو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو به ٿي سگھي ٿو ۽ اسان جو هجائتو دوست عبدالوهاب سهتو به“.

انجنيئر عبدالوهاب سهتي ”پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن“ جي موضوع تي ارڙهن ڪتاب لکيا آهن، جن کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ دستاويزي حيثيت حاصل آهي. ڪتاب ”پهاڙي آخاڻ“ ۾ مري ۽ گليات جي پهاڙين ۾ ڳالهايا ويندڙ پهاڪا ۽ چوڻيون شامل آهن. هي ڪتاب محبت اڪيڊمي قنبر طرفان شايع ٿي ۲۰۲۰ع ۾ منظر عام تي آيو. پبلشر، ڪتاب جي قيمت ۴۰۰ روپيا رکي آهي.

سهتي صاحب، شروع کان پهاڪن ۽ چوڻين واري موضوع کي ترجيح ڏني آهي. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين سان گڏ ٻين ٻولين جي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي ڪم ڪرڻ سندس شوق رهيو آهي. هيءُ شوق ايترو سهنجو ۽ سستو نه هو، پر عبدالوهاب، وقت ۽ ڏوڪڙ خرچ ڪرڻ سان گڏ ڏينهن رات محنت ڪري، نور نچويو آهي. هن ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ لاءِ کيس پهاڙي ٻولي سکڻي ۽ سمجهڻي پئي هوندي! پاڻ پوڙهائپ واري عمر ۾ به نوجوانن کان وڌيڪ ڪم ڪندو رهي ٿو. عبدالوهاب سهتي جي اهڙين ڪوششن لاءِ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي لکيو آهي ته:

”سهتي صاحب ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق ۽ پيشڪش سان گڏ، ٻين ٻولين جي پهاڪن ۽ چوڻين کي پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪري. ان سلسلي هيٺ، سندس هڪ ڪتاب ’گھاگھر منجھ ساگر‘ اڳ ۾ ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ هندڪو ٻوليءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون، سولي سنڌيءَ ۾، سهيڙيل ۽ سمجهايل آهن“.

”پهاڙي آخاڻ“ نالي، ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد وارو هيءُ ڪتاب  ۲۵۶ صفحن تي مشتمل آهي.  مصنف، هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محمد صغير خان ۽ محبت حسين اعواڻ جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جي شروعات ”پيش لفظ“ سان ٿئي ٿي، جيڪو ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي جو لکيل آهي. ڊاڪٽر ٻرڙي، ٻوليءَ جي حسناڪين تي روشني وجھڻ سان گڏ پهاڪن ۽ چوڻين جي اهميت کي به بيان ڪيو آهي. ٽن صفحن تي لکيل ”پيش لفظ“ ۾ سهتي صاحب جي ڪم ۽ شخصيت تي به ڳالهايو ويو آهي. پيش لفظ کان پوءِ ”مهاڳ“ رچناوي ادبي بورڊ جھنگ جي چيئرمين مهر افتخار وينس ”رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي پهاڙي ٻولي“ جي عنوان سان لکيو آهي. مهاڳ، نهايت تفصيلي ۽ ڄاڻ سان ڀرپور آهي. مهاڳ جي شروعات، رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي جاگرافي بيهڪ، طبي ۽ لساني تقسيم سان ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ ”پهاڙي ٻوليءَ جي نالي جو سبب“ تي بحث ڪيو ويو آهي، جيڪو معنيٰ خيز آهي. هن مهاڳ ۾ هڪڙي جدول به ڏنل آهي، جنهن ۾ ۱۹۴۱ع جي آدمشماريءَ جا انگ اکر ڏنل آهي. ليکڪ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان وقت پهاڙي ٻولي ڳالهائيندڙ ڪيترا هئا ۽ اڄ انهن جي آدمشماري ڪيتري آهي. ٻولي ۽ رياست تي تفصيلي بحث ڪندي، مهر افتخار وينس لکيو آهي ته:

”۱۹ اپريل ۱۹۹۱ع تي گوجرن کي شيدولڊ قبائلي اسٽيٽس ڏيندي، کين رياست جي ٽين وڏي آبادي قرار ڏنو ويو. انهيءَ تي پهاڙي ٻوليءَ وارن احتجاج ڪيو ته کين گوجري قبائل ۾ ڳڻيو وڃي، پر کين ان رعايت کان محروم رکيو ويو. رياستي گورنر، انهن پهاڙي ٻولي ڳالهائيندڙ قبيلن جي ڳوڙهن اگھڻ واسطي ۱۷ مئي ۱۹۹۲ع تي پهاڙي بورڊ قائم ڪيو... پهاڙي ٻولي دراصل، انهن قبيلن جي ٻولي آهي، جيڪي وچ ايشيا کان نڪري، پوري دنيا ۾ پکڙيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سڄيءَ دنيا جي ٻولين جا لفظ، خاص ڪري جڳهن جا نالا، آڳاٽي ۽ جھوني پهاڙيءَ منجهه موجود آهن“.

مهر افتخار وينس جو مهاڳ، اصل ۾ اردو ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ ”تحقيقي مقالو“ هو، جنهن کي سهتي صاحب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مهاڳ جو روپ ڍڪايو. مهاڳ کان پوءِ ڪتاب ۾ ”سادا اکر“ ڏنل آھن، جيڪي مصنف پاڻ لکيا آهن. سورهن صفحن تي مشتمل هن تحرير ۾ مصنف، پهاڙي ٻولي تي تفصيل سان لکندي چوي ٿو ته:

”ڄمون ۽ ڪشمير جي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي پهاڙي آهي، جيڪا مختلف لهجن سان ان خطي اندر ڳالهائي وڃي ٿي. منجهس ڪيترا ئي شاعر ۽ اديب، حڪمران ۽ قلمڪار پيدا ٿيا آهن. سندس ڳالهائيندڙ ڪيترن ئي حڪمرانن، برصغير جي مٿان حڪومت پڻ ڪئي آهي. مثال طور: اشوڪ ۽ راجا پورس جي درٻارن جي زبان پهاڙي رهي آهي. ان کان علاوه ڪشمير تي جن بادشاهن حڪمراني ڪئي آهي، منجھانئن سلطان مظفر خان، هيبت خان، محمود خان، حسين خان، زبردست خان ۽ شير احمد خان جي دور جي سرڪاري توڙي درٻاري ٻولي، پهاڙي رهي آهي.“

مصنف جا لکيل ”سادا اکر“ پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته مصنف، پهاڙي ٻوليءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. نه فقط ايترو پر ان جي ادبي، سماجي ۽ سياسي تاريخ کي به نظر مان ڪڍيو آهي. پهاڙي ٻوليءَ جي لوڪ ادب، قرآن پاڪ جي ترجمن جي تاريخ ۽ ٻين نهايت اهم موضوعن تي روشني وڌي آهي. سهتي صاحب ”سادا اکر“ ۾ انهن پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن جي به نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي ٻنهي ٻولين ۾ هڪ جھڙي معنيٰ رکن ٿا. هڪ جدول ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ۲۳۴ پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون ڏنيون ويون آهن، جيڪي معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان سنڌيءَ ٻوليءَ جي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن سان هڪجھڙائي رکن ٿيون.

”سادا اکر“ ۾، سهتي صاحب انهن سڀني جا ٿورا مڃيا آهن، جن کيس هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ ۾ مدد ڪئي. مجموعي طور ڪتاب جي متن ۾ ۷۰۴ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي روشني وڌي وئي آهي. سهتي صاحب، نهايت ڪاريگريءَ سان پهاڙي ٻوليءَ جي مواد کي سنڌيءَ ٻوليءَ جي مواد سان ڀيٽ ڏني آهي. پهاڙي ٻوليءَ جي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي پڻ سولن ۽ سادن لفظن ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪتاب جي متن مان ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا:

”حرکت ناں برکت (کہاوت) 

دنيا اندر، روزي رزق جو اچڻ، چرڻ پرڻ يا هٿ پير هڻڻ سان ڳنڍيل آ. حرڪت سان برڪت پوي. ٻنيءَ ونيءَ مان، واڌ ويجھ ان کي نصيب ٿئي، جيڪو چرپر ڪري. نڪمو، پڪيءَ ٻير هيٺان به بک مري.

مطلب: حرڪت ۾، برڪت.“

 

”رب نیاں، رب جانے (کہاوت)

زندگيءَ اندر ڪيئي معاملا، مشيت ايزديءَ تحت، اسرن ۽ نسرن ٿا. اڄ سمجھ ۾ نه ٿا اچن، سڀاڻي سمجھ ۾ اچن ته واتان نڪري وڃي: ”رب جي ڪرڻي رب ڄاڻي، جو سوچي سمجھي، عام ڀلائيءَ لاءِ ڪري ٿو“.

مطلب: رب جي، رب ڄاڻي.

رب جون ڳالهيون، رب ئي ڄاڻي.“

مجموعي طور تي عبدالوهاب سهتو، سنڌي ٻوليءَ جو برجستو لکاري آهي. سندس محققانه خصلتون ۽ اسلوب بيان، نرالو ۽ منفرد آهي. پاڻ جنهن موضوع کي چونڊيو اٿس، تنهن تي بر صغير ۾ ايترو ڪم ڪنهن به نه ڪيو آهي، جيترو ڪم سائينءَ جو ٿيل آهي. سهتي صاحب جي شخصيت ۽ ڪم لاءِ هي چوڻ درست رهندو ته:

وہ اپنی نظیر آپ ہے اور اپنی مثیل آپ

آنکھوں سے نہاں دل میں عیاں اپنی دلیل آپ

No comments:

Post a Comment