Saturday, March 12, 2022

ادب، ياري دوستي ۽ ھوڪا! مٺل جسڪاڻي

ادب، ياري دوستي ۽ ھوڪا!

مٺل جسڪاڻي



عنوان تي ڪجھ لکڻ کان پھرين چند پھاڪا ياد ڏيارڻ ضروري پيو سمجهان! مثال طور: ”اُهي پيٽَ ئي پڌرا، جيڪي پُٽ ڄَڻين“. ”اُهي ٻيلا ئي ٻيا، جن جون ڪاٺيون ڪم جون“. ”ٻين کي فيض ڏيڻ ۽ واهر ڪرڻ وارا ماڻهو پري کان پڌرا“. ”اُها ڪُڪِڙ ئي مري وئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي.“، ”اُهي تُنيا ئي مري ويا، جيڪي گهَٽا ڏيندا هئا.


آن لائين سنڌي لغت مطابق اَدَبُ واحد لفظ آھي، جنھن جو جمع اَدابُ ٿيندو. ھن لفظ جي لغوي معنيٰ آھي: خُلق، فضيلت. تهذيب، شايستگي. عزت، مان. مرؤت، وڏن جو لحاظ. فهمايش، تنبيه، سزا، سيکت ”ادب اکڙين کي ڏيهاڻي ڏيان.“ (شاھ). سانگو، لحاظ ”کڻ ڪاتي، وڍ انگڙا، ادب ڪر مَ ڪوءِ!“ (شاھ)، اهو علم، علم ادب، جنهن ۾ لغت، تاريخ، فلسفي وغيره.

ساڳي لغت مطابق ادب کي انگريزي ۾ Literature چئبو آھي. ”ادب“ پنھنجي وجود ۾ وسيع معنيٰ ۽ مفھوم رکي ٿو. ‘ادب’ لفظ جي اوسر جڏهن سر زمين عرب ۾ ٿي، تڏھن يورپ وارن ان جو مفھوم Enlightened Literature يا ’Polite Literature‘ ڪري ورتو. جنھن مان اھو علم يا تحرير ظاهر ٿي ٿٖي، جيڪا، لطافت ۽ عملي زيب ۽ زينت ڏانھن اشارو ڪري ۽ انھن قدرن جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اھا تحرير يا تخليق، جيڪا انساني طبيعت ۾ لطف، سڪون يا سرور پيدا ڪري. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا مطابق “لٽريچر (Literature) ھڪ عام لفظ آھي، جيڪو اھو مفھوم ڏئي ٿو ته خيال جو اظھار، جيڪو تحرير ھيٺ اچي، سو لٽريچر آھي. اها لکت، جنهن ۾ زيب، زينت، حسن ۽ رعنائي هجي، ادب، لطافت ۽ زندگيءَ جي گوناگون حقيقتن جي ترجماني ڪري ۽ انهن خوبين جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.“ ادب جو بنيادي ڪم جمالياتي خوشي ڏيڻ آهي. ادب ۾ نثر توڙي شاعريءَ جون سڀ صنفون اچي وڃن ٿيون، جھڙوڪ: ڊراما، ڪهاڻيون، ناول، تنقيد، آتم ڪھاڻيون، سوانح عمريون، سفرناما، نظم، غزل، وايون، بيت، دوها وغيره وغيره.

اھي ته ٿيون آن لائين لغت ۾ لکيل ڳالھيون، ھاڻي پاڻ پنھنجي عام ماحول جو ٿورو جائزو وٺون. ٿورو جائزو ان ڪري ته تفصيل لاءِ مثال ۽ دليل لکبا، ته حوالا به ڏيڻا پوندا. پوءِ ”لوٽي کان ٻگهڻو ڳورو ٿي پوندو“.

پنھنجي عام ماحول ۾ آزاد سوشل ميڊيا جا سڀ ذريعا، جھڙوڪ موبائيل ايس. ايم. ايس.، واٽس ايپ گروپ، فيس بوڪ ۽ ٽئيٽر سان گڏ پي ڊي ايف ۽ ڊمي اخبارون، ميگزين، رسالا جيڪڏھن ڏسبا ۽ پڙھبا آھن، ته ”ادب“ ڳولڻو پوي ٿو!

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ڇنڇر ۱۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

1 comment:

  1. اھو چوئٿ ئي مري ويو، جيڪو چڻا / ڪھر کپائيندو ھيو.

    ReplyDelete