Friday, January 7, 2022

جوڌي جو گڏھ جڏھن ھينگندو، پاڻيءَ جو وارو تڏھن ئي ملندو. - اقبال جمالي

جوڌي جو گڏھ جڏھن ھينگندو،

پاڻيءَ جو وارو تڏھن ئي ملندو.

(بلوچي، پھاڪو)

راوي: اقبال جمالي



بلوچستان ۾ ورهاڱي کان اڳ، واڻيا ڳوٺن ۾ به ڪاروبار لاءِ هٽيون يعني دڪان هلائيندا هيا. هڪڙي ڳوٺ ۾، هڪ جوڌي نالي واڻيو رهندو هيو. جنهن وٽ پنهنجي هٽ لاءِ شھر کان سامان آڻي، وڪڻڻ واسطي هڪڙو گڏھ به ڌاريل هيو. 


ڳوٺ جي هارين نارين، پنهنجي ٻنين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ، نار تي وارا ٺاهيا ھيا. جيئن ته گهڙيون/ واچون ان وقت نه ھيون، تنھن ڪري جڏهن رات جو جوڌي جو گڏھ هينگ ڏيندو هيو، تڏهن هڪ جو وارو ختم ٿيندو ھيو ۽ ٻئي جو وارو ايندو هيو.

ھيءَ چوڻي ان وقت کان رائج ٿيل آھي.

مطلب: گڏھ، هِينگندي وس وڃائي.

 

(اقبال جماليءَ جي فيسبڪ تي ھڪ ڪمينٽ ۾ ڏنل تان ۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment