Tuesday, February 1, 2022

ڇڙي جي باھ - ابراھيم کرل

ڇڙي جي باھ 

(ورجيس)

ابراھيم کرل



ڇڙي کجيءَ جو پوٽن واري حصي کي چئبو آھي. جيئن وڻن ۾ لامون ٿين، اھا ڇڙي جڏھن ڇانگجي ٻارڻ جي ڪم ايندي آھي تہ سندس پوٽا، باھ ۾ جلدي سڙي وڃڻ جي صلاحيت رکندا آھن. ڇڙيءَ جي باھ گھڻو دير جٽاءُ نہ ڪندي آھي. جلد ڀڙڪندي آھي ۽ منٽن ۾ ڇار ٿي ويندي آھي. اھو جھٽ کن جو ڀڀڙ، نہ سيءُ لاھي سگھندو آھي ۽ نه مٿس ماني پچي سگھندي آھي. پر باھ مچائڻ ۾ واھ جو ڪم ڏيندو آھي.


مطلب؛

۱. ڪانڊيرن جي باھ.

۲. غير جٽادار ڪاوڙ.

۳. اڻ سوچيو جذبو.

 

(ابراھيم کرل، ’ھيءُ روشن شيخ آھي‘، فيسبڪ ٽائيم وال پوسٽ تي ڪمينٽ ۾ ۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ورتل وضاحت.)

No comments:

Post a Comment