Tuesday, January 4, 2022

سُرمون سڀڪا پائي، پر اک اک جو ڦير - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سُرمون سڀڪا پائي، پر اک اک جو ڦير. (سنڌ، پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سرمو، اک جي سونھن وڌائڻ لاءِ پائبو آھي. ڏينھن جو پائبو ته اکين کي فائدو ڏيڻ بجاءِ نقصان ڏئي سگھي ٿو ۽ سونھن به نه وڌائيندو. رات جو پائي سمھبو ته اکين جي جوت وڌائڻ سان گڏ کين صاف سٿرو ۽ اڇو اجرو رکندو، جنھن سان اکيون جرڪي پونديون ۽ پر ڪشش ٿي پونديون. بلڪ سرمي پاتل، اک ڪڪڙي ٿي پوندي.


اھا ٻي ڳالھ آھي ته ھر اک اھڙي ناھي ھوندي جو سرمي پائڻ سان ڪڪڙي ٿي پوي. ھر اک جو پنھنجو رنگ ڍنگ آھي. اکين جا به سوين نمونا ۽ قسم آھن. سرمو به ڪنھن ڪنھن اک ۾ ٺھندو آھي. ڪو سرمو پائيندو ته سھڻو لڳندو، ڪو وري بڇڙو پيو لڳندو. ان جو اھو مطلب ناھي ته سرمو پائجي ئي نه. سرمو، سنت سمجھي پائجي. پر پائجي به سنت واري طريقي سان ته جيئن فائدو ڏئي.

مطلب: چڱا ڪم ھر ڪو ڪندو آھي پر سونھندا ڪنھن ڪنھن کي آھن.

۲. ھر ماڻھوءَ کي سھڻو ٿيڻ زيب ئي نه ڏيندو آھي.

۳. ٻڍي گھوڙي، لال لغام وجھڻ سان، سھڻو نظر اچڻ بجاءِ بڇڙي پئي لڳندي.

۴. گڏھ تي گھوڙي واري زين يا جھل وجھبي ته بجاءِ سونھن ۾ واڌارو اچڻ جي بڇان پئي ڏياريندي.

No comments:

Post a Comment