Tuesday, October 26, 2021

ڪَتي، گھمندي ڦرندي لٿي.

۱. ڪَتي، گھمندي ڦرندي لٿي. (چوڻي)

۲. ڀلي آئي ڪَتي، جنھن ۾ گري گنجي مَتي. (چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



مٿي، ڪتيءَ بابت، ٻه چوڻيون ڏنل آھن. منجھانئن پھرين چوڻي، ڪتيءَ جي نکٽ بابت ۽ ٻي چوڻي ڪتيءَ جي مند بابت آھي.

ڪتيءَ جي مند تي نالو پڻ ڪتيءَ جي نکٽ پويان پيل آھي. جو سنڌ ڌرتيءَ جي آسمان تي جون جولاءِ جي مھينن کان نومبر ڊسمبر تائين ڪتي اڀرندي لھندي آھي.


ان نکٽ کي فارسيءَ اندر پروين ۽ عربيءَ منجھ ثريا سڏيو ويندو آھي. ٽيڙوءَ واري نکٽ کان ٿورو اڳيان ھوندو آھي.

ڪتيءَ جو نکٽ، سنڌ ڌرتيءَ جي آسمان تي ڇھن مھينن لاءِ نروار ٿيندو آھي ۽ ٻيا ڇھ مھينا الوپ ھوندو آھي. ٻارھن کن سنھڙن تارن جو ميڙ يا جھڳٽو آھي، جيڪو اک تي تڏھن چڙھندو آھي، جڏھن ڪتي منجھند کي اچي پھچندي آھي. وري ٿڏي تي لھڻ جو ٽائيم ھوندو اٿس جو اھا سڌو اولھ نه ويندي آھي. پٺيانئس، ٽيڙو ۽ لوڌيءَ ۽ سھيل جا نکٽ ڌوڪيندا آھن. ٽيڙو آسمان جي دن تي پھچندو آھي ته ڪتي بجاءِ اولھ وڃڻ جي اتر ڏي ڦيرو کائي ويندي آھي. جنھن تان ٻيو نمبر چوڻي؛ ”ڪَتي، گھمندي ڦرندي لٿي.“ چيل آھي.

ڪتيءَ جي مند، اڪثر ويھر/ وھر جي مند آھي. جنھن ۾ گڏھن، گھوڙن يا ڪتن ۾ لڳ جو عمل عام ٿيندو آھي. ان مند ۾ جسم اندر اھڙو ڦيرو ايندو آھي جو ڏٻري يا ڏٻرو يا گري گنجي پڻ متل ۽ تتل يا وھريل ھوندي آھي. ان تان ڪتيءَ جي تعريف ۾ ائين چيل آھي؛ ”ڀلي آئي ڪَتي، جنھن ۾ گري گنجي مَتي.“

No comments:

Post a Comment