Saturday, September 29, 2018

اصطلاح ڇا آهي - عبدالحي سومرو


اصطلاح ڇا آهي؟
سهيڙيندڙ: عبدالحي سومرو
اصطلاح عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “موافقت يا موزونيت”. عام تور تي اصطلاح ان کي چئبو آهي جنهن جي ظاهري پرهڻي هڪ معلوم ٿئي ته وري سوچ ويچار ڪرڻ سان ٻيو مقصد حاصل ٿئي.


اسان جي سنڌي ٻولي ۾ اهڙي قسم جا تمام گھڻا جملا موجود آهن، جن کي اسان جي وڏڙن، سياڻن، صالحن ۽ درويشن زماني جي آزمودن کي ڏسندي چيا آهن. اصطلاح جي ترڪيب موجب هر حال ۾ اصطلاح جو آخري اکر مصدر يعني جنهن جي آخر ۾ “ڻ” هجڻ ضروري آهي. اصطلاحن جا لفظ پورا هوندا آهن، انهن ۾ گھٽ وڌ ڪرڻ جي گنجائش نه هوندي آهي.
اکين تي پردا چڙهڻ:
۲. اکيون ٻرڻ
۳. آرسيءَ ۾ منهن وجھڻ
۴. اک ڏيکارڻ
۵. اک کي ڇوڏو ٻڌڻ
۶. اٽو ٻڌي پٺيان لڳڻ
۷. اٽي ۾ لوڻ هئڻ
۸. اک نه ٻُڏڻ
۹. اُس ۾ اڇا وار ڪرڻ
۱۰. اک لڳڻ
۱۱. حوصلا خطا ٿيڻ
۱۲. چورن متان مور هئڻ
۱۳. اُڀ ڦاڙڻ
۱۴. اُڀ ۾ تڪڻ
۱۵. اکيون ٺرڻ
۱۶. اوجھڙ ۾ اٽڪڻ
۱۷. اوڙاهه ۾ ڪرڻ
۱۸. بصر ڇلڻ
۱۹. اَڪَ ڪارا ڪرڻ
سنڌ سلامت ڪتاب گهر تان ورتل
ڪتاب، انٽر ميڊئيٽ سنڌي، لازمي ڪتاب جا نوٽس

No comments:

Post a Comment