Friday, September 21, 2018

شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن جو ڪمال - ڊاڪٽربشير احمد شاد


شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن جو ڪمال
ڊاڪٽربشير احمد شاد
تشبيھ مان مراد آهي هڪ شيءِ جي ٻي شيءِ سان سندس گڻن ۽ اوگڻن ۾ هڪ جهڙائي ڏيکارڻ. پوءِ اهي گڻ يا اَوگڻ، ڪهڙي به نوعيت جا هجن. مثلاً قد بت، شڪل شباهت، رنگ ڍنگ، عادات اطوار وغيره وغيره. سولن لفظن ۾ ٻن اسمن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪرڻ کي تشبيھ چئبو. ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ تشبيھ جو استعمال عام هوندو آهي. کڻي چئجي ته تشبيهون ادبي ٻوليءَ جي جان هونديون آهن.


پنهنجو مطلب ۽ مفهوم سمجھائڻ لاءِ به تشبيهن جو سهارو وٺڻ ضروري هوندو آهي. اسان جي سنڌي زبان، تشبيهن جي دولت سان مالا مال آهي. لطيف سائين جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جا سمورا سُرَ، تشبيهن سان ٽمٽار آهن. تشبيهون به اهڙيون ته موزون، مناسب ۽ موقعي مهل توڙي مفهوم جي لحاظ کان آنديون ويون آهن جو پڙهندڙ حيران ٿي وڃي ٿو ۽ لطيف سائين جي مشاهدي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي. هتي رسالي جي ڪجھ سُرن مان خوبصورت تشبيهن جا مثال پيش ڪجن ٿا. جنهن مان لاکيڻي لطيف جي فن، فڪر ۽ مشاهدي جو بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سُر يمن ڪلياڻ جو هڪ بيت آهي.
ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
لام (ل) کي الف (ا) سان ملائڻ جون ٻه صورتون آهن. هڪ ’لا‘ ۽ ٻي ’لا‘. لطيف سائين لام کي الف سان ملائڻ جي ڳالھ ٿو ڪري. هتي پهرين شڪل ۾ لام ۽ الف ڌار بيٺا آهن. يا انهن کي ڌار ڪري سگھجي ٿو. جڏهن ته ٻي شڪل ۾ لام ۽ الف اهڙي صورت اختيار ڪئي آهي جو انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ئي نه ٿو سگھجي. جي انهن کي ڌار ڪبو ته انهن جي شڪل ئي بگڙي ويندي. لاکيڻي لطيف، محبوب جي عاشق جي روح ۾ رچي وڃڻ واري تشبيھ، ان ڪاتب جي لام الف واري ڳانڍاپي سان ڏني آهي. جنهن مان سندس فڪر جي بلنديءَ جو پتو پوي ٿو.
سهڻيءَ کي ميهار جي محبت ماري وڌو هو. ويتر وڇوڙي جي واءَ ته سندس حواس ئي خطا ڪري ڇڏيا هئا. ميهار سان ملاقات کي به مدت گذري چڪي هئس، تنهن ڪري سخت پريشان هئي. لطيف سرڪار کي سندس انهيءَ آنڌ مانڌ جو بخوبي احساس هيو. جنهن جو اظهار بيت جي هيٺين سٽن ۾ ڪيائين.
ڏٺي ڏينهن ٿئام، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين،
ولين جئن وريام، گوندر غم پرين جا.
سهڻيءَ کي پرين جي غم ۽ گوندر گھيري ويا هئا، جنهن جي تشبيھ لطيف سائين ڪهڙي نه خوبصورت انداز ۾ ڏني آهي. جيئن وليون وڌڻ ۾ ويرم ئي نه ڪنديون آهن. وڻ ويڙهيءَ جو ئي مثال وٺجي ته اها ولِ ڪيترو نه تيز رفتاريءَ سان وڻن کي وڪوڙي وٺندي آهي. سهڻيءَ کي غمن گوندرن ائين وڪوڙي ڇڏيو هو. سهڻيءَ جي سيني ۾ ميهار جي محبت جي ميخ اٽڪيل هئي. ميهار سندس من موهي وڌو هو. جيئن هن پارس بڻجي سهڻيءَ کي سون بڻائي ڇڏيو هجي. هوءَ ميهار جي اهڙي محبت لاءِ ڪيتري ٿورائتي آهي. سندس دل جي ترجماني ڪندي، لطيف سرڪار خوبصورت تشبيهون ڏئي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. ان ڀلي جي ڀالن جي پهرين تشبيھ، سانوڻ ۾ درياءَ جي انهن لهرين سان ڏئي ٿو جن کي شمار ڪري ئي نه ٿو سگھجي. ٻي تشبيھ ٿر جي واريءَ جي ذرن سان ڏني اٿس جيڪي پڻ اڻ کٽ آهن. ٽين تشبيھ تِر وارن سان ڏئي ٿو، جن کي ڳڻي سگھڻ مشڪل ۽ محال آهي. پر سهڻي، ميهار جا انهن کان به وڌيڪ ٿورا ٿي ڀانئين. لطيف سائين فرمايو:
سانوڻ لهريون، ٿر واري، تِر وار،
انهائي اَپارَ، مون سين ڀلي ڀال ڪئا.
سسئي ۽ پنهونءَ جو به مثالي عشق هو. پنهونءَ کي جڏهن سسئيءَ کان ڌار ڪيو ويو ته هي نماڻي نار، مشڪلاتن هيٺ اچي ويئي. انهن تڪليفن سان منهن مقابل ٿي جيڪي عورت ذات جي اُڪارڻ کان ئي مٿي هيون. لطيف سرڪار سسئيءَ جي سورن کان بي خبر ڪو نه هو. بلڪ هن ان موقعي تي سندس همت وڌائڻ لاءِ ساڻس مخاطب ٿي چيو:
متان مُٺي! ڇڏيين، پريتڻو پاڻا،
ڄاپن جئن ڄاڻا، تون پڻ هوئج تن جيئن.
يعني سسئي متان گھٻرائجي انهيءَ پريت جي پيچ کي ڇني ڇڏين. بلڪ تنهنجو پنهونءَ سان اهڙن جاڙن جهڙو ڳانڍاپو هئڻ گھرجي، جيڪي هڪ ٻئي سان ٻٽُ هوندا آهن ۽ هڪ ٻئي تان جان نڇاور ڪندا آهن. پريت جي پيچ جي جاڙن ٻارن جي هڪ ٻئي سان محبت سان تشبيھ ڪيڏي نه خوبصورت لڳي ٿي. لفظ ’ڄاڻا‘ جاڙن جي معنى ۾ استعمال ٿيل آهي. سسئيءَ جو به اچي پربت پهاڙن سان واسطو پيو هو. اڻانگا ۽ اڻ سنوان پٿريلا رستا، جن سندس پير پٿون ڪري ڇڏيا هئا، پر هيءَ عورت ذات ڪري به ڇا پئي سگھي! انهن سمورين صعوبتن کي تقدير جو ليک سمجھي پئي وکَ وڌائي. هوءَ ڏونگر کي ڏوراپو پئي ڏئي ته تو مونسان وڏيون ڏاڍايون ڪيون آهن. لطيف سائين سندس اندر جي ڪيفيت کي سُرُ ڪوهياري جي بيت ۾ هن ريت سمايو آهي.
ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايون ڪرين،
مون تَنَ اندر تئن وهين، جئن وڻ وڍي واڍو،
ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، نا ته پٿر ڪير پنڌ ڪري.
بيت جي ٻي سٽ ۾ لاکيڻو لطيف سسئيءَ جي مٿان جيڪي مصيبتن جا پهاڙ ڪريا پئي ۽ انهن سندس اندر ۾ جيڪي وڍَ ٿي وڌا، تن جي تشبيھ، واڍي جي وڻ وڍڻ واري عمل سان ڏئي، ڪمال ڪيو آهي. سُر حسيني ۾ پڻ خوبصورت تمثيلن وارا بيت ملن ٿا. هڪ بيت ملاحظه ٿئي :
منجھان منهنجي روح، جي وڃي ساڄن وسري،
ته مَرُ لڳي لوھَ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
سسئي پنهنجو پنهل هڪ ساعت لاءِ به وسارڻ کي اذيتناڪ موت برابر سمجھي ٿي. اهڙي موت جي تشبيھ ’لوھَ‘ ۾ ٿر ٻاٻيهي جي موت سان ڏئي ٿي. چيو وڃي ٿو ته ٿر ۾ وسڪارو نه ٿيڻ واري ٺوٺ سوڪَ واري مند ۾، جڏهن سخت گرم جھولي وگھي ڪانءَ جي پئي اَکِ نڪرندي آهي ته اهڙي ماحول ۾ ٿر جو هڪ ننڍڙو پکي ٻاٻيهو خشڪي ۽ اڃ وگھي، نهايت درد ڀرئي آواز ۾ مسلسل دانهيندي پَٽَ تي ڪري، پنهنجي جان ڏيندو آهي. اهڙي خوبصورت تشبيھ ڏيڻ سان، شاھ سائين جي باريڪبينيءَ واري مشاهدي ۽ مطالعي جو پتو پوي ٿو.
سسئيءَ بابت ساڳئي سُرَ ۾ هڪ ٻيو تمثيلي بيت آيل آهي. جنهن ۾ سسئي پنهنجي اڀري، ڪمزور ۽ معصوم هجڻ جو اعتراف ڪندي، انهن سورن ۽ سختين سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته؛ مونکي ايڏو نه ستايو، مان اڳ ۾ ئي نحيف، نٻل ۽ ڪمزور آهيان. لطيف سائين سسئيءَ جي اهڙن ڳرن ڏکن جي، جن سندس جيءَ کي جھوري وڌو آهي، تمثيل پاڻيءَ ۾ لوڻ سان ڏني آهي. يعني جيئن لوڻ پاڻي ۾ وجھڻ سان پنهنجو وجود وڃائي ويهندو آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ڳري ويندو آهي، ائين سسئيءَ جي جندڙيءَ کي ڏکن ڳاري ڇڏيو آهي. بيت جون سٽون هن ريت آهن:
سورَ! مَ ڏي ڌوڻ، آنءُ آهيان اڳهين ڪانهري،
جا پَرِ پاڻيءَ لوڻ، سا پَرِ منهنجي جندڙي.
مومل ۽ راڻي جي به مثالي محبت هئي. مومل جو راڻي کان سواءِ روح ريڌو ئي ڪو نه ٿي. هوءَ هر وقت سندس لاءِ منتظر هوندي هئي. تيل ڦليل جا ڏيئا ٻاري ٻانگن تائين اوسيئڙي ۾ رهندي هئي. لطيف سائينءَ کي سندس انهيءَ تڙپ ۽ بيقراريءَ جو بخوبي احساس هو، تنهن ڪري هن مومل جي ان بيقراريءَ ۽ راڻي سان سندس روح جي ٻنڌڻ جي تمثيل ان ٻيڙيءَ سان ڏني آهي، جنهن کي ڪناري تي لنگر انداز ڪري ڪِيرن سان جڪڙي مضبوط ڪيو ويندو آهي. مومل جو روح راڻي وٽ ائين سوگھو هو. هاڻي هن ويهڻ وِھُ مثل ٿي ڀانئيو. تنهن ڪري هر وقت ويٺي نير وهايائين. لطيف سائين مٿين روداد کي بيت جي سٽن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي:
راڻي سندو روح ۾، پسو! پڳھ پئوم،
ٻيڙيءَ جئن ٻڌي وئو، سڌو ساھ سندوم،
ويهڻ وِھُ ٿئوم، جاڳيو ٿي جر هاريان.
مارئي لطيف سائين جو لاثاني ۽ لافاني ڪردار آهي، جنهن جو محور ۽ مرڪز ساڻيھ جي سِڪَ آهي. وطن، جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب فرمايو؛ ’حيف تنين تي هوءِ، وطن جن وساريو‘. ڌرتيءَ سان، انسان جو ازلي ۽ ابدي رشتو آهي. عمر جي قهري ڪوٽ ۾، مارئي وطن واسين کي هر ساعت پئي ساريو. اتان جي گولاڙن ۽ گاهن کي ياد پئي ڪيو. سندس بُتُ بند ۾ قابو هيو، باقي ساھ پساھ مارن وٽ هيو. هيٺئين بيت ۾، ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ، مارئيءَ جي محبت جو مثال، سِبڻَ واري سئيءَ سان ڏئي، ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. سئي جيڪا بظاهر اسان جي آڏو هڪ معمولي ۽ ننڍڙي شيءِ آهي، ان جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪندي، پڙهندڙ جون اکيون کولي ڇڏيون اٿائين. جنهن مان لطيف سائينءَ جي باريڪ نگاهيءَ جو پتو پوي ٿو. مارئيءَ جو ساھ، مارن سان سنهي سُئيءَ واري ٽوپي وانگر ڳنڍيل آهي.
سنهي سُئيءَ سبيو، مون مارن سين ساھ،
ويٺي ساريان سومرا! گولاڙا ۽ گاھ،
هينئون منهنجو هِت ٿئو، هُتِ مٽي ۽ ماھ،
پَکَنِ منجھ پَساھُ، قالب آهي ڪوٽَ ۾.
سُر مارئيءَ جي هڪ بيت ۾، شاھ صاحب هڪ ئي وقت ٻه تشبيهون ڏنيون آهن. بيت ملاحظه ٿئي:
جَرَ ۾ سپون جيئن، آهن اَبَرَ آسري،
جيئن ڪونجون سارين روه کي، مون تن اندر تيئن،
هُتِ واعدا وڃڻ جا، هِتِ نه ڀانئيم هيئن،
ڪوٺي ويهان ڪيئن! جي نظر بندياڻي نه هئان.
بيت جي پهرين سِٽَ ۾ سانگين جي سڪ جو مثال، سمنڊ واري سِپَ سان ڏنو ويو آهي، جيڪا مهر ڀرئي مِينهن جي ڦڙي لاءِ آسائتي هوندي آهي ۽ سمنڊ جي سطح تي اچي ان جو انتظار ڪندي آهي. ٻي سِٽَ ۾ وري، جيئن وَلرَ کان وڇڙيل ڪونج، پنهنجي روھ کي ساريندي آهي، مارئيءَ جي منَ ۾ مارن لاءِ به اهڙي سِڪَ ۽ آنڌ مانڌ آهي.
ساڳئي سُر ۾، هڪ نهايت خوبصورت تمثيلي بيت ملي ٿو. جنهن ۾ لطيف سائينءَ، مارئيءَ جو پنهنجي مارن سان من جي ڳانڍاپي جو مثال ڳنڍير ۾ ڳنڍين سان ڏنو آهي. يعني جيئن ڳنڍير جون ڳنڍيون، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل يا جڙيل هونديون آهن، تيئن مارئي جو من ماروئڙن سان جُڙيل آهي.
جئن ڳنڍيون منجھ ڳنڍير، تئن مون منُ ماروئڙن سين،
سي ماروئڙا ٿرِ ٿيا، جي ڳڻن جا ڳهير،
تنينِ ريءَ همير! گھنگھر گھاريا ڏينهڙا.
نوري، پنهنجي صورت توڙي سيرت ۾، سڀني وصفين سهڻي هئي. ان ڪري ئي هن، پنهنجي نياز توڙي ناز سان، ڄام تماچيءَ جي جيءَ ۾ جايون جوڙيون. مُنهن مهانڊي ۾ هوءَ مهاڻي ته لڳي ئي ڪا نه ٿي. وري هن جو منڍ کان ئي رنگ ڍنگ شاهاڻو هو. تنهن ڪري هوءَ ڄامَ وٽ به پٽَ راڻي بڻجي ويٺي. لطيف سرڪار، نوريءَ جي ان حيثيت جي تشبيھ سرندي جي وچ واري سَڳي يا تار سان ڏني آهي. جڏهن ته سُرندي ۾ پاسن کان ٻيون به تارون هونديون آهن، پر وچ واري تار جي اهميت ئي اور هوندي آهي، جو وچين سڳي سورڻ سان ئي ساز جو سُرُ جُڙندو آهي. شاھ سائين جي سُر ڪاموڏ مان هيٺيون بيت ملاحظه ٿئي:
هٿين پيرين ارکڻي، مُنهن نه مهاڻي،
جيئن سَڳو منجھ سرندي، تيئن راڻين ۾ راڻي،
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻَڌس ٻانهه ۾.
ظاهري توڙي باطني معنى جي لحاظ کان سُر سارنگ، لطيف سرڪار جو شاهڪار سُر آهي. جنهن ۾ ٻين انيڪ خوبين سان گڏ، خوبصورت منظر ڪشي ۽ تشبيهات جو رنگ جا بجا نظر اچي ٿو. جيئن هن بيت ۾ ڏسو ته؛ شاھ صاحب ڪيئن مِينهن کي نِينهن سان مشابهت ڏئي، ڪمال ڪيو آهي.
مِينهان ۽ نِينهان، ٻئي اکر هيڪڙي،
جي وسڻ جا وَسَ ڪري، ته ڪڪر ڪن ڪيهان،
بادل ٿي بيهان، جي آگمُ اچڻ جا ڪري.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مِينهن ۽ نِينهن جي تمثيل کي هن ريت سمجھايو آهي: ”مِينهان، مينهن جو جمع ۽ نِينهان، نينهن جو جمع آهي. مينهن ۽ نينهن ائين برابر آهن جو ٻنهي جي اچڻ جي ڪا مند ڪانهي. ٻئي جڏهن اچن ته اچي وڃن. جڏهن وَسي تڏهن وَسَ. نِينهن به جڏهن لڳي ته لڳي وڃي. وسڪاري کان اڳُ، ڪڪر جُڙي ڪيهان ڪندا آهن، جيڪي وسڻ جا آثار هوندا آهن.“ سُر رِپَ جي هيٺين بيت ۾ لطيف سائين محبوب جي وڇوڙي جي ڪيفيت لاءِ، ڪيڏي نه خوبصورت تشبيھ ڏني آهي:
اُٺي جنءَ مورن، اوڀڙِ ولهارن ۾،
سا پَرِ گوندر ڪن، جھ ڦوڙائو سڄڻين.
يعني جيئن هيٺانهينءَ يا نشيبي علائقي ۾ مِينهن وسڻ سان اوڀڙِ اڀري پوندي آهي، گل گاھ ٻوٽا ڦٽي پوندا، ائين ئي محبوب جي وڇوڙي ۾ عاشق جي اندر ۾ غمن ۽ گوندرن جا گؤنچ ڦٽي پوندا آهن. فراق جو غم، عاشق جي اندر کي گھائي رکندو آهي. ساڳئي ئي سُر ۾، شاھ سائينءَ جو هڪ ٻيو بيت ملي ٿو، جيڪو تشبيھ جي حوالي سان شاهڪار بيت آهي. فرمائي ٿو:
ڳَرهَ ۾ ڳجھو روءِ، پڌر وِجھ مَ پرينءَ ري،
سورن سڀرُ هوءِ، هِيڙا ڪُمَ ڪڻن ۾.
هتي لطيف سائين، عاشق کي تنبيھ ٿو ڪري ته دکن دردن جي روداد پرينءَ کان علاوه ڪنهن ٻي آڏو پيش نه ڪر، بلڪ اڪيلائيءَ ۾ پاڻ سان سورَ ويٺو سَلِ ۽ پاڻ منجھ سورن سانڍڻ جي سگھ پيدا ڪر. اهي سور تو وٽ ايترا ته ڪٺا ٿي وڃن جو تون انهن سان ڀرجي وڃين. انهن سورن جي شمار جي تشبيھ، ڀٽ ڌڻي ڪُمن جي ڪڻن سان ڏئي ٿو. ڪُمُ ڍنڍن ۽ تلائن ۾ اُڀرندڙ پٻڻ جي وَلِ جي گول گُبي کي چئبو آهي، جنهن ۾ گھاٽا سنهڙا ڪڻا، ڳوڙهو ٿيل هوندا آهن. مٿين تشبيھ تي غور ڪجي ٿو ته لطيف سائينءَ جي باريڪبينيءَ واري اکِ کي داد ڏيڻو پوي ٿو. هن پاڻيءَ جي تري ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ عام ۽ بظاهر خسيس شيءِ کي دردن جي ڳاڻيٽي سان تشبيھ ڏئي، عامَ جي توجه جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. سُر رِپَ جو ئي هڪ بيت پيش ڪجي ٿو، جيڪو پنهنجي اندر تشبيھ جي لحاظ کان وڏي معنى رکي ٿو.
چيتاريان چُڻڪن، وساريان نه وسرن،
ويرون تار ڏکن، سڄڻ ڀڳي هڏ جئن.
شاھ سائين عاشق جي پيڙا جو ذڪر ڪندي، فرمائي ٿو ته؛ هو جئن جئن پرينءَ کي ياد ٿو ڪري تئن تئن سندس سيني ۾ نوان نوان درد اُتپن ٿين ٿا. وسارڻ ته سندس وَسَ ۾ ئي نه آهي. انهن سورن جي اُڀرڻ جو مثال ويرون تار پاڻيءَ سان ڏئي ٿو، معنى تمام گھڻو ستائيندڙ درد. ان درد جي تشبيھ، لطيف سرڪار ڀڳل هَڏ سان ڏئي ٿو. يعني جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪو هڏ ڀڄي پوي ته ان ۾ مسلسل درد رهندو آهي. عاشق جي اندر کي به هر ساعت ائين درد ستائيندو رهي ٿو. لطيف جي تشبيهن جو به جواب ناهي. هو پرينءَ جي حسن و جمال، نفاست ۽ نزاڪت جي تشبيھ، خوبصورت گلن ٻوٽن ۽ سهڻن رنگن واري ڀرت ڀريل ريشمي گجَ سان ڏئي ٿو. اهڙي پرينءَ کي وساري ويهڻ عاشق جي وَسَ ۾ ناهي، ڇو ته محبوب سندس مَنَ ۾ ديرو دمايو آهي. سُر رِپَ جو هيٺيون بيت ڏسو:
گوني ۽ گُوني، پرين پٽائين گَجَ جئن،
جي منجھوني، سي ڪيئن وڃن وسري.
پرينءَ جي ياد دل مان وساري ويهڻ مشڪل ۽ محال آهي. عاشق جي دل ته محبوب جي ياد سان ئي آباد هوندي آهي. لطيف سائين، طالب ۽ مطلوب جي روح جي ڳانڍاپي جي تمثيل کوهي نار سان ڏئي ٿو. فرمائي ٿو ته جهڙي ريت ڪچي کوهيءَ تي چڙهيل نار مان واري گاڏڙ پاڻي وهندو آهي ۽ ان واريءَ کي پاڻيءَ کان جدا ڪري ڪو نه سگھبو آهي، اهڙي طرح محبوب جي ياد به عاشق جي رڳ رڳ ۾ رچي ويندي آهي. سُر رِپَ جو ئي هڪ بيت آهي:
جئن سي کوهيءَ نار، وهن واريءَ گاڏئان،
هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري.
محبت جي واٽ ۾ جيڪي مشڪلاتون درپيش اچن ته انهن کي صبر سان سَهڻو آهي. عامَ ۾ واويلا ڪرڻي نه آهي. ان ۾ ئي عاشق جو معراج آهي. شاھ سائين سُر رِپَ ۾ عاشق کي ڪنڀر جي آويءَ کان نينهن جو سبق سکڻ جي تلقين ڪري ٿو. جهڙي ريت آويءَ ۾ اندر ته ڏينهن رات باھ جا آڙاھ پيا ٻرندا آهن پر ٻاهر ٻاڦ به ڪا نه نڪرندي آهي. انهيءَ ٻاڦ سانڍڻ جي نتيجي ۾ ئي مٽيءَ جا ڪچا ٿانءَ پچي پڪا ٿي پوندا آهن. اهڙيءَ ريت عاشق کي به پنهنجي اندر ۾، عشق جي آڳ سانڍڻي آهي. ان جي ٻاٻور، هرگز ٻاهر ڪڍڻي نه آهي. پوءِ جڏهن هو عشق جي آڙاھ مان رچي ريٽو ٿي نڪرندو، تڏهن هن جي آڏو دنيا جي ڪا ئي طاقت بيهي نه سگھندي ۽ هو عشق جي مملڪت جو بي تاج بادشاھ بڻجي ويندو.
نهائينءَ کان نينهن، سِکُ منهنجا سپرين،
سَڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
سُر بروو سنڌي ۾ پڻ تشبيهن جا ڪيئي مثال ملن ٿا. انساني رشتن ۾ ڪي ماڻهو ويجھو رهندي به ڏور محسوس ٿيندا آهن. ڇا لاءِ ته انهن سان محض سماجي تعلق رهندو آهي. پر جن سان اندر جي اوت ۽ روح جو رشتو ڳنڍيل هوندو هي، اهي ڏور هوندي به هميشه دل جي آڳر تي موجود هوندا آهن. محض رسمي تعلقات وارن انسانن کي شاذ و نادر ئي ياد ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته محبوبن جي ياد، وسارڻ جي ئي نه هوندي آهي. لطيف سائين عاشق سان معشوق جي ان تعلق ۽ ڳانڍاپي جي تشبيھ، ڪُنڍي مينهن جي سڱن جي صفا گول ونگ سان ڏئي ٿو.
ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
ڪي سنڀرجن نه ڪڏهين، ڪي نه وسرن مور،
جنءَ مينهن ڪُنڍيءَ پور، تنءَ دوست وراڪو دل سين.
سُر بروو سنڌي جو هڪ ٻيو خوبصورت تمثيلي بيت هن ريت آهي:
ڪڙو منجھ ڪڙي، جنءَ لوهارن لپيٽيو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگھو ڪئو.
هن بيت ۾ شاھ صاحب، سچي سپرينءَ سان نينهن جي ناتي جي تمثيل لوھ جي ڪڙي سان ڏني آهي. جهڙي طرح لوهار لوھ جا ڪيترا ئي ڪڙا ٺاهي، انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي مضبوط زنجير جوڙيندو آهي. اهڙيءَ طرح عاشق جو جيءُ، محبوب سان جَڙيل هوندو آهي. سُر رِپَ وانگر سُر بروو سنڌي ۾ به تشبيھ وارا اڪيچار بيت ملن ٿا. هيٺ پيش ڪيل بيت تشبيھ جي حوالي سان شاهڪار بيت آهي.
اڄ پڻ انگيم انگ، هٿان حبيبن جي،
ساجن ريءَ سرتيون، روح نه رچن رنگ،
جاني آيو جوءِ ۾، منجھان نينهه نسنگ،
جا پَرِ ساٽي سنگ، سا پَرِ سورن سان ٿئي.
بيت جي پهرين سِٽ ۾ ”اڄ پڻ انگيم انگ“ مان مراد آهي ته؛ اڄ منهنجو محبوب منهنجي جسم ۽ جان جو مالڪ بڻجي ويو. هاڻي مون تي مالڪيءَ جي دعوى ٻيو ڪو به ڪري نه ٿو سگھي. اهڙي مالڪيءَ جو مثال، ان ريت ڏئي ٿو ته جئن ڪنهن اَنَ جو انبار ڦٽين جو ڍڳُ يا ڪو ٻيو مال انگي ڇڏبو آهي. يعني ان تي نشان ڪڍي، پنهنجي رکواليءَ هيٺ آڻبو آهي. جئن ڪو ٻيو ان جي مالڪيءَ جي دعوى نه ڪري سگھي يا چورائي نه سگھي. ائين محبوب منهنجي تن ۽ من جو مالڪ بڻجي ويو آهي. بيت جي چوٿين سٽ ۾ ’جا پَرِ ساٽي سنگ‘ مان مطلب آهي ته محبوب جي اهڙي ڪرم نوازيءَ سبب، منهنجن ڏکن سان اهڙي حالت ٿي آهي، جهڙي سارين ۽ ڪڻڪ جي سنگن سان ٿيندي آهي. جڏهن ساٽو ڪندا آهن ته موڙيون ٺاهي، سنگ واري چوٽي تختي تي سٽيندا آهن، جنهن سان سنگ سٽجي ختم ٿي ويندا آهن ۽ انهن مان داڻا ڇڻي ڌار ٿي ويندا آهن. منهنجا ڏکَ به ائين ڇڻي ختم ٿي ويندا آهن. سُر ڪارايل ۾ تشبيهن وارا بيت ملن ٿا. هڪ تمام معروف بيت آهي. جنهن ۾ ڀنؤر جو گل سان عشق جو ذڪر آهي. جنهن جي تمثيل ان طالب سان ڏنل آهي جيڪو پنهنجي مطلوب کان دور ٿو رهي. پر سچي سِڪ ۽ محبت آخر کيس، پنهنجي محبوب تائين رسائي ٿي ڇڏي.
ڪونر پاڙون پاتار ۾، ڀنؤر ڀري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تھ عشق کي شاباس، جھ محبّتي ميڙيا.
جيئن ڪنول گل جون پاڙون، پاتال ۾ هونديون آهن. پر ڀنؤر پاڻيءَ کان مٿي آڪاس ۾ پيو اڏرندو آهي پر سندس چاهت ڪنول گل سان هوندي آهي. پر قدرت ان جي سچي محبت ۽ چاهت سبب فاصلي کي قربت ۾ مَٽائي ٿي ڇڏي. سُر ڪارايل ۾ لاکيڻي لطيف سچار انسانن جي تمثيل مورن ۽ هنجن سان ڏني آهي. جڏهن ته ڪوڙن ۽ ڪـُـپتين جو مثال ڪانئرن سان ڏئي ٿو. فرمائي ٿو:
ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
انهن آکيرن تي، ويٺا چٻ چڙهي،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو.
يعني اهي مور ئي مري ويا ۽ نه ئي ڪو هنج رهيو آهي. انهن جي جاءِ اچي چٻرن ۽ ڪوڙن ڪانئيرن ورتي آهي. معاشري ۾ نظر ڦيرائڻ سان اها حقيقت روز روشن وانگر پڌري نظر ٿي اچي. انمول انسانن جي روز بروز گھٽتائي ٿيندي ٿي وڃي. اهي مورن جهڙا مڻيادار مرد پنهنجا محبوبي منهن لڪائي وڃي ابد ۾ آرامي ٿيا. انهن جي جاءِ ناعاقبت انديش ۽ بي عمل ڪوڙن انسانن اچي والاري آهي.

No comments:

Post a Comment