Thursday, October 22, 2015

’چورن مٿان مور‘ يا ’چونئرن مٿان مور‘ - صدام حسين درس

’چورن مٿان مور‘ يا ’چونئرن مٿان مور‘
سنڌي چوڻين جو ٿيندڙ غلط استعمال
چوڻيون يا محاورا، صدين بعد جڙندا آھن. سماج جي اوڻاين توڙي مثبت پھلوئن جي جڙڻ دوران، جيڪو عمل فردن يا سماجن پاران ڪيو وڃي ٿو، انھن جي صحيح يا غلط نتيجي ۾ چوڻيون، محاورا ۽ پھاڪا جڙندا آھن. پر اسان وٽ اھو الميو موجود آھي ته اسان يا ته ڄاڻي واڻي يا نا سمجھيءَ ۾ پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽ تمدن کان جھڙوڪر ڪٽجندا پيا وڃون.
اسان ڪيترن ئي سنڌي پھاڪن جو غلط استعمال پيا ڪريون. اھڙن پھاڪن يا محاورن مان ھڪ پھاڪو ھي به آھي ته؛ ”چونئرن مٿان مور.“ يعني ٿر ۾ رھڻ جي لاءِ چونئرو ٺاھيو ويندو آھي ۽ ھڪ لحاظ سان چونئرو ٿر جي سڃاڻپ پڻ آھي. چونئرو ٿر ۾ مشھور آھي. گھر، اوطاقون وغيرھ گھڻو ڪري چونئرن جون ٺھيل آھن.


چونئرو ٿر ۾ ٿوري خرچ سان جُڙي وڃي ٿو. سرنديءَ وارا ماڻھو ته چونئرن، خاص ڪري اوطاقن جي چونئرن تي ڏيڍ کان ٽي لک خرچ ڪري وڏا ۽ عاليشان چونئرا جوڙائيندا آھن.
ڀٽائيءَ جي دور ۾ چونئرو اڃا جوانيءَ کي ڪو نه پھتو ھيو. ماروئڙن جا گھر جھوپڙن تي مشتمل ھوندا ھيا. تڏھن ئي ته ڀٽ ڌڻيءَ چيو ته؛
ٿر ٿوھر گھر جھوپڙا، ٻارڻ جِنين جو ٻوھ،
وٺا مينھن ملير تي، ٽھڪي نڪتا ٽوھ،
رات منھنجي روح، ستي سانگي ساريا.
(شاھ)
 پر وقت سان گڏ جڏھن ھر شيءِ، ترقي ڪئي آھي، تڏھن جھوپڙي به ترقي ڪئي ۽ چونئرو بڻجي ٿر جي سونھن ۾ اضافو ڪرڻ لڳو. نتيجي طور، ھر طرف چونئرن جو تسلسل نظر اچڻ لڳو. شيخ اياز چواڻي:
چونئري مٿان چنڊ، اُڀري آيو اُڀَ مان،
ڪَڇَ ۾ ڪا ئي ڪامڻي، من ۽ سارو منڊ،
ساري رات اکنڊ، سؤ ساروڻيون ساھ ۾.
(شيخ اياز)
ٻيا وري آھن ٿر جا مور، جيڪي شام ويلي يا صبح ساجھر، ٿر جي چونئرن جي مٿان ويھي ٽھوڪا ڏيندا رھندا آھن. يقنن ھيءُ منظر دلڪش ھوندو آھي. ان ڪري اھو محاورو جڙيو ته؛ ”چونئرن مٿان مور.“ جنھن کي اڄڪلھ، غلط سمجھي بيان ڪيو پيو وڃي. يعني ”چورن مٿان مور.“ معنيٰ؛ چوريون ڪندڙ ۽ سماج جا ڪڌا ۽ نڪما ڪردار چور، مفت خور ۽ انھن مٿان مور. اھو ته عجيب، نه ٺھندڙ ۽ بي معنيٰ محاورو ٿيو، جيڪو بي مقصد آھي. ڪٿي مور پکي ۽ سندس سونھن ۽ ڪٿي چور، ٺگ ماڻھو! ڀلا مورن جو چورن سان ڪھڙو واسطو؟
ان ڪري وضاحت ٿي ڪجي ته اھو محاورو يا چوڻي، ”چورن مٿان مور.“ نه پر ”چونئرن مٿان مور.“ آھي.
ان ڪري جڏھن چونئرن جو ذڪر ڪريو ته مورن کي نه وسارجو!

صدام حسين درس/ تڙ دوس (ٿرپارڪر)


(ڏيھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع جي ھائيڊ پارڪ واري پرچي تان کنيل)

1 comment:

  1. http://sindhiproverbs.blogspot.com/2015/10/blog-post_27.html?showComment=1445974465564#c671769510904826575

    ReplyDelete