Saturday, September 26, 2015

مٽيارين جا پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوهاب سھتو

مٽيارين جا پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوهاب سھتو 
ھيءُ مضمون، انھن پھاڪن ۽ چوڻين تي آڌاريل آھي، جيڪي قاضي مقصود صاحب مٽيارين واري، پھاڪن جي ڊائريڪٽريءَ جي نالي سان لکيو ھيو. جيڪو سنڌي ساھت حيدرآباد طرفان نڪرندڙ ڪينجھر رسالي اندر شايع ٿيو ھيو. پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ مڙني پھاڪن ۽ چوڻين جي وضاحت ۽ تشريح بمع سندن نعم البدل جي ھتي پيش ڪجي ٿي. اميد ته پڙھندڙن لاءِ ھيءَ محنت، خاص طور جيڪي مقابلي جي امتحانن جي تياري ڪن ٿا، گھڻي لاڀائتي ٿيندي.


۱ - اترادي ٻچو، مُور نه سچو. (چوڻي)
تڪبند ٽوڪ، جيڪا لاڙ جا رهاڪو، اترادين ۽ سري جي رهاڪن بابت چوندا آهن. تڪبند ۽ ھم-وزن قافيہ کانسواءِ، منجهس ڪا به نقطي جي ڳالهه يا حقيقت ڪانهي. هيٺ يا مٿي، لاڙ ۾ يا سري ۾، جبلتًا هڪجھڙا ئي انسان آهن. ڪوڙ جي خاصيت، ڪن ماڻهن جي جبلت ۾ شامل هوندي آهي، پوءِ ڀلي اھي اتر جا رهاڪو هجن يا لاڙ جا. اهڙي نموني سان، سچائي به لاڙ وارن جي ميراث ناهي. اترادي به زبان ۽ گفتي جا سچا ۽ کرا ضرور آهن. جنھن پير تي بيٺا، سِرُ وڃڻ سان به نه هٽندا.
مطلب:
۱-۱ ڪوڙا ۽ سچا ماڻھو، هر علائقي ۾ موجود آهن.
۱-۲ ڪو به علائقو، ڪوڙن کي يا سچن کي ورهائي، ميراث طور نه ڏنو ويو آهي.
۱-۳ لاڙي؛ ڀاڙي، پاڻ کائي پان، گهر ۾ زال اگهاڙي. (ضد)

۲ - اتر جو ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو. (چوڻي)
لاڙ جي ماڻهن جي هن چوڻيءَ مان مراد آهي؛ اتر ۾ ڍڳا ۽ لاڙ ۾ ماڻهو رهن ٿا. جڏهن ته اترادين انهيءَ چوڻيءَ مان مراد ورتي آهي؛ اتر ۾ رهندڙ ڍڳو، لاڙ ۾ رھندڙ ماڻهوءَ جيترو عقل رکي ٿو.
لاڙين جو چوڻ آهي ته؛ اترادي ڍڳي وانگر ٽاهڙ، ويڙها ۽ اٻھرا آهن. سندن طبيعت ۾ ڌيرج ناهي. سندن برعڪس، لاڙ ۾ رهندڙ، سمورا ماڻهو آهن. وٽن تھذيب ۽ مھذب-پڻو آهي. سوچ سمجهه ۽ سانت سڪون واري سڀاءَ وارو آهي.
اترادين جو چوڻ آهي ته؛ لاڙ ۾ رهندڙ ماڻهن کي عقل ۽ جسماني طاقت، ماڻهوءَ جھڙي ۽ جيتري آهي. ان جي برعڪس، اترادين ۾ ڍڳي جھڙي طاقت آهي. عقل جي لحاظ کان، اترادي لاڙين کان به وڌيڪ آهن. ايترو جو اترادين جا ڍڳا ۽ جڏا ماڻهو به لاڙين جي هوشيار ماڻهن جھڙا آھن.
مطلب:
۲-۱ اتر ۾ ڍڳا، لاڙ ۾ ماڻهو ٿا رهن.
۲-۲ لاڙي ماڻهو، اترادي ڍڳي جھڙو آهي.

۳ - اک ڏٺي مک، ڪير ڳھي؟ (پھاڪو)
مک، گندگيءَ تي ويھندي آهي. اتي آنا لاهي، ٻچا ڪندي آهي. اتان اٿي اچي کاڌي جي شين تي ويھندي آهي. سندس ٽنگن کي لڳل گندگي، کاڌي ۾ هلي ويندي آهي. جنھن ڪري، اهو کاڌو کائڻ وارو، بيمار ٿي پوندو آهي. سندس پيٽ ۾ پڻ، گند آهي. جيڪڏهن اهو کاڌي تي اڇلي ته به کاڌي اندر بيماريون اچي وينديون، جيڪي کائيندڙ تي پڻ اثرانداز ٿينديون.
ان کان علاوه، مک کي ٻه پر آهن. سندس هڪ پَـرَ ۾ حڪمت ۽ ٻئي ۾ بيماري رکيل آهي. کاڌي تي ويهڻ وقت، اڪثر اهو پر هڻندي آهي، جنھن ۾ بيماري اٿس. جيڪڏهن کيس پڪڙي، سندس ٻيو پر به ساڳئي کاڌي ۾ ٻوڙجي ته سندس بيماريءَ واري پر جو ازالو ٿي ويندو. اڪثر ماڻهن کي انهيءَ فعل کان ڪراهت ايندي آهي. جنھنڪري ڪير به مک کي جهلي، کاڌي کي متوازن ڪرڻ لاءِ سندس ٻيو پَرُ کاڌي ۾ نه ٻوڙيندو آهي. جيڪڏهن اتفاق سان کاڌي ۾ اکين آڏو ڪِري پوي ته کاڌو ئي موٽائي ڇڏيندو آهي. مک وانگر ڪاري شيءِ به کاڌي ۾ نظر اچي وڃي ته، ماڻهو فطرتًا کاڌي کان هٿ موٽائي وٺندو آهي، پوءِ ڀلي اھو ڪارو مرچ ئي ڇو نه ھجي.
مطلب:
۳-۱ ڄاڻي واڻي غلط ڪم ڪير به نه ڪندو آهي.
۳-۲ مک نه ماري، مک جو مريڙو ماري.
۳-۳ اک ڏٺي مک، ڪير نه ڳھندو آهي.

۴ - انڌي آڏو روئڻ؛ پنھنجو نور وڃائڻ. (پھاڪو)
اکين کان انڌو ماڻهو، معذور، بي بس ۽ لاچار آهي. کيس ظاهري اک سان ڪا شيءِ نظر نه ايندي آهي، نه ئي وري ماڻهن جي جذبات کي ڏسي سمجهي سگهندو آهي. ڳالھائڻ واري جي چھري تي پکڙيل تاثرات کي، نه ڏسي سگهڻ سبب، پرکي ڪين سگهندو آهي. نه ڪنھن جي اکين جي تُنرن مان ٽمندڙ ڳوڙها ڏسي سگهندو آهي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو تصور به ڪري سگهندو آهي. جنھنڪري، انڌا اڪثر شڪي مزاج ۽ وهمي ٿيندا آهن. ڪنھن جي روئڻ کي به مڪر پيا سمجهندا آهن. اهڙن ڪٺور ۽ سخت دل ماڻهن آڏو، جيڪي انڌي وانگر شڪي مزاج، توهم پرست ۽ باطل عقيدن جي ڪُن ۾ ڦاٿل هجن، روئڻ ۽ مدعى پيش ڪرڻ، فضول ۽ اجائي آهي.
مطلب:
۴-۱ عقل جي انڌي ۽ اک جي انڌي کي، ٻئي جو احساس نه ٿيندو آهي.
۴-۲ انڌي آڏو روئڻ، اکين جو زيان.
۴-۳ انڌي آڏو آهري، ڪر تئو ٽنگيل.

۵ - اهڙو ڪم ڪجي جو، نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. (پھاڪو)
نانگ، زهريلو جيت آهي. جنھن کي سنگهي، سو کُرڙي ئي نه هڻي. سندس زهر سان انسان مري پوي. اهڙي موذيءَ کي مارڻ، ضروري آهي. زمين تي سُرندو رهندو آهي. هوا ۾ سندس جسم نه هوندو آهي. پٽ تي پيل نانگ کي لٺ هڻبي ته نانگ کي گهٽ، پٽ کي وڌيڪ لڳندي. جيترو زور سان هڻبي، اوترو وڌيڪ پٽ تي لڳندي. زمين کي ٽوڙي ته نه سگهندي، پر پاڻ ڀڄي پوندي. نانگ کي، پٽ تي مارڻ لاءِ به وقوف يا ڏانءَ جي ضرورت هوندي آهي. ڇو جو هڪ ته نانگ پاڻ خوفناڪ آهي. کانئس هر ڪو ائين ئي پيو ڇرڪندو آهي. ٻيو لٺ هٿ ۾ کڻي، ساڻس پٽ تي بيهي ويڙھ کائڻ به جگر گڙدي جو ڪم آهي. ڌڪ هڻڻ وارو، ڀَوَ ۽ خوف ۾، زهل مان اکيون پوري لٺيون وسائيندو آهي، جيڪا پيٽ ڀر سرندڙ ڪک کي لڳڻ بجاءِ، زمين کي پئي لڳندي آهي ۽ جلد ڀڄي پوندي آهي. ان جي برعڪس جيڪو ماڻهو، پير کوڙي، سمجهداريءَ سان لٺيون وهائيندو آهي، سو لٺ ڀڄڻ کان اڳي، نانگ کي به ڊاهي وجهندو آهي.
مطلب:
۵-۱ هر ڪم، سوچي سمجهي ڪجي.
۵-۲ اهڙو ڪم ڪجي جو، لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي.

۶ - ٻه تلوارون، هڪ مياڻ ۾ نه اينديون. (پھاڪو)
تلوار، لوھي ڌات مان جڙيل، تکو ۽ وڍيندڙ اوزار آهي. اگهاڙي کڻي هلڻ ۾، نقصان پوڻ جا انديشا آهن. ان ڪري کيس هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، محفوظ نموني کڻي هلڻ لاءِ، مياڻ يا کيپ اندر لڪائي کڻي هلبو آهي. کڻڻ ڪرڻ ۾ آسان ٿيندي آهي ۽ منجهانئس خطرو به گهٽ رهندو آهي. مياڻ يا کپ، ايتري سوڙھي ۽ هلڪي هوندي آهي جو تلوار جي وزن سميت، کيس کڻڻ ڏکيو نه هوندو آهي. منجهس هڪ ئي تلوار سمائڻ جي گنجائش هوندي آهي. ٻه تلوارون گڏ، يا هڪ ٻئي پويان، منجهس ٺُسي ڀري نه سگهبيون آهن. ڪوشش ڪبي ته مياڻ ڦاٽي پوندي.
مطلب:
۶-۱ هڪ شيءِ جي گنجائش واري جاءِ تي، ٻه نه رکي سگهبيون.
۶-۲ هڪ زال جا، هڪ ئي وقت، ٻه مڙس نه ٿا ٿي سگهن.
۶-۳ ٻن ٻيڙين ۾ جيڪو پير رکندو، چڏا تنھنجا چيربا.
۶-۴ ٻه گدرا، هڪ مُٺ ۾ ڪين ماپندا آهن.

۷ - ٻاهر ٻرندي هر ڪو ڏسي، منجهه ٻرندي ڪير نه ڏسي. (پھاڪو)
دنيا اندر آباد، هر انسان سان معاملا ۽ مسئلا، لاڳو ضرور آهن. ڏک سور کان ڪو به وانجهيل ناهي. اندر ۾ آڙاهه هوندي به، زماني داريءَ جي حساب سان، هر ڪو بظاهر کلندو ۽ خوش ٿيندو نظر پيو ايندو آهي. اندر ۾ جيڪي ڏک ۽ ڏونگريون هونديون آهن، سي ته اندر واري کي ئي کُکنديون آهن پيون. ڏسڻ وارو کيس، پنھنجي طبيعت جي ڪيفيت سارو پيو سمجهندو آهي.
جڏهن ته ظاهري لڳل باهه، هر ڪنھن کي نظر ايندي آهي. ڪنھن جو به سامان سڙندو ڏسي، دل بيهي نه سگهندي آهي ۽ ان کي بچائڻ لاءِ، پاڻ مرادو هٿ-پير هلڻ شرو ٿي ويندا آهن. اهو سمورو عمل، انساني همدردي ۽ هڪ ٻئي لاءِ نيڪ جذبا رکڻ جو ثبوت آهي. انهيءَ هوندي به اندر ۾ جَلِيَل باهه، ڪير وسائڻ جو جتن نه ڪندو آهي. ڇو جو اھا ڏسندڙ کي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي ۽ نه وري ان بابت، پنھنجي طبيعت کان هٽي ڪري، ڪو مدد ڪري سگهي ٿو.
مطلب:
۷-۱ ٻئي جي اندر جي خبر نه پوندي آھي.

۸ - ٻڌجي سڀ ڪنھن جي، ڪجي پنھنجي. (چوڻي)
ڪي معاملا اهڙا هوندا آهن جن ۾ صلاح وٺڻ ضرور هوندي آهي. ڪن ۾ نه وٺڻ جي باوجود، ٻيا پيا صلاحون ڏيندا آهن. صلاح ڏيڻ وارو، پنھنجي تجربي ۽ عقل آهر صلاح ڏيندو آهي. ان ۾ به سندس نيت ۽ مفاد کي نظر ۾ رکڻ ضروري هوندو آهي. تنھنڪري ٻڌڻ واري تي، ٻڌائڻ واري جو حق اهو آهي ته کيس ٻڌي. نه ٻڌڻ سان، هر ڪو بدظن ٿي ويندو ۽ آئنده صلاح جا دروازا بند ٿي ويندا. گهڻن ڏاسُن کي ٻڌڻ کانپوءِ، جيڪا ڳالهه مَنَ ۾ ويهيس، تنھن تي عمل ڪري. نه ڪنھن جي نيت تي شڪ جو اظھار ڪرڻ کپيس ۽ نه ڪنھن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کپيس.
صلاح وٺڻ ۾ برڪت آهي، پوءِ ڀلي مٿس عمل نه ڪجي. صلاح نه وٺڻ ۾ تڪليفون آهن. صلاح وٺڻ کانپوءِ، چڱي ڳالهه، جيڪا دل ۾ سمجهجي، تنھن تي عمل ڪجي.
مطلب:
۸-۱ هر ڪم، صلاح مشوري سان ڪجي.
۸-۲ مشوري ۾، خير ۽ برڪت آهي.

۹ - ڀائرن سان ڪھڙا ليکا؟ (چوڻي)
ڀائپي برادري، مٽي مائٽي، دوستي ياري، هلنديون ئي لهه لحاظ سان آهن. ٽڪي ٽڪي جي حساب ڪرڻ سان، پري وڃي پئبو آهي. ڇڏ ڇوٽ ۽ اک-ٻوٽ به ڪن معاملن ۾ ٿيندي آهي. چؤڪنو ٿي، دوڏا ڦاڙي، هر معاملي جي تڪ تور ڪبي ته نه ياري باشي هلندي نه ڀائپي برادري. جنھن جو کائجي، تنھنجو لاهجي. لاهي نه سگهجي ته سڄي عمر ويٺو ڳائجي. اهڙي قسم جو حساب، دل ۾ ضرور رکجي. مٽ مائٽ جو ٿورو به دل ۾ هنڊائجي ۽ ساڻس، پڄنديءَ سارو وڌائي چڱائي ڪجي. رڳو ٻئي جو کاءُ کاوان هجي ۽ مٿس خرچ نه ڪجي، بلڪ پڪائي ڪجي ته به معاملو نه هلندو. اهڙي قسم جو سودو، سودمند نه رهندو. جيترو ٻيا ٿورو ڪن، موٽ ۾ وڌيڪ نه ته به اوترو ضرور ڪجي. اهڙي قسم جو ليکو، دل ۾ ٽلڻ ضروري آهي. باقي ڀائرن تي خرچ ڪري، رڳو حساب وٺڻ سان برادريون ٽٽي وينديون آهن.
مطلب:
۹-۱ ڇڏ ڇوٽ سان، برادري قائم رهندي.
۹-۲ گهر ته گهرانءِ جو جھان آهي.
۹-۳ بخشش سَوَ سَوَ، حساب جَوَ جَوَ.
۹-۴ ٻه ڀائر، ٽيون ليکو، ليکو آ چوکو، چوکي آ پريت.
۹-۵ ڀائرن ڀاڱا لهڻا، توڙي هجن اڏَ جا ڪانا.

۱۰ - ڀتـڙ ته بکيو، غريب ته گڊو،
خاصو ته خاصخيلي، تونگر ته طاهراڻي. (چوڻي)
ڀتڙ: هڪ ذات جو نالو. گڊو: جنھن ماءُ هڪ ذات جي ۽ پيءُ ٻي ذات جو هجي. ٻسر. خاصخيلي: سنڌ جي هڪ ذات، خاصَ، خيل کان آيل. ميرن ٽالپرن جا نوڪر. طاهراڻي: هڪ ذات جو نالو، طاهر نالي مرد جا پونير.

۱۱ - ڀت ويندي آهي بنياد تي. (پھاڪو)
ڀت، عالم پناهه طور تي، جاين جڳھين جي چوڌاري اڏائي ويندي آهي. ويڪر ھڪ فوٽ کان ٻه فوٽ ٿيندي اٿس. پر ڊيگهه ۽ اوچائي، وڌيڪ ٿيندي اٿس. ڀت، جيتري اوچي ٿيندي ويندي آهي، اوترو سوڙهي بنياد تي کيس بيهارڻ ڏکيو ٿيندو ويندو. لڙي ويندي يا ٽيڏي ٿيندي ويندي. بنياد ڪمزور هوندو ته هيٺ جهڪڻ سبب، ڦوٽيون کائي ويندي. جيڪڏهن بنياد سوڙهو هوندو ته مٿي وڃڻ سان، ڀت جو ڍانچو لوطرو ٿيندو ويندو، جيڪو پڻ لڙي پوڻ جو سبب ٿيندو ۽ ڀت ڪري پوندي. چري، گھري نه پٽڻ سان پڻ، ڀت جا بنياد ڪمزور ۽ ڀُتا رهندا.
بنياد ويڪرو ۽ مضبوط، زمين تي رکيل هوندو ته ڀت، سڌي کڄندي ۽ ڍانچو مضبوط رهندو. کسڪڻ ۽ لڙڻ کان بچي ويندي.
مطلب:
۱۱-۱ هر شيءِ جي شڪل، پنھنجي بنھ تي ويندي آهي.
۱۱-۲ جھڙو بنياد کوٽبو، اڏاوت به اهڙي ئي ٿيندي.

۱۲ - ڀؤنڪڻ وارا ڪتا، کائيندا ڪو نه. (چوڻي)
ڪتو، اوپري ماڻهوءَ تي ڀؤنڪندو آهي. خاص طور بيگاهه وقت تي، چور وغيره کي ڏسي ڀؤنڪندو آهي. پاڻ ڀلي کين نه چڪي، پر سندس ڀؤنڪڻ تي ڀاڳيا جاڳي پوندا آهن ۽ سونچو ٿي ويندو آهي. خبرو خبراڻ تي، پاسي اوسي کان لٺ ڌُڪي ۾ هٿ پئجي ويندو آهي ۽ ماڻهن ۾ چور چور ٿي ويندي آهي. هاهڙ هوهڙ تي چور به پڇ پائي، کڙين تي زور رکندا آهن.
هڪڙن ڪتن ۾ عادت ٿي ويندي آهي ته هر آئي وئي کي چڪ هڻندا آهن. ڇتا نه هوندا آهن پر چڪڻ جي عادت هوندي اٿن. سي لنگهي ويندڙ کي پويان ڇپ ڇپ ڪري اچي چڪ هڻي ڪوڪٽ ڪندا آهن. ڀؤنڪي اطلاع نه ڏيندا آهن.
ڇتو ڪتو پڻ ڀؤنڪندو ناهي. سڌو پيو ايندو ۽ جيڪو سامھون چڙهيس تنھن کي چڪيندو. سُڳو پُڳو پيو ويندو. چڪ مھل ڪوڪٽ به نه ڪندو. سندس چڪ نه لڳي ۽ رڳو گگ لڳي ته به ماڻهوءَ کي ڇتو ڪري وجهي. ڇتي جو چڪيل يا ته دُن واريون چوڏهن سُيون لڳرائي يا باڦي باڦي ٻين کي ڇتو ڪري، قبر ڀيڙو ٿئي.
لطيفو آهي ته هڪ همراهه تي گهٽيءَ جي ڪُتي ڀؤنڪيو پئي، جنھن ڪري ڪتي جي وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٻئي واٽھڙوءَ چيس: ”لنگهي وڃ! ڪتو نه کائيندو. ڪتاب ۾ نه پڙهيو اٿئي ته؛ باهيندڙ ڪتو، ڏهڙيندو ناهي“. ٻئي همراهه چيس: ”مون ته پڙهيو آهي، پر ڪتي پڙهيو آهي الائي نه.“
مطلب:
۱۲-۱ چڪر ڪُتو، بنا اطلاع جي چڪ پائيندو آهي.
۱۲-۲ ڏاڙهيندڙ، نه ڏهڙيندڙ.
Barking dog never bites. ۱۲-۳

۱۳ - ٿلهو ڏسي نه ڊڄجي، سنهو ڏسي نه وڙهجي. (چوڻي/ پھاڪو)
جهيڙي وغيره ۾ دشمن جي ڊيگهه يا ٿولهه ڏسي، نه ڊڄجي. ڪي ٿلها ماڻهو، پنھنجي ئي وزن ۾ پاڻ پيا ڇِڄندا ڀُرندا آهن. جيڪڏهن ڪو ٿيڙ ئي اچي وين ته پنھنجي وزن سان ئي پنھنجي پاڻ کي نقصان ڏئي ڇڏيندا. ڊگها ۽ ڏوت، پڻ ائين آهن. انساني جسم جي ڊيگهه به ڪن هنڌن تي ڪنھن بيماريءَ سبب هوندي آهي. اهڙي قسم جو ماڻهو، پنھنجو سرير کڻڻ ۽ سنڀالڻ ۾ ئي آزرت هوندو آهي. جنھن ڪري کانئس ڊڄي گهر ۾ نه ويهجي، بلڪ مقابلي جي وقت، ٻاهر نڪري ان سان مھاڏو اٽڪائجي. هونئن به وڙهندي، دل آهي.
ان جي برعڪس، سنهي ماڻهوءَ کي ڪمزور نه سمجهجي. گهٽ وزن سبب، ڦڙت ۽ تيز هوندو آهي. پنھنجو وزن گهٽ هئڻ سبب، اڏامي اڏامي کڙهون هڻندو آهي. ڌڪ هڻڻ ۽ گم ٿيڻ ۾ دير ئي نه ڪندو آهي. جيئن نانگ ڊگهو ۽ سنهو آهي پر زهريلو هئڻ سبب هڻ کڻ آهي. تيئن سنهو مڙس به خطرناڪ ٿيندو آهي. ڪمزور سمجهي، ساڻس مھاڏو نه اٽڪائجي.
مطلب:
۱۳-۱ ٿولهه نه ماري، ڊيگهه ماري.
۱۳-۲ سنها ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسينگن جا، تنين سندي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چُري.

۱۴ - پنھنجن سان ڪھڙا ليکا؟ (چوڻي)
معاملات منجهه، حساب ڪتاب يا ليکو چوکو لاهڻ سان، دل کي آٿت ملندو آهي ۽ ٺريل رهندي آهي. دل ٺريل هوندي ته سنگت ساٿ ۽ مٽي مائٽي نڀجي سگهندا. اگر دل ۾ ڪٽر اچي ويو ته معاملا بگڙجي ويندا. ڇو جو دنيا سان محبت، هر ماڻهوءَ جي دل ۾ ٿوري گهڻي ضرور هوندي آهي. سنگتي ۽ مٽ مائٽ، هڪڙي سکيي ماڻهوءَ کي ڦٽيندا ڦريندا رهن ۽ سندس ڪم نه اچن ته اڳلي کي ضرور احساس ٿيندو ۽ ڪتڙيون پيون پٽيندس. سنگت ۽ واسطيداريءَ کي وڌيڪ جاري رکڻ بدران، اتي ئي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته جيئن واڌو نقصان ۽ ڦَٽَ ڦُرَ کان بچي سگهي.
ڪن ماڻهن سان وري، اهڙو دلي لڳاءُ هوندو آهي، جو اهي جان کان وڌيڪ پيارا پيا لڳندا آهن. سموري ملڪيت کائي ويندا، احساس نه ٿيندو. جيئن اولاد آهي، جيڪا به ڪمائي آڻي آڏو رکجين ٿي ۽ کائي ٿا وڃن ته دل کانئن موٽائي وٺڻ بدران پئي چوندي ته جيڪر اڃا ٻيو به ڪمائي کين ڏجي. پينو فقير به ٻه در وڌيڪ پنڻ کي ترجيح ڏيندو، پر ٻچن کان ڪا به محنت نه ڪرائيندو. کيس خبر آهي ته؛ پنھنجائپ ۾ حساب يا ليکو ڪرڻ سان، ماڻهوءَ جا سمورا واسطا وڙا ۽ تعلقداريون، هوا ٿي وڃن ٿيون.
مطلب:
۱۴-۱ هل چري! يارن سان ڪھڙ اليکا؟
۱۴-۲ ڪس ڪسر سان ئي، رشتا ناتا نباهي سگهبا آهن.

۱۵ - جتي مينھن پوي، اتي چڪون به ٿينديون. (پھاڪو)
مينھن/ آسمان مان زمين تي آيل پاڻي، اگر زمين تي پوندو ته گنجائش آهر، هر ايراضيءَ ۾ ڦھلبو. مِٽيءَ جي نوعيت سارو، مٿس اثرات وجهندو. وارياسي مٽي، يڪدم کيس چوهي ويندي. ڏاڍيريءَ تي بيٺو رهندو. جڏهن ته وارياسي چيڪي مٽيءَ تي گپ چڪ ڪري بيھندو. جتي ۽ جيترو مينھن پوندو، اتي ۽ اوترو، گپ چڪ ڏيکاري ڏيندي. ائين نه ٿيندو جو مينھن هڪ هنڌ پوي ۽ گپ چڪ ٻئي هنڌ ٿئي. هڪ هنڌ جو پاڻي، اگر وهي ٻئي هنڌ پھچندو ته اتي تلاءُ ٺاهيندو، چڪ نه ٺاهيندو. پوڻ واري جاءِ تان، اگر پاڻي وهي هليو ته به پويان گپ يا چڪ جي صورت ۾ نشان ٺاهيندو ويندو.
ائين پئسي جو اچڻ پڻ آهي. جنھن جاءِ تي پئسو ايندو، اتي نشانات ڇڏيندو. جتان ويندو، اتان به ويندي مھل گس/ رند ٺاهيندو ويندو.
مطلب:
۱۵-۱ هر شيءِ کي اثر ۽ نشاني آهي.

۱۶ - جھڙو راڄ، تھڙو ڀاڳ. (چوڻي)
اڳي ڪاسي ماڻهو، جھڙوڪ؛ ڪنڀر، حجم، لوهر، ڊکڻ، ڪوري، موچي، ميربحر ۽ مڱڻھار وغيره، پئسن جي بدلي ڪا به شيءِ ٺاهي نه پھچائيندا هيا. بلڪ جنھن ڳوٺ يا راڄ ۾ رهندا هيا، تن کي پنھنجو ٺاهيل وکر، وقت سارو پڄائيندا هيا. سال تي يا فصل لٿي، جنس جي صورت ۾، پنھنجي محنت جو معاوضو، لاپو يا پڳر وصول ڪندا هيا.
سڄو سال محنت ڪري، راڄ کي ڍورڻا پڄائيندا هيا. پڳر يا لاپو وٺڻ وقت، حساب ڪتاب ته هوندو ڪين هيو جو کين اوتري ڪڇ، ماپ سان ملي. البته راڄ جي مٿان هيو ته پڄنديءَ سارو، ڪاسبيءَ کي خوش ڪري. خوشحال راڄ وارا، ڪاسبين کي به چڱو چوکو لاپي طور ڏيندا هيا. جڏهن ته غريب راڄ وارا، ڪاسبين کي لاپي يا ڀاڳ ڀڙائي ۾ لائي چائي ڪندا هيا.
انھيءَ سببان، ڪاسبين جي زبان تي اها ڳالهه به چڙهي وئي ته، راڄ خوشحال ته ڀاڳ ڀلو ۽ بدحال ته ڀاڳ ڍلو ٿيندو.
مطلب:
۱۶-۱ پاٽ ۾ اهو پوندو، جيڪي ڪنيءَ ۾ هوندو.
۱۶-۲ آههَ ۾ سو ئي پوندو، جيڪي کوهه ۾ هوندو.
۱۶-۳ زبان تي سو ئي ايندو، جھڙو دل ۾ هوندو.
۱۶-۴ والدين خوشحال ته خرچي سُٺي، بدحال ته خرچي ڇُٽي.

۱۷ - جھڙو سُٽ، تھڙي پيٽي،
جھڙي ماءُ، تھڙي ٻيٽي. (پھاڪو)
پيٽي، سيني مٿان پائجندڙ چولي، جيڪا وڏي چولي جي اندران پڻ پائجي، سا سٽ يا ڪپهه سان اڄندي آهي. سُٽ، ڪپهه مان، ڌاڳي جي صورت ۾ ٺھندو آهي. جيترو سٽ جو ڌاڳو مضبوط هوندو، اوترو ئي منجهانئس اُڻيل ڪپڙو مضبوط هوندو. جيترو ڪپڙو مضبوط هوندو، اوترو وري منجهانئس جڙيل لٽو يا اوڇڻ مضبوط ۽ جهالائو، ديده زيب ۽ پرڪشش هوندو.
اهڙيءَ طرح اولاد، ماءُ تي پڻ ويندو آهي. خاص طور تي ڌيءُ. ڇو جو نياڻيءَ جو ٻارُ، هميشه گهر اندر رهي ٿو ۽ ٻاهر گهٽ نڪري ٿو. گهر اندر، ماءُ سان ئي سندس چڱو وقت گذري ٿو. جتان، ماءُ جا اثرات ڌيءُ تي پون ٿا. ٻولي ۽ گفتو، ڍنگ ۽ لھجو، لفظن جي ادائگي ۽ وراڻ، هوبھو ماءُ وانگر سکي ٿي. سانجڻ، رڌپچاءَ کان علاوه لٽو ڪپڙو ڌوئڻ، استري ڪرڻ، پائڻ ۽ چوڙڻ وغيره به ماءُ وانگر رهيس ٿو.
مطلب:
۱۷-۱ هر شيءِ، اصليت ڏانھن ڇڪ ڪري ٿي.
۱۷-۲ ٺان جھڙي ٺيڪري، مان جھڙي ڏيڪري. (ٿري)
۱۷-۳ ڀيٽيو: ماءُ جنھن جي جھڙي، ڌيءُ تنھن جي تھڙي.

۱۸ - جھڙو مھمان، تھڙي مھماني. (چوڻي/ پھاڪو)
مھمان، رب طرفان اماڻيل نعمت آهي. پھرئين ڏينھن سڻڀو ۽ وڻندڙ طعام، کيس رڌي کارائڻ، ميزبان مٿان فرض آهي. ٻيا ڏينھن، پنھنجي حال سارو سندس خدمت ڪرڻ، ميزبان جو اخلاق آهي. هر ميزبان، مھمان کي خوش رکڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو آهي. ميزبان امير هوندو ته شاهاڻي نموني خدمت ڪندو ۽ جيڪڏهن غريب هوندو ته غريباڻي دعوت ڪندو.
دعوت ۽ کاڌي پيتي جي اوچي ۽ سادي هجڻ جو تعلق، مھمان جي حيثيت سان پڻ آهي. مھمان سيٺيو ۽ سکيو، معاون ۽ مددگار قسم جھڙو دوست آهي ته پوءِ امير به ڇا غريب ميزبان پڻ، پَٽي سَٽي سندس خدمت ڪندو. اگر ميزبان امير آهي ته لتَ ڏئي ڇيلو ليٽائيندو. ڇيلو هٿ نه آيس ته ڪڪڙ ڊيڙائندو. ست-رڇي نه پڳس ته ٽي-رڇي ٺاهي، مھمان آڏو پيش ڪندو. اگر مھمان، نه چڱو دوست آهي نه ئي وقت تي وهڻ وارو آهي ته سندس خدمت ته لاچار ٿي ڪبي. ان لاءِ پرتپاڪ ۽ والهانه استقبال نه ٿيندا بلڪ جھڙو حال هوندو، ان کان به گهٽ پيش ڪبس ته ٿيندڙ جُٺ ڏسي جلدي پير ڊاهي.
مطلب:
۱۸-۱ مھماني، مھمان جي حيثيت آهر هوندي آهي.
۱۸-۲ پھرئين ڏينھن چڱو چوکو، مھمان جو حق آهي.
۱۸-۳ آئي جو آڌر ڀاءُ، سندس شان آهر ٿيندو آهي.

۱۹ - جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو؟ (چوڻي)
مھمان ۽ دوست، آهن دل وٽان ۽ قرب جا. دلي قرب مِلِيُن ته رهيا پيا هوندا. جڏهن ڪا ڪسر يا ڪمي ڏٺائون ته پلاڻيندي دير نه ڪندا. پيا ٻئي هنڌ واجهائيندا ۽ نرا ڏيندا. وڃان وڃان جون پيا وايون ڪندا. موقعو ۽ وجهه ملين ته ڇالون ڏيندا، پيرا ڊاهيندا، هليا ويندا.
جڏهن مھمان ۽ دوست، وڃان وڃان ڪري ته کيس زور نه ڀرجي. ڀربس ته تيئن تڪڙ ڪندو. اڳيان وڃڻ لاءِ ڀلي ٻي واهه نه هجيس ته به هتان نڪرڻ لاءِ تيزي پيو ڏيکاريندو. هاڻي کيس ڪيترو به ٻاڏائبو يا ست-ستاءُ ڪبو ته به ڪين مڙندو.
اهڙا بي دليا ماڻهو، بي ميار ۽ بي مُھار ھوندا آهن. آزاديءَ ۽ ڇڙواڳيءَ کي، پنھنجو رهنماءُ ۽ رهبر بڻائي، پاڻ ڪڍائي ويندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ منجهانئن هٿ کڻي ڪڍجي.
مطلب:
۱۹-۱ ڪير ڪنھن سان، نه گڏ آيو آهي ۽ نه گڏ ويندو. جيترو وقت ساٿ هليو، هليو. وڌيڪ جو نه هلڻ به رب جي طرفان آهي. رب جي رضا ۾ راضي رهندي، ويندڙن مان آسرو کڻي پلجي.

۲۰ - ڄيرو نه ماري، پر ڄر ماري. (پھاڪو)
ڄيرو: باهه جو ڀڀڙ. ڄر: باهه منجهه ساڙڻ واري خاصيت، اثرات.
باهه ۾ ساڙڻ جي خاصيت آهي. جلائوءَ/ جالائوءَ کان علاوه ٻي ڪا به شيءِ، جيئن ئي باهه تي پوندي ته باهه جي ساڙڻ وارو خاصو، خودڪار عمل طور، تحرڪ ۾ اچي ويندو. سڙي رک ٿيندڙ مادي کي، ساڙي ڀسم ڪندو. گرم ٿي پگهرجندڙ مادي کي، پنھنجي وسعت ۽ سگهه آهر پگهاري، وهائي ڇڏيندو. ٽهڪي ٻاڦ ٿيندڙ مادي کي، ٽهڪائي ٻاڦ ڪري، هوا ۾ اڏائي ڇڏيندو. سڙي ڪوئلا ٿيندڙ مادي کي، ساڙي ڪوئلا ڪري ڇڏيندو. اها حالت ان مادي جي آهي، جيڪو منجهس پوي ٿو. جڏهن ته سندس خاصيت جو اثر، سندس قرب حاصل ٿيڻ سان شروع ٿي ويندو آهي. جيترو باهه جي ويجهو اچبو، اوترو سندس ڄَرَ، اثر ڪرڻ شروع ڪندي. وڏي باهه جي ڄَرَ به، وڏي هوندي آهي. پري کان پئي ساڙيندي آهي. ننڍي باهه جي ڄَرَ يا تؤُ، ننڍو هوندو آهي. ويجهو اچڻ تي به، اثر گھٽ ڪندو آهي.
مطلب:
۲۰-۱ اندر جي باهه کي ڄَرَ ئي هوندي آهي. اها پري کان ئي ڦڦڪا ڏيندي آهي. پاڻ نه ساڙيندي آهي، بلڪ سندس ڄر ئي اڳلي کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندي آهي.

۲۱ - جهڙ ۽ جهيڙا، سدا نه رهندا. (چوڻي)
جهڙ ٿيڻ يا آسمان تي بادلن جو اچڻ، ورلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي، سو به موسم ڌاران، جڏهن ڪارا ڪارا، ڪارونڀار جھڙا ڪڪر، آسمان تي ڇانئجي ويندا آهن ته هيٺ ڌرتيءَ تي اوندهه وڌيڪ گھري ٿي ويندي آهي. ڏينھن جو سج کي آواڙي ڇڏيندا آهن ۽ رات جو تارن کي لڪائي، گگهه اونداهه ڪري ڇڏيندا آهن. مٿان وري گوڙ جو ڌڌڪو ڪنن جا پڙدا پيو ڦاڙيندو آهي ته کنوڻ جو چمڪاٽ وري اکين کي پيو چنجهو ڪندو آهي. ڪنن تي تاڙيون ۽ اکين تي ترورا لڳا پيا هوندا آهن. مٽي ۽ طوفان سبب، گهڻا ٽپڙ سھيڙي، اندر ڪمرن ۾ لڪائڻا پوندا آهن. ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪم ڪار جو ٿيڻ ڏکيرڙو ٿي ويندو آهي. مال ڀٽارو، ڪلن تي ئي ٻڌو رهجي ويندو آهي. ان لاءِ گاهه پٺي جو بندوبست ڪرڻ به هڪ ڏکيو مرحلو ٿي ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح جهيڙو پڻ آهي. منجهس لٺ ڌڪي هٿ ڪرڻ کان علاوھ، هر وقت چوڪس رهڻو پوندو آهي. اڳلي ڌر جو خوف هر وقت سر تي رهندو آهي. سڪون ۽ آرام ڦٽل هوندو آهي. بهرحال، اهي ٻئي حالتون، انسان مٿان اچڻيون به ضرور آهن ته ٽرڻيون به ضرور آهن.
مطلب:
۲۱-۱ حالات واقعات، سدائين ساڳيا نه ٿا رهن.
۲۱-۲ اڄ جو ويري، سڀاڻي جو دوست ۽ اڄ جو دوست، سڀاڻي جو ويري ٿي سگهي ٿو.

۲۲ - چادر ڏسي، پير ڦھلائڻ گهرجن. (پھاڪو)
چادر يا سوَڙ، موسمي اثرات کان بچڻ خاطر، مٿئون اوڙهبي آهي. چادر پنھنجي قد کان ڊگهي ۽ ويڪري هوندي آهي. پير جيترا به ڊگهيربا، تڏھن به ڍڪيل رهندا ۽ موسمي اثرات کان محفوظ پڻ رهندا. ان جي برعڪس، جيڪڏهن چادر يا سوڙ، لُنڊي/ ڇوٽڪي ۽ سوڙهي بر واري آهي ته ان ۾ سڪوڙجي لڪبو ته پاڻ کي موسمي اثرات کان بچائي سگهبو. جيڪڏهن پنھنجي جسم کي ڏوڙو سوڙو ڪري، منجهس نه ماپائبو ته لامحاله ڄنگهون، ٻانهون، ڍڪجي نه سگهنديون ۽ موسمي اثرات جي زد ۾ اچي وينديون. جسم جا هڪڙا عضوا ڍڪيل هجن ۽ هڪڙا کليل هجن ته پوءِ پوري جسم تي برا اثر رهندا. هڪڙا گرم ته ٻيا سرد ٿي پوندا. گرم ۽ سرد اثرن سبب، اڌ-رنگو يا فالج جھڙو مرض به حملو ڪري سگهي ٿو. بھتر آهي ته چادر يا سوڙ آهر، ڪرينڊڙو ٿي پاڻ کي ماپائجي ۽ موسمي اثرات کان بچائجي.
اهڙيءَ طرح وري گهرو اخراجات وغيره آهن سي به ڪمائيءَ کان مٿي نه وڌائجن. ٿورو ضابطي ۾ رهندي، نفس کي ڏک سک تي هيرائجي ۽ قرض کڻي عياشيون نه ڪجن.
مطلب:
۲۲-۱ پڄنديءَ سارو، خرچجي کپائجي.
۲۲-۲ اُڪي ميڙي، هڪدم دُڦ نه ڪجي.
۲۲-۳ خرچ اهي ڪجن، جن جي کيسو اجازت ڏئي.
۲۲-۴ چيريءَ آهر، ڄنگهون ڊگهيون ڪجن.
۲۲-۵ سوڙ آهر، پير ڊگهيڙجن.

۲۳ - چور جو ڀاءُ، ڳنڍيڇوڙ. (چوڻي)
ڳنڍيڇوڙي يا ڳنڍ-ڪپ ڪرڻ، لليچن جا ڪم آهن. لليچا، کيسو ڪتري وڃن ته چڱي ڀلي کي به خبر نه پوي. رش يا گڙديءَ اندر، ماڻهوءَ جو ڌيان ٻئي طرف ڇڪائي، سندس کيسو خالي ڪري ويندا آهن. رش اندر ان همراهه کي سوڙهه ڪندا، گاڏيءَ مان لھڻ وقت، اڳتي پوئتي ٿيڻ لاءِ گهتون هڻي، ڌيان پيا ٻئي پاسي ڦيرائيندس يا ڪا کاڌي جي شيءِ ڏئي پيا خيال-مٽ ڪرائيندس. ائين ڪري پوءِ سندس مٿو، سڪيءَ پاڪيءَ سان ڪوڙيندا آهن. وڏي ڦڙتيءَ ۽ دليريءَ سان سندس مغز ڦيرائي، کيسو ڪٽي ويندا آهن.
چور به ائين آهن. رات جو اوندهه ۾ يا مالڪ جي غير موجودگيءَ ۾، سندس مال متاع تڳائيندا آهن. پهرين تاڙ توڙ ڪندا آهن. مالڪ جي اٿڻ ويهڻ ۽ اچڻ وڃڻ جا وقت تاڙيندا. جاڳڻ ۽ سمهڻ جا وقت پيا جاچيندا. سندس غفلت وارا وقت واچي، اچي سندس ملڪيت کي مٿو ڏيندا. جيستائين ڀاڳئي جي گهر ۾ گهڙيا ناهن، تيستائين بزدل هوندا آهن. گهر ۾ گهڙي اچڻ وقت دلير ۽ وڙهڻ لاءِ چؤڪنا هوندا آهن. مرڻ مارڻ تائين به هليا ويندا آهن. وري ٻَڌي کان پوءِ، صفا ڀاڙي. چور به طبعًا، ڳنڍيڇوڙ وانگر هوندا آهن.
مطلب:
۲۳-۱ چور چوران دي ڀائي، چوران خبر نه ڪائي.
۲۳-۲ چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوهه تي ڳولهي وڃي ملي.
۲۳-۳ چور جي ياري به پاڻ جھڙي چور يا ڳنڍي ڇوڙ سان هوندي.
۲۳-۴ لچ، لچ کي سؤ ڪوهه تي ڳولهي لهي.

۲۴ - چور، نه چوريءَ کان رهي، نه هيراڦيريءَ کان رهي. (چوڻي)
چوريءَ ۽ هيراڦيريءَ جو مول مت آهي؛ ٻين جو مال ملڪيت تڳائڻ. بنا محنت ۽ معاوضي، مرضيءَ ۽ منشا جي، پرائي ملڪيت هٿ ڪرڻ کي چوري سڏبو آهي. هڪڙو ماڻهو، پنھنجي گهر ۾ آرامي آهي. جان ۽ ملڪيت جي بچاءِ لاءِ چوڌاري لوڙهو يا ڪوٽ ڏنل اٿس. پھري تي چوڪيدار يا ڪتا ڇڏيل اٿس. چور، محافظن جو گهيرو ٽوڙي، کاٽ هڻي گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ مال متاع يا ملڪيت کڻي ٿو. ان ۾ گهر ڌڻي راضي ناهي. ان کي چوري سڏبو آهي.
هيرا ڦيريءَ اندر، ٺڳ قسم جو ماڻهو، گهٽ قيمت واري شيءِ ڏيئي يا ڏيکاري ڪنھن مت-موڙهيي جي چڱي ۽ قيمتي شيءِ ڦٻائي ٿو وڃي. يڪو ڏيکاري کيس دڪيءَ تي هٿ ٿو رکائي. ان صورت ۾ ملڪيت جي مالڪ کي، آماده ته ڪري ٿو پر سندس مول مت ساڳيو ئي چوري ڪرڻ وارو آهي. ڇو جو ڌڻيءَ کي جڏھن ويساھ گھاتيءَ جي سڌ پوي ٿي ته ھو انھيءَ سودي تي ناراضگي ڏيکاري ٿو.
جڏهن چور، کاٽ هڻڻ ۽ گهوٻاٽن جھڙا ڏکيا ڪم ڪرڻ جھڙو نه رهندو آهي ته پوءِ پاٿاري/ دُڻي هلائيندو آهي يا هيراڦيريءَ جھڙيون حرڪتون ڪندو آهي.
مطلب:
۲۴-۱ هير واري جي هير، ٽنگ ڀڳي به نه وڃي.
۲۴-۲ چور، چوريءَ کان وڃي، پر هيراڦيريءَ کان نه وڃي.
۲۴-۳ چتو ته رهي، پر چتوءَ جي چُت نه رهي.

۲۵ - حرامي هڻي، ٻه ڀاڱا کڻي. (چوڻي)
حرامي/ حرامخور ماڻهو، هر وقت پرائي پنھنجي ملڪيت ڊوهڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. جائز طريقي سان آيل ته هٿ ڪندو ئي ڪندو پر وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ، ناجائز طريقا به استعمال ڪندي ڪين گهٻرائيندو آهي. ڏوهه جو ڪم به ڪندو، مٿس آيل خرچ ۽ چٽيون به ٻين کان پيو ڀرائيندو. ايڏي چالاڪيءَ ۽ سُچتائيءَ سان، وارداتون پيو سوچيندو ۽ عمل هيٺ آڻيندو جو شريف ماڻهوءَ جو اوڏانھن گمان به نه ويندو. اگر سياڻي ڪانءَ وانگر القاءُ ٿي وڃيس ته اڳلن کي سندس حرڪتن جي کُڻڪ پئجي وئي آهي ته پينترا بدليندي دير ئي نه ڪندو. سانڊو ست ته حرامي هزار رنگ بدلي. ڪنھن به رنگ ۽ روپ ۾، سندس سڃاڻپ ڪرڻ ڏکي آهي. اگر ڪنھن روپ جي سڃاڻپ ٿي وڃيس ته يڪدم ٻيو روپ ڌرن ڪري وٺندو. حرام جي نطفي مان ڄايل حرامي، پڻ ائين هوندو آهي. سندس وجود جونطفو پڻ چوريءَ جو هوندو آهي. هوندو هڪڙن جو آهي، وجود ۾ اچڻ کانپوءِ، پلجندو ٻين جي خون پسيني تي آهي. حلالين جي ورثي/ وراثت واري مال ۾ پڻ ڀائيوار ٿي ويندو آھي.
مطلب:
۲۵-۱ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانھن ڦيراءِ تيڏانھن کپي.
۲۵-۲ بدمعاش، بدمعاشي ڪرائي به کائي. وري فيصلو ڇڪائي، شاهد ٿي ۽ چٽيون وجهائي به کائي.

۲۶ - حق، پاڻيءَ ۾ به نه وڃي. (چوڻي)
حق؛ جنھن شيءِ تي حقيقي مالڪي هجي. جيڪو ماڻهو، جنھن شيءِ جو اصل مالڪ يا وارث آهي، سا شيءِ سندس جائز ۽ تصرف هيٺ آيل ملڪيت آهي. اها کانئس، ڪير کسي نه ٿو سگهي. حالات واقعات سببان، مٿس گرميون سرديون اچي سگهن ٿيون. جن سببان، حقدار جو حق وقتي ڦرجي وڃي ٿو پر نيٺ تري ضرورو ٿو ۽ زيان نه ٿو ٿئي. جائز ملڪيت، جنھن تي زڪوات ڀريل آهي، ڪڏهن به نقصان هيٺ نه ٿي اچي. نه کيس ڌرتي ڊوهي غصب ٿي ڪري، نه باهه ساڙي ڀسم ٿي ڪري ۽ نه وري پاڻي ٻوڙي لوڙھي ٿو ڇڏي. ڇو جو حق حلال سان ڪمايل، جائز ملڪيت، جنھن جي زڪوات به ڀريل آهي، تنھن جي حفاظت رب پاڪ پاڻ ٿو ڪري، جيڪو حق وڪيل آهي. ان کي هر حال ۾ ضايع ٿيڻ کان محفوظ ٿو رکي. اگر وقتي طور، باهه اندر ڪنھن جي حقي ملڪيت سڙي ٿي يا ٻوڏ اندر ٻڏي ٿي وڃي ته کيس بدلي ۾، هن دنيا ۾ ئي ڏهوڻ تي ملي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو چوندا آهن؛ ٻڏيءَ جا ٻيڻا آهن. يا ائين به چوندا آهن؛ ٻوڏ جو ستايل، سدائين ستايل نه ٿو رهي ۽ باهه جو سڙيو، ڪڏهن به رک نه ٿو ٿئي. بلڪ ايندڙ مند ۾، هنڌان هنڌان مُورجي، ڦھلجي ٿو ۽ وڌي وڃي ٿو.
مطلب:
۲۶-۱ حق وارن جو حق، سدائين ترندو رهي ٿو.
۲۶-۲ امانت، ڌرتي به نه ٿي ڊوهي.
۲۶-۳ حقدار کي حق لھڻو.

۲۷ - دَرَ تي ٻيرِ نه لڀي، نانءُ؛ ”باغ شاهه“. (پھاڪو)
باغ، زمين جي ان ٽڪر کي چئبو آهي، جنھن ۾ تمام گهڻا ميون وارا وڻ لڳل هجن. انب، زيتون، ليمان، کجيون، مالٽا وغيره، سنڌ اندر باغن ۾ پوکيا ويندا آهن. اڄڪلهه ٻيرين جا به باغ پوکيا وڃن ٿا. باغائي، مٿن محنت ڪن ٿا ۽ منجهانئن ٿيل ڦل فروٽ مان اُپراسو حاصل ڪن ٿا. مالدار ۽ پئسي وارا سڏجن ٿا.
ان جي برعڪس، جنھن ماڻهوءَ جي در تي يا گهر ۾، ٻنيءَ تي يا کيت ۾، هڪ به ڦلائتو وڻ ناهي، سو باغائي ڪين سڏبو. اگر اهڙو ماڻهو پاڻ کي باغ شاه سڏائي ته کل جھڙي ۽ سمجهه ۾ نه اچڻ جھڙي ڳالهه ٿيندي.
جڏهن ڪنھن ماڻهوءَ جو نالو، سندس ظاهري صورت يا سيرت جي ابتڙ هجي ته ائين مثال ڏبو آهي. جيئن اکين کان انڌي، نالو نور پري. يا رنگ جو ڪارو، نالو يوسف وغيره وغيره.
مطلب:
۲۷-۱ در تي ٻٽي ٻڪري نه لڀيس، سڏائي ٿو؛ ڀاڳيو خان.
۲۷-۲ ماءُ کائي رُکي سُڪي، ڌيءَ دا نانءُ ”ڏَهي!“
۲۷-۳ مِلڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾.
۲۷-۴ اڍائي گهر مھتمن جا، نانءُ خيرپور.

۲۸ - دهل وڄي، دوسو نچي. (پھاڪو)
ڪي ماڻهو شادين ۾، رسم طور، دهل وڄرائيندا آهن. ان ۾ پنھنجي خوشيءَ ۽ فخر جو اظھار ڪندا آهن. ڪي ته وري، اڃا به وڌي، دهل تي نچڻ به شروع ڪندا آهن. پنھنجي خوشيءَ جي موقعي تي، پنھنجي وڄرايل دهل تي، نچڻ ۾ عيب يا عار محسوس نه ڪندا آهن. ڪن کي اگر دهل وڄائڻ ۽ نچڻ جو ڏانءُ نه به ھوندو آهي، ته به گهور گهاٻور جي صورت ۾ پئسا ڏئي دهل وڄرائيندا آهن ۽ ڇيڄ وجهرائيندا آهن. ان لاءِ پيشه ور دهلاري ۽ ناچو گهريا ويندا آهن. باقي پرائي دهل تي، بنا معاوضي ڪير به نه نچندو آهي، سواءِ ڪنھن احمق جي.
دوسوءَ نالي همراهه جي وري هڪڙي اڍ ٿي وئي هئي. جڏهن به، جنھن جي به دهل جي وڄڻ جو آواز سندس ڪنن تي پوندو هيو ته بنا ڪنھن معاوضي وٺڻ يا شرم محسوس ڪرڻ جي، اتي جو اتي، نچڻ ۾ کپي ويندو هيو. دهل جو آواز ٻڌي، نچڻ سندس مجبوري هئي.
مطلب:
۲۸-۱ دوسوءَ جو نچڻ، دهل جي وڄڻ سان لازم ملزوم هيو.
۲۸-۲ دهل جو وڄڻ، بنا نچڻ جي، دوسو نه ٻڌي سگهندو هيو.
۲۸-۳ جيڪي ماڻهو، ڪنھن ڳالهه ٻڌڻ سان، ڪو فعل لازمي ڪن، تن لاءِ ائين مثال ڏنو ويندو آهي.
۲۸-۴ دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي! پوءِ ته حيف آهي دوسوءَ کي.

۲۹ - ديس مٽجي، ويس نه مٽجي. (چوڻي)
ديس، وطن مالوف، جنھن ۾ انسان ڄمي، پلجي ۽ وڏو ٿئي ٿو، تنھن سان کيس انسيت رهي ٿي. روزگار خاطر يا ڪنھن ٻيءَ مجبوريءَ تحت، ڪڏهن ڪڏهن کيس اتان هجرت ڪرڻي به پوي ٿي. اگر هجرت عارضي آهي ته پوءِ کيس پنھنجو ذاتي تشخص ضايع نه ڪرڻ گهرجي. وقتي طور لاءِ اگر وطن ڇڏي ٻئي هنڌ وڃي رهي ته کيس حب الوطنيءَ جي ثبوت طور، روش پنھنجي ئي وطن واري اختيار ڪرڻ گهرجي. وضع قطع، اٿڻي ويهڻي، لٽي ڪپڙي، کائڻ پيئڻ ۽ ڳالھائڻ ٻولهائڻ مان ماڻهو اهو ئي نظر اچي، جيئن سندس وطن مالوف جا ماڻھو نطر ايندا آھن. ان ۾ ئي عزت ۽ ان ۾ ئي شان مان آهي. جيڪي ماڻهو، ان جي ابتڙ ڪن ٿا، سي جلد ئي پاڻ کي بي آبرو ڪن ٿا.
مثال طور حج تي وڃڻ ڀلو ڪم آهي. ڀلي پار پھچي، عربن وارا جبا قبا پائڻ ته چڱو ڪم آهي. اگر هڪڙو غير عرب، ساڳيا جبا قبا پائيندو ته جلد شرمساري ٿيندس. ڇو جو هر ڪو کيس عرب سمجهي پيو عربي ڳالھائيندو ۽ عربن واري طور طريقي تي ملندو، جنھن منجهان هيءُ پيو ککو وکو ٿيندو.
مطلب:
۲۹-۱ ديس جي پر، وَسَ ويندي، نه ڇڏجي.
۲۹-۲ پرديس ۾ پوشاڪ اهڙي پهرجي، جنھن سان اصليت ۽ قوميت برقرار رهن.

۳۰ - ڏاڍو ماري، روئڻ به نه ڏي. (چوڻي، پھاڪو)
ڏاڍو؛ ظالم ماڻهو، طبعًا بزدل ٿيندو آهي. جڏهن ڪنھن مظلوم کي نقصان ڏيندو آهي ته کيس دلي سڪون ۽ قرار نه ايندو آهي. ويتر جو مظلوم روئندو ۽ آهون ڪندو آهي ته سندس وجود اڃا هَڄي ويندو آهي. تنھنڪري ظالم، مظلوم کي روئڻ، پٽڻ ۽ پار ڪڍڻ کان به منع ڪندو آهي. ڇو جو کيس اهو يقين ضرور هوندو آهي ته؛ روئندڙَ مظلوم جي آههَ کي آسمانَ به آڏَ نه ٿا اچن. سندس آهه و پڪار، سڌي بارگاهه ايزديءَ ۾ پھچي ٿي. ظالم جي ڪوشش ھوندي آھي ته اها اتي نه پھچي. ان لاءِ ھو، مظلوم ۽ ڏکويل کي روئڻ ۽ سڏڪا ڀرڻ به نه ڏيندو آهي. انھيءَ ڪڌي فعل ۾ اها تسلي ۽ تشفي سمجهندو آهي ته رب قھار جي غضب ۽ قھر کان بچي ويس. حالانڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته رب، دلين جا ڀيد به ڄاڻندو آهي. سو ته سندس انهيءَ حرڪت تي، ويتر ڏمرجندو آهي.
مطلب:
۳۰-۱ ڏاڍو، رب جي ڏمر کان، ڊڄندو ضرور آهي.
۳۰-۲ ظالم، مظلوم جي آههَ کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
۳۰-۳ ظالم، گهڻو ڊڄڻو ٿيندو آهي. کيس مظلوم جي پڪار به گهائي رکندي آهي. اها به نڪرڻ نه ڏيندو آهي.
۳۰-۴ ظالم، ڪوشش ڪندو آهي ته مظلوم جي وات مان آههَ به نه نڪري.

۳۱ - راءِ کي وڻي سا راڻي، تنھن کي ڪير چوي؛ ”ڪاڻي“. (پھاڪو)
راءِ؛ بادشاهه، جيڪا شيءِ طلبيندو آ، سا وٽس حاضر ڪئي ويندي آهي. جنھن تي سندس دل ٿي، تنھن جي ڳولها ۽ قدر وڌي ويندو آهي. هر ڪو پيو ڪوشش ڪندو ته هٿ ڪري، بادشاهه آڏو حاضر ڪيان ۽ بادشاهه جي دل وٺان.
بادشاهه ڀلي، ڪنھن ڪاڻيءَ تي اڪن ڇڪن هجي ته درٻاري به پيا ان کي راڻي ڪوٺيندا. ان جو عيب کين نظر ئي ڪو نه ايندو. ڇو جو اها سندن بادشاهه جي پسند آهي. بادشاهه جي پسند سان، نفرت ڪندڙن کي به پنھنجي انجام جو ڀؤ هوندو آهي. تنھنڪري اهي بادشاهه جي پسند ڪيل ڪؤڙي شيءِ کي ڪؤڙو نه بلڪ مٺو پيا سڏيندا. بادشاهه وٽ پسند پيل ڀنگياڻيءَ کي به راڻي پيا سڏيندا.
مطلب:
۳۱-۱ ڪاڻيءَ جي اک ۾، راڻ-ڪاڻ وارو عيب موجود آهي. جيئن ته بادشاهه کي سيبائي ٿي، تنھنڪري کيس هروڀرو راڻي ئي سڏبو.
۳۱-۲ راءِ ڪو ڀائي، تڀي تو راني ڪھلائي. (اردو)

۳۲ - رُسي گهوٽ سان، سا ڳالھائي نه ڳوٺ سان. (پھاڪو)
رسڻ ۽ پرچڻ، انساني سڀاءَ اندر ٻه ڪيفيتون آهن، جن منجهه پر ڪيف سُرور ۽ لذت هوندي آهي. ان ڪيفيت جي، تن کي خبر هوندي، جيڪي روسامي-سرچاءَ واري مرحلي مان، پَچي ۽ پِڄري گذريا هوندا. جڏهن رسڻ واري ڪيفيت، دماغ تي سوار ٿيندي آهي، تڏهن هر شيءِ سان رٺل رهڻ تي دل چوندي آهي. جڏهن ڪنھن سان اک اڙجي ويندي آهي ۽ ساڻس ملڻ لاءِ دل اڌما کائيندي آهي ته ان وقت هر نظر ايندڙ شيءِ، اکين کي خوبصورت، دل کي وڻندڙ ۽ من کي موهيندڙ پئي معلوم ٿيندي آهي.
گهوٽ يا پرين پياري سان رسڻ وقت به، ساڳي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. ان هڪڙي سان رسڻ سبب، جيڪو زبان ۽ ذهن تي تالو لڳندو آهي، سو ٻين آڏو به لڳل هوندو آهي، کلندو ناهي. طبيعت پوري بند هوندي آهي. جنھن سبب ڪنھن سان به ڳالهائڻ ڏکيو ۽ مشڪل ٿي ويندو آهي. فقط اکين مان دونهان ۽ نڪ جي چوٽيءَ مان پاڻي پيو ٽمندو آهي. ڪنن ۾ سون سون ۽ چپ سُوڻا مُوڻا هوندا آهن.
مطلب:
۳۲-۱ دل گهرين سان ڳالهائڻ بند ٿيو ته جڳ ئي نه وڻندو.
۳۲-۲ رٺي آهي گهوٽ سان، ڳالهائي نه ٿي ڳوٺ سان.
۳۲-۳ يارن جي ڪسر، ٻارن مان نه ڪڍجي.

۳۳ - زن، جهيڙي جوڀن. (چوڻي)
زن/ عورت، پنھنجي سونھن ۽ نزاڪت سبب، مرد جي نگاهه جو مرڪز ضرور رهي آهي. سندس حسن ۽ مڪر جي دامِ فريب ۾ ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا ۽ ڪيئي چريا ٿي، لٽا لاهي دربدر ٿي ويا. جن جو عقل سالم ۽ لڱ چئي ۾ رهيا، تن کيس ماڻڻ ۽ راضي رکڻ لاءِ وڏا جهيڙا ٻوليا ۽ نباهيا. ٻولائي جوٽيل جهيڙن ۾، نروار ۽ نشانبر ٿي واريل جنگين ۾، ڪيئي جانيون ضايع ٿيون. ستل ۽ رک ٿيل جهيڙن اندر، جوش و جذبو، جنون ۽ جولان، جواني ۽ جوڀن، عورت جي وجود سان، ائين ڀڙڪي وڃي ٿو، جيئن ٻرندڙ باهه ۾ پيٽرول پيٽڻ سان نئين سر روح ڦوڪجي ويندو آهي. دنيا جي اندر، جيڪي به جهيڙا ۽ جنگيون لڳيون آهن، تن جو ڪارڻ؛ زن، زر ۽ زمين رهيا آهن. جيڪڏهن انهيءَ مفروضي جو تت يا سارُ سنڀالجي ته وري به اصل محرڪ؛ زن ئي نظر ايندو.
مطلب:
۳۳-۱ زن، زمين، زر، ٽئي قضيي جا گهر.
۳۳-۲ زر، زمين ۽ زن، جهيڙي کي جوڀن.

۳۴ - سُک جو ساٿي هر ڪو، ڏک جو ناهي ڪو. (چوڻي)
هر جيو يا ساهدار، سک ۽ سڻائيءَ جو ڳولائو ۽ دلداده آهي. وٽس ناهي يا کيس ميسر ناهي ته انهن جي ڀر ڳولهي ٿو، جن وٽ آهي. انھن جي پاڙي ۾ رهڻ، سندن پر ڪرڻ، کين راضي رکڻ ۽ سندن دل وٺڻ کي، وٽن ميسر سک کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڊڪي، سکيي سان سڀڪو ناتو جوڙي ٿو. سندس ساٿ ڏئي ٿو. ساڻس سيڻڪو رشتو ڳنڍي ٿو.
ان جي برعڪس، ڏک ۽ بک واري کان هر ڪو ونءُ وڃي ٿو. ساڻس گڏ ويهڻ ۽ مائٽي ڳنڍڻ ۾، وٽس موجود ڏکن ۽ اهنجاين ۾ شريڪ ٿيڻ جي مترادف سمجهي ٿو. پراوا سک ونڊڻ ته هر ڪنھن کي وڻن ٿا، پر ڏک ونڊڻ اهنجا لڳن ٿا. انهيءَ سبب، هر ڪو غريب سان تعلق رکڻ ۾ ڪراهت ۽ ڪِرڀ پيو ڀانئيندو آهي.
مطلب:
۳۴-۱ هر ڪنھن کي سک کپي، ڪنھن کي به ڏک نه کپي.
۳۴-۲ سکيي منجهان سوَ سک، ڏکيي منجهان سَوَ ڏک.
۳۴-۳ سکيي جا سالا به گهڻا، بکيي جو ڀيڻيويو به ڪو نه.

۳۵ - ضرورت، انڌو ڪري. (چوڻي)
ضرورت؛ احتياج يا گهرج، ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. ضرورت وقت، ماڻهو گهڻين شين کي خاطُر ۾ نه آڻيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪريل ڪم يا حرڪت ڪندي، شرمساري به محسوس نه ڪندو آهي. انهيءَ ڪيل ڪڌي ڪم کي پڻ، پنھنجي عزت ۽ شان مان جي برقرار رکڻ جي مترادف پيو ڄاڻيندو آهي. ايترو ته سندس عقل تي پردا چڙهي ويندا آهن جو کيس، ان ڪم جي قبيح جزئيات تي نظر ئي ڪا نه پوندي آهي. انڌي گهوڙي ڪل ۾ وانگر، ٻسٽ وڃي پار پوندو آهي. قباحت ۽ ڪڌائپ جا سمورا لوڙها ۽ ليڪا لتاڙي، جڏھن منزل ماڻيندو ۽ کڳيون هڻندو آهي ته پاڻ کي ئي پيو حق سچ تي ڀانئيندو ۽ سڏرائيندو آهي.
وقت تي پيل گهرج يا ضرورت، ايتري ڏکي ۽ خراب هوندي آهي جو ان ۾ انڌو ٿيڻ اوس ئي آهي. انڌائپ ايتري وڪوڙي ويندي آهي جو پنھنجي ضرورت ۽ غرض، اڻ-لکي ۽ اڻ-ٽر پئي محسوس ٿيندي آهي.
مطلب:
۳۵-۱ غرض، گولي آهي.
۳۵-۲ ضرورت، ايجاد جي ماءُ آهي.
۳۵-۳ ”گدڙ کي شينھن سامھون ڪير ٿو ڪري؟“ چي؛ ”احتياج“!
۳۵-۴ ”اگهه ڪنھن وڌو؟“ چي؛ ”جنھن جي نه سري.“
۳۵-۵ ”اگهه ڪنھن وڌو؟“ چي؛ ”جنھنجا ٻچا رات بک تي ويٺا.“

۳۶ - قلندرن پويان، ڪيئي ڪتا پيا ڀونڪن. (پھاڪو)
قلندر؛ اهو فقير جيڪو دنيا و مافيها کي تاڳي، مست الست ٿيو گهمي، سو ڪنھن جي ٽوڪ چٿر جي پرواهه نه ڪندو آهي. ٽوڪ چٿر يا ڪتي جي ڀؤنڪڻ جو ڀؤ ان کي هوندو آهي، جنھن کي دنيا ۾ رهڻ ۽ پنھنجو ڳاٽ اوچو رکڻ جو اونو هوندو آهي. کيس انھن ڳالهين تي مُٺيان ان ڪري لڳندي آهي جو انھن ڳالهين کي پنھنجي خواريءَ جو سبب سمجهندو آهي. جڏهن ته خواريءَ ۽ خرابيءَ جو کارو مٿي تي کڻڻ کان ھر ڪو ان ڪري لنوائيندو آهي جو کيس پنھنجي سر بلندي ۽ وڌندڙ بخت لاءِ، ان ۾ رنڊ روڪ محسوس ٿيندي آهي.
ان جي برعڪس، فقير قسم جا الله لوڪ ماڻهو يا دنيا کان الهوٽ قسم جا درويش ۽ قلندر، دنيا جي درجن کي نه مان ڏين، نه ئي انھن کي حاصل ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ مٿا کٿا ڏين. نه ئي کين عزت جي وڃڻ جو اونو رهي، نه ئي وري ماڻهن جي آؤ ڀڳت کين مزو ڏئي. پوءِ اهي ڪتي جي ڀؤنڪ کان ڇو ٽهن؟
اھا ٻي ڳالھ آھي ته فقير تي ڪتو ضرور ڀؤنڪندو. ڇو جو ڪتي کي به خبر آهي ته اگر ساڳئي در تان فقير وٺي ويو ته پوءِ کيس اتان مشڪل ئي ملندو.
مطلب:
۳۶-۱ فقير پنندو رهي، ڪتو ڀؤنڪندو رهي.
۳۶-۲ هم پيشه باهم پيشه شود دشمن.

۳۷ - ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊوالھيار. (پھاڪو)
غلط العوام تحت، ائين چيو وڃي ٿو. البته بنيادي طرح اها چوڻي هيئن آهي:
ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي الهيار.
مريم نالي هڪ خوبصورت عورت، جڏهن وڏي خاندان جي مگر شڪل جي سادي مرد نالي الهيار سان شاديءَ لاءِ منسوب ٿي ته ان ڳالهه جي ماڻهن جي واتن تي ائين چؤ پچو ٿي. مريم لاءِ کين ان ڪري همدردي پيدا ٿي جو خوبصورت شيءِ هر ڪنھن کي پسند آهي. مريم به خوبصورت هئي. ٻين کي ته پاڻ وڻي پئي پر جيئن ته کيس به دل ۽ خواهش هئي سو بھتر هيو ته کيس به اهڙو سھڻو جوڙ جس ملي ها. جڏهن نه مليو ته ماڻهن جي واتن تي ڳالهه وائرجي وئي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪي معاملا فطرت جي اصول جي خلاف نظر ايندا آهن ته بي اختيار واتان اهڙي قسم جا جملا نڪري ويندا آهن. جيڪي پوءِ هلي ضرب المثل ٿي پوندا آهن.
مطلب:
۳۷-۱ غير متوقع معاملي لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
۳۷-۲ ڪاڏي احمد ميان سومرو، ڪاڏي گوشو ڊرائيور. 
۳۷-۳ ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار.
۳۷-۴ ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿ کڻي!
۳۷-۵ ڪاڏي دال، ڪاڏي محمد خان مختيارڪار.

۳۸ - ڪوڙ جا پير، نه ٿيندا آهن. (چوڻي)
ڪوڙ، جيئن ته من گهڙت هوندي، حقائق تي مبني نه هوندو آهي، ان ڪري کيس ٽڪاءُ نه هوندو آهي. ٺاهيل ڪوڙ بابت پڇيل سوال، ڪوڙي کي بيزار ڪري ڇڏيندا آهن. هڪڙي پاسي کان پڇيل سوال جو جواب هڪڙوڀته ٻئي پاسي کان پڇيل سوال جو جواب وري اڳئين جواب جي نفيءَ ۾ پيو ڏيندو. ائين ڪرڻ سان، ڪوڙ جي قلعي کلندي ويندي آهي. پڇيل سوالن جي موٽ ۾، ٽُرڙ ٿي اگهاڙجي پوندو آهي. ڀڄڻ لاءِ به ڪوڙ جون واهون بند هونديون آهن. ڇو جو کيس ڀڄڻ لاءِ فقط محدود ميدان هوندو آهي. جيڪو ڪنھن به مٿانھينءَ تي هوندو آهي. جبل جي سنهيءَ چوٽيءَ تي ڀڄڻ لاءِ ميدان ۽ ڪوٺي جي ڇت تي ڀڄڻ لاءِ ميدان، سوڙها ۽ ننڍا ٿيندا آهن. جيڪو مٿانئن چڙهي جيترو تيز ۽ تڪڙو ڀڄندو، اهو اوترو ئي جلد مٿان کان منھن ڀر ڪرندو. ڪوڙي جو مثال به ائين آهي.
مطلب:
۳۸-۱ ڪوڙي کي هڪ اڌ ڪوڙ ڦٻندو آهي، پوءِ اچي سر مان ڦاسندو آهي.
۳۸-۲ ڪوڙ جي ڊوڙ کڏ تائين.     
۳۸-۳ ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ.
۳۸-۴ ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ ٿي.
۳۸-۵ دروغ را حافظه نيست. (فارسي)
۳۸-۶ ڪوڙي کي يادگيرو گھٽ ٿيندو آھي. (ترجمو)

۳۹ - کڳو کوهه ۾ نه هئڻ، مٿان ويڳر ڪٽجڻ. (پھاڪو)
کڳو؛ مڇيءَ جو قسم، جنھن کي بت تي ڇلڙ نه ٿيندا آهن. کائڻ ۾ حلال آهي، جنھن ڪري غريب مٿس گذران ڪندا آهن. کڏ کوهه يا واهيءَ سونهينءَ ۾ پاڻمرادو اچي ويندا آهن. جلدي نه ڦاسندا آهن. لوڀ تي گهٽ ايندا آهن ۽ جنھن ڪري ڪلوئڙي ۾ جلد نه ڦاسندا آهن. ڄار وعغيره ۾ به ڦاسڻ وقت ترڪڻي جسم جو فائدو وٺندي، ڀڄي وڃي پاڻيءَ ۾ پوندا آهن. جيستائين کڳا رڌڻ ۽ کائڻ جو اعتبار نه ڪجي. ٿي سگهي ٿو، گهڻيءَ بک سبب، کين رڌڻ جو ارادو ملتوي ٿي وڃي ۽ ڪا ٻي شيءِ کائي پيٽ ڪتي کي پادر هڻي چُپ ڪرائجي.
ان جي ابتڙ، کڳا اگر کوهه ۾ ئي موجود نه هجن، جو مرحلو اڃا پوءِ آهي، اهڙي صورت ۾ مرچ مصالحا ڪٽڻ، واندڪائيءَ جي وندر کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
مطلب:
۳۹-۱ کڳا کوهر ۾، ويڳر پيا ڪٽجن!
۳۹-۲ ناني ڄائي ناهي، ڏوهٽا پيا ڪوٺا ٽپن.
۳۹-۳ آنن کان اڳي، چوزا نه ڳڻجن.
۳۹-۴ کڳا کوهه ۾ ئي نه ھجن، مٿئون ويڳر پيا ڪٽجن.
۳۹-۵ قبر ۾ ڪجهه به نه ھئڻ، ختمن تي زور هئڻ.

۴۰ - کلي ڳالهاءِ ته، ٽِڪڻ جا سعيا. (چوڻي)
مُرڪڻ ۽ کلي نهارڻ به سخاوت اندر ڳڻيا ويندا آهن. خاص طور تي، مھمان سان آڌرڀاءُ ڪرڻ وقت. اهو ئي سبب آهي جو کلي کيڪارڻ، مھمانيءَ جي آداب ۾ ڳڻيو ويو آهي. مھمان جو مان ۽ شان، ادب ۽ احترام، انهيءَ ۾ آهي ته ساڻس کلي ڳرهين لڳجي. مھمان کي به اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته اتي مھمان ٿي وڃي، جتي کيس ڪير کلي کيڪاري. جتي ڪو سڌي منھن سان نه ڳالهائي، هٿ ابتي نموني سان ڏئي، چَپ چِٻا ۽ چُونا ڪري جواب ڏئي، تنھن وٽ مھمان ٿيڻ کان ونءُ وڃجي ته چڱو.
ڪي وري مھمان، اهڙا گهر-تڙيا هوندا آهن، جو ٿيلهو سدائين ڪلهي تي هوندو اٿن. نه ڪمائين نه ڪرتين، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪيو، ڪڏهن هِت ته ڪڏهن هُت، ڏند-شيڪيو ۽ ڪن ڪيٽا ڪيو، اچيو بيھيو رهن. چي؛ ”جاڙا خان! ڪتي کي جهل! اسان به اچي وياسين.“ اهڙا مھمان، جلد ٻين جي دل تان ڪري پوندا آهن. ساڻن ڪير ڀل ۾ به کلي ڳالهائڻ پسند نه ڪندو آهي ته متان کلي ڳالهائڻ ۾ کين، ترسڻ يا ٽڪڻ لاءِ دعوت نظر اچي. اهڙو ٿوڪو ماڻهو اگر مھمان ٿي اچي  ٽڪي، ان لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
۴۰-۱ کلي کيڪار ته ڳچيءَ پئجي وڃي.
۴۰-۲ ڄٽ کي ڏي قرب ته جتيءَ سميت هنج ۾.

۴۱ - گابا هر وهن ته، ڏاندن کي ڪير پڇي؟ (پھاڪو)
هر؛ زمين جي سيني کي، لوهه جي گهوٻي سان چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. هر هلائڻ لاءِ، وڏي طاقت درڪار هوندي آهي. ڪي زمينون سخت ۽ ڏاڍيريون يا آروڙيون ٿين، تن ۾ ته گهوٻو ڏاڍو ڏکيو گهڙي. گهڙي ته اکيڙ وقت وڏو زور لائڻو پوي. ان زور لائڻ لاءِ، فقط طاقت نه بلڪ آزمودي جي به ضرورت هوندي آهي. اهو ڏاند، جيڪو ڀلي طاقتور آهي پر جڙ ۽ اڻ-آزمودگار آهي، سو به اگر وهندو ته يا پاڃاري ڀڄندو يا چُوني، يا پنھنجا پير کر ڦٽيندو يا هرنھن ڀڃندو. زمين جي کيڙ صحيح نموني نه ڪري سگهندو.
ان جي برعڪس گابو ته اڻ-آزمودگار، طاقت ۾ به گهٽ ۽ جڙ هوندو آهي. ان کي ٻئي ڏاند سان هر ۾ ڀيچي نه سگهبو. ڀيچڻ لاءِ به هڪ-ڪرائي ضرور هئڻ گهرجي. ٻئي هڪجھڙا ۽ هڪ-ڪرا نه هوندا ته به اوڙ ۽ وراڻي ته پيا هاريءَ کي منجهائيندا.
مطلب:
۴۱-۱ ڏکئي ڪم لاءِ، طاقت سان گڏ، عقل جو استعمال ضروري آهي.
۴۱-۲ پاڏن سان ڍُڪيون ٿين ها ته سانَ ڪير نه ڌاري ها.
۴۱-۳ گُندئين کير ملي ته مينھون ڪير ڌاري؟
۴۱-۴ وڇ کير ڏئي ته مينھن ڪير ڌاري.
۴۱-۵ گابن سان ڍڪيون ٿين ته ڏاند ڪير نه ڌاري.

۴۲ - گڏهه کي سونا سنج پارئجن ته به گڏهه رهندو، گهوڙو نه ٿيندو. (پھاڪو)
گڏهه ۽ گهوڙو، ٻئي چڙهڻ، بار ڌڪڻ لاءِ وهٽ طور استعمال ٿين ٿا. جڏهن ته گڏهه، پٺيءَ تي بار پڻ ڍوئي سگهي ٿو. ان لاءِ سندس پٺيءَ تي آٿر/ٻورا رکبا آهن. مٿس سواري ڪرڻ کي گهوڙي جي ڀيٽ ۾ ڪير به ترجيح نه ڏيندو آهي، ڇو جو سندس وک تڪڙي ناهي. جڏهن ته گهوڙي جي ڊڪ تيز آهي ۽ جلد منزل تي رسيو وڃي. گهوڙي جي پٺيءَ تي لاڳيتو، اڀو ويهڻ اهنجو ٿيندو آهي. ان لاءِ سوار مٿس سنج وجهندا آهن ته جيئن پير رڪاب ۾ ۽ هٿ واڳ ۾ ڦاٿل هجن ۽ وهڪ واري جاءِ، زين تي آرام پذير هجي ته منزلون هڻي سگھجن.
گهوڙي تي سنج رکڻ، گهوڙي جي فطرت جي حساب سان، سوار/سئيس جي مجبوري آهن. جڏهن ته گڏهن تي سنج رکڻ فضول آهن. گڏهن قد جو ڇوٽو ٿئي ٿو. سوار جا پير اڳي ئي پيا زمين تي لڙڪي پوندا، انھن لاءِ رڪاب جي ڪھڙي ضرورت؟ وک تڪڙي نه هئڻ سبب، ڪِرڻ جو ڀؤ نه هوندو آهي ته پوءِ واڳ ۽ زين جي ڪھڙو ضرور. ٻيو ته انھن سنجن، پوءِ ڀلي سون جا هجن، وجهڻ سان گڏهه جي چال ۽ فطرت ۾ ڪو به  ڦيرو نه ايندو.
مطلب:
۴۲-۱ سونا سنج رکڻ سان، گڏهه گهوڙو نه ٿيندو.
۴۲-۲ گڏهه گهوڙو نه ٿئي، توڙ ي مٿس رکجن سونا سنج.
۴۲-۳ ڪتو، ٻڪري نه ٿئي توڙي سو تڪبيرون پڙهجن.

۴۳ - گلا خور جو کائجي، مھڻي خور جو نه کائجي. (چوڻي)
گلا خور: پرپٺ عيب ڪڍندڙ. مھڻي خور: منھن سامھون ڍيڪ ڏيندڙ، ڍيڪر.
پرپٺ بادشاهن کي به پيون ٿيون گاريون ملن. جيڪڏهن پٺ پويان ڪنھن عيب اگهاڙيو آهي ته ان جو اثر دل تي گهٽ ويھندو آهي. ڇو جو سندس اها ڳالهه نه پاڻ ڪنن سان ٻڌجي ٿي ۽ نه اکين سان ڏسجي ٿي. ماڻهن جي ذريعي ڪا خبر پئي ته پئي، نه ته ٿيو خير.
ان جي برعڪس، منھن سامھون عيب ڪڍندڙ ۽ ڍيڪر جي ڍيڪ جو اثر، يڪدم دل تي ويھجي وڃي ٿو. ڇو جو سندس ادا ڪيل لفظ، ڪنن سان سڻجن ٿا ۽ سندس ڍيڪ جو لھجو، آواز جي گھرائپ، هٿن جا اشارا ۽ اکين جا ترناوَ اکين سان ڏسجن ٿا. جيڪي جلد دل تي چٽجيو وڃن ۽ اَمٽ نشان ڇڏيو وڃن.
مطلب:
۴۳-۲ ڍيڪر ۽ مھڻي خور، گلا خور کان به وڌيڪ خراب آهي.
۴۳-۲ ڄنگھن ڏارائيءَ کان وات ڏارائي خراب.

۴۴ - ڳجهه جي نظر، ڍونڍ تي. (پھاڪو)
ڳجهه؛ ڍونڍ خور پکي آهي. سندس گذر آهي ئي، رب جي ماريءَ تي. جهنگ ۾ يا آباديءَ ۾ جانور مري ويو ته ماڻهو کيس حرام سمجهي اڇليو وڃن. مئل ڍور، ڏينھن ٻن ۾، سُڄي ڌپ به ڪري ۽ گوشت پٽڻ جي حساب سان ڳري نرم به ٿي پوي. سندس ڌپ تي گدڙ ۽ لومڙيون، ڳجهون ۽ سرڻيون اچي لامارا ڏين. جيئن ته گدڙ يا لومڙيءَ کي، زميني سفر ڪري، ڍونڍ تي پھچڻو ٿو پوي، تنھنڪري آباديءَ وارن علائقن ۾ شڪارين جي ڀَوَ کان، ڍونڍ جي ويجهو وڃڻ کان پيا لھرائيندا آهن. جڏهن ته سرڻ ۽ ڳجهه، مٿس اڏامي پھچن ٿيون، تنھنڪري جلد پڄيو وڃن.
ڀلي ڪيترو آسمان صاف هجي ۽ پري پري تائين ڪنھن پکيءَ جي اڏامڻ جو نانءُ نشان ئي نه هجي. مئل، اڃا ڍونڍ ٿيو ئي ناهي، ڳجهون الائي ڪٿان اچي مٿس مڙنديون. هڪ ڍونڍ کي پورو ڪري، ٻئي جي تاڙ ۾ ائين نڪري وينديون، ڄڻ هتي ته آيون ئي ڪين هيون. آسمان ۾ ڀلي ڪيترو به مٿي اڏامي پر هيٺ زمين تي پيل ڍونڍ کيس جلد نظر اچيو وڃي. بنا اطلاع ۽ ڪوٺ جي، الائي ڪٿان اچي کيس ڳولهي لهي.
مطلب:
۴۴-۱ نظر ڳِجهه جي، نڪ ڪول جو، ڏاٺ اڏوهيءَ جي.
۴۴-۲ مک جي نظر، ڦٽ تي.
۴۴-۳ ڪاري مينھن جي نظر، ڳئونءَ جي ڪاري پڇ تي.
۴۴-۴ هر ڪنھن جي پھرين نظر، مطلب واري شيءِ تي پوندي آهي.

۴۵ - ڳوھ کي کٽي کڻي، موچين جا گهر نهاري. (پھاڪو)
ڳوهه کي، هر ڪو حرام سمجهي، ويجهو نه ويندو آهي. جڏهن ته سندس جسم تي وَهَ يا چرٻي، ٻين سڻڀن جي ڀيٽ ۾ گرم ۽ طاقت بخش آهي. اهو ئي سبب آهي جو، حرام کائيندڙ قومن جا فرد، کيس ڳوليندا رهندا آهن. سدائين رنبو ۽ کٿو سندن ڪلهي تي هوندو آهي. ڪڏهن هن ڏر کي پيا گُڏيندا ته ڪڏهن هن کي پيا کوٽيندا. جيئن ئي کين ڳوھ هٿ آئي تيئن يڪدم وڃي سيخن تي سندس ماھُ پچائيندا. جڏهن ته ڳوھ، ڊِٺي به وڏي آهي. هڪ دفعو ڏر ۾ وئي، ٻاهر مشڪل نڪري. نانگ، مرلين وڄائڻ سان ٻاهر نڪري. جڏهن ته ڳوھ تي بينن جو آواز به اثر نه ڪري. کيس، ڦاٿل جاءِ تان ڪڍڻ لاءِ، وڏا جُھد پٽڻا پوندا آهن.
اها ڳوھ، جنھن کي ڍيڍ يا ماڙيچا، موچي يا شڪاري، ڏر ۾ به گُڏي وڃي ڪڍن، سا اگر کين پنھنجي گهر ۾ ويٺي اچي ملي ته ڪيئن ڇڏيندس؟ سِرُ نه کڻنس ته شڪاري ڪيئن سڏجن.
مطلب:
۴۵-۱ جڏهن قسمت ڦٽندي آهي ته فالودو کائيندي به ڏند ڀڄي پوندا آهن.
۴۵-۲ ڳوهه کي کٽي کڻي ته شڪارين/ ڍيڍن جا گهر ڳولي.
۴۵-۳ گدڙ کي کٽي کڻي ته شهر ڏانھن رخ رکي.

۴۶ - لکئي سان ليکا نه آهن. (چوڻي)
جيڪي ڪجهه قسمت ۾ لکجي چڪو آهي، سو ئي هن دنيا اندر آڏو اچي ٿو. قسمت اندر سک سھنج جي حياتي گذارڻ لکيل آهي ته سک واري گذاربي. اگر ڏکن ڏولائن ۽ اهنجن ايذائن واري حياتي گذارڻ لکيل آهي ته اها گذاربي. لکئي کي مٽائڻ تي، نه ڪنھن جو وس ٿو هلي سگهي ۽ نه لکئي کان هٽي ڪري زندگي گذارڻ لاءِ ڪنھن کي اختيار حاصل آهي.
لکئي تي آمنا وارڻي آهي. نه مٿس ڪرڪڻو ۽ ڪڇڻو آهي ۽ نه ئي کيس گهٽ وڌ ڳالهائي، سندس ليکا لاهڻا آهن. ائين ڪرڻ سان ورندو ڪي ڪين. هٿائين پنھنجا ٻئي جھان، پنھنجي هٿن سان ٻوڙبا. بھتر ائين آهي ته رب جي لکئي تي راضي رهجي ۽ هر وقت کيس ٻڏائيندو رهجي.
مطلب:
۴۵-۳ قسمت تي، ڪرڪجي نه.
۴۵-۳ رب جي رضا تي، راضي رهجي.

۴۷ - ماءُ جنھن جي جھڙي، ڌيءُ تنھن جي تھڙي،
ڏوهه نه ڏي ڏوهٽيءَ تي، انھن جي آڪهه ئي اهڙي. (چوڻي)
اولاد، والدين تي اڍ ڇڪيندو آهي. وصفن اوصافن، نقشن اهڃاڻن ۾، ٻه هٿ، ٻه پير، سود پود والدين وانگر هوندو آهي. ڌيءُ هوندي ته چال چلت ۾، ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾، لھجي گفتي ۾، ماءُ وانگر هوندي. کيس ڏسڻ سان، يڪدم خيال سندس ماءُ ڏانھن هليو ويندو.
اهڙيءَ طرح اگر ڪنھن مرد کي اڳي ڏٺو آهي پر هاڻي هن دنيا ۾ ناهي ۽ اوچتو اگر سندس اڻ ڏٺل پٽ سامھون اچي ويندو آهي ته يڪدم گمان سندس پيءُ ڏانھن هليو ويندو آهي ۽ يڪدم کانئس پڇي وٺبو آهي ته؛ ”فَلاڻي جو پٽ آهين ڇا؟“
اهڙيءَ طرح وصفون آهن. اگر ماءُ نيڪ سيرت آهي ته ڌيءُ يا ڏوهٽي به نيڪ سيرت رهنديون. اگر ماءُ بدچال ۽ ڀاڄوڪڙ آهي ته ڌيءَ يا ڏوهٽي به ان ڪارنامي کي عيب نه سمجهنديون. ان ۾ ئي کين پئي سرهائي ۽ سورهيائي محسوس ٿيندي.
مطلب:
۴۷-۱ ٺان جھڙي ٺيڪري، مان جھڙي ڏيڪري. (ٿري)
۴۷-۲ جھڙو ٿانءُ، تھڙو ٺڪر.
۴۷-۳ ڀِت آئري تي ويندي آهي.
۴۷-۴ ڀيٽيو: جھڙو سٽ تھڙي پيٽي، جھڙي ماءُ تھڙي ٻيٽي.

۴۸ - مٽياريءَ جو موت، ويندي جي ويرم. (چوڻي)
مٽياري؛ متعلوي سادات جو مسڪن رهيو آهي. انھن جي اثر هيٺ، جيڪي ٻين قومن جا فرد به اچي اتي رهيا، تن جو به دين اسلام سان گھرو رشتو ناتو رهيو. اتي اسلام جي تبليغ ۽ فروغ جو وڏو ڪم ٿيندو هيو. نوان مسلمان، مسلمان ٿيڻ وقت، مٽياريءَ ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهندا هيا. کين هر قسم جي، مالي توڙي اخلاقي، مدد ۽ معاونت پئي ٿيندي هئي. سندن ختنو/ طوهر سنت ڪرائڻ، لٽي ڪپڙي جو بندوبست، رهائش ۽ شادي وغيره جو بندوبست به اتان جي مخير حضرات جي معاونت سان ٿيندو هيو. بس رڳو پڄڻ جي دير هئي.
جن جا لخت جگر، جوانيءَ ۾ پير پائيندي، پيءُ ماءُ کي دين خاطر ڇڏي، اچي مٽياريءَ موجود ٿيندا هيا ۽ ستت ئي رسمن مان فارغ ٿيندا هيا، سي پنھنجن لاءِ ڏوراپو ڏيندا هيا ته؛ ”مٽياريءَ ۾ پھچڻ جي دير آهي.“ يا ”چوندا هيا؛ ”مٽياريءَ جو موت، ويندي جي ويرم.“ ڇو جو دين مٽڻ سان، اولاد پيءُ ماءُ کان الڳ ٿي ويندو هيو يا مٽن مائٽن کان سڄي عمر لاءِ ڪٽجي ويندو هيو. تنھنڪري سندن والدين، کين مئل سمجهي، سھائي ڇڏيندا هيا ۽ دل تي پٿر رکي ائين چوندا هيا.
مطلب:
۴۸-۱ مسلمان ٿيڻ لاءِ، مٽيارين ۾ پڄڻ جي دير آهي.
۴۸-۲ مرڻو مـَٽَ جو، پرڻو ڍٽ جو. (ٿر)

۴۹ - واندو ماڻهو؛ اَٽي تي چَٽي. (چوڻي)
انسان دنيا جي تختي تي، آيو پالڻھار پروردگار جي عبادت ۽ ٻانهپ ڪرڻ لاءِ آهي. مٿس ٻيو به هڪڙو امتحان رکيو ويو آهي. ساڻس، وڌڻ ويجهڻ ۽ سرسبز و شاداب رهڻ لاءِ پيٽ ۽ وات پڻ لڳايو ويو آهي. پيٽ کي، اَنَ پاڻيءَ سان سائو ۽ تازو رکندو ايندو ته جيئرو به رهندو ۽ عبادت ڪرڻ وارو ڪم به ڪري سگهندو. اگر نه رکندو ته ڏوٻر لاهيندو ويندو. انهيءَ ڪم واسطي، روزي رزق، ساري زمين اندر رب ٽيڙي پکيڙي رکيو آهي. اھو چڳڻ لاءِ، انسان کي هٿ پير پڻ ڏنا اٿائين. هٿ پير هلائيندو ته بک کان به بچندو، ساڳائيندو به هلندو ۽ وندريو به پيو هوندو. هٿ پير نه هلائيندو ته هڏ-رک ٿيندو ۽ ٻين جو محتاج ٿي پوندو.
قدرت واري، هٿن پيرن ۾ ڪم ڪرڻ جي قوت رکي آهي. اهي چڱي ڪم تي هلائبا ته سالم رهندا. ٻي صورت ۾ پاڻمرادو پيا هلڻ جي ڪوشش ڪندا. اجاين ڌنڌن خفن ۾ لڳي ويندا يا ناڪاره ٿي ويندا. ٻنهي صورتن ۾ نقصان آهي. اهڙو ماڻهو ٻين لاءِ فائديمند ھئڻ بجاءِ هاڃيڪار آهي.
مطلب:
۴۹-۱ واندو ماڻهو؛ شيطان جو يار.
۴۹-۲ بيڪار کان، بيگار ڀلي.
۴۹-۳ واندي کان، ورتڻ ڀلي.
۴۹-۴ نکمڻو واڻيو، ڪاڳر سوري.
۴۹-۵ واندو ماڻهو، ڀتر ڀوري.
۴۹-۶ واندو ماڻهو، ڇيڻا ڀوري.

۵۰ - ويهي کائڻ سان، خرار به کٽي وڃن. (چوڻي)
انسان سان لڳل پيٽ، کاڌي جي اهڙي ڳوٿري آهي، جنھن کي ڪيترا ئي سوراخ آهن. جيترو به کيس ڀرڻ جي ڪوشش ڪجي، اوترو ئي اُوڻو رهي. اهڙيءَ طرح، انسان سان ٻيون به لاتعداد ضرورتون ۽ گهرجون منسلڪ آهن. جن لاءِ کيس ناڻو يا روڪڙ، اناج يا ٻيون شيون گهربل آهن. مڙيئي گهربل شيون، جيڪي قدرت واري، زمين اندر ڇٽي ڇڏيون آهن، سي هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير پڻ ڏنا اٿائين. انسان، پنھنجي محدود حياتيءَ ۾ وڏا ڍيرن جا ڍير کائي چٽ ڪري ٿو وڃي. اگر ابي ڏاڏي جي رکيل موڙيءَ تي ڀاڙي ويهي ته بک مري. ڇو جو اهي جلد کپي، کٽي ويندس. ان جو سبب اھو آھي جو دنياوي ڍيرن جي حياتي، تمام ٿوري آهي. اناج، رکئي اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويندو. ڌن دولت، رکئي ڌوڙ ٿي ويندي ۽ سڪہ رائج الوقت نه هئڻ سبب، رک کان به بيڪار ٿي ويندي.
ان جي برعڪس، پنھنجي هٿن جي محنت سان ڪمائڻ وارو ماڻهو، لڳاتار پيو ڪمائيندو ۽ خرچيندو. تازو توانو ۽ هشاش بشاش رهندو. ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌندي ويندس. مالڪ جي عطا ڪيل نعمتن جو استعمال ۽ شڪرانو بجا آڻڻ سبب، اهو به مٿس مھربان رهي ٿو.
مطلب:
۴۵-۳ رب ڏئي، ته اب به ڏئي.
۴۵-۳ ڏُهي کائجي، ڪُهي نه کائجي.
۴۵-۳ اب جو ڏنو ڪھڙي ڪم جو، جيسين رب نه ڏئي.
۴۵-۳ کاڌي، خرار کُٽي وڃن.
۴۵-۳ اولاد تي احسان ڪرين ته، کيس هٿ جو هنر سيکار.

۵۱ - يا ٿجي مڙس ماڻهو، يا رهجي مڙسن جي پاڙي ۾. (چوڻي)
روءِ زمين تي زندگي گذارڻ لاءِ، انسان کي هٿ پير ڏنا ويا آهن ته جيئن کاڌِ خوراڪ هٿ ڪرڻ سان گڏ، پنھنجي حفاظت لاءِ اجهو جوڙي سگھي ۽ لٽو هٿ ڪري سگهي ته جيئن پاڻ کي موسمي اثرات ۽ موذين جي خطرات کان آجو رکي سگهي. سندس اردگرد موجود سموريون شيون ۽ ماحول، سندس حفاظت لاءِ نه رکيا ويا آهن. ڪي ماحول ۽ شيون، جانور ۽ حيوان، سندس دشمن به آهن. کانئن بچڻ لاءِ کيس ڪوششون ۽ تدابير اختيار ڪرڻيون آهن. اگر اڪيلي سر، سر تي آيل آپدائن سان منھن ڏيڻ جي صلاحيت نه هجيس ته ٻين سان گڏجي رهي. جيئن پاڻ ٻين جي ڪم اچي ۽ ڪجهه ٻيا سندس ڪم اچن. ماحول سان، رهائي هلڻ ۾، وقت سٺو گذرندو. اڙي اُڌي، اوکي اهنجي، سر تي نه ايندي. ايندي ته به ٽري ويندي يا لکائيندي ئي ڪا نه. ڇڙ ڇڙ ڳابڙا ٿي، اڪيلو ٿيندو ته بگهڙن ۽ شيطانن جي چنگل ۾ ڦاسي پوندو.
ڏکن ۽ ڏاکڙن، ڏائڻن ۽ ڏولائن کان بچڻ لاءِ، پاڻ ۾ قوة ڌارڻي پوندي. مڙس ماڻهو ٿيڻو پوندو. عقل ۽ طاقت کان ڪم وٺڻو پوندو. اگر پاڻ ۾ نه هجي ته ڪنھن طاقت واري آڏو هيٺانهين ڪري، ان جي پاڇي يا ليڪي ۾ رهڻو پوندو. ان ۾ ئي بچ بچاءُ آهي. ور نه اڪيلي ٻڪريءَ کي، بگهڙ آسانيءَ سان کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آھي.
مطلب:
۵۱-۱ همت ۽ مردانگيءَ سان، زندگي گذارجي.
۵۱-۲ لِڳڙو ۽ لِلڙو ٿي، زندگي نه وڃائجي.
۵۱-۳ ھمت مردان، مدد خدا، بي ھمت بندا، بيزار خدا.


1 comment:

  1. Proverbs and Sayings of Matiari

    Sindhi language, like other international languages, is enriched with the folk wisdom based on proverbs, sayings, maxims, idioms and idiomatic phrases. In each part of soil, the wisdom varies, though the form of proverbs and sayings also vary, having the fragrance of words of that locality.
    Here, those proverbs and sayings are collected which are in vogue in the southern part of Sindh in general and in District Matiari and Hyderabad in particular, as the compiler of that wisdom belongs to that locality. He has tried to touch that wisdom which has exceptionality in its inertness comparable to one in vogue in other parts of Sindh.
    The meanings and interpretations of thus collected wisdom has been made in such a way that the denizens of other parts of Sindh can easily understand and compare them with the proverbs and sayings in practice in their localities.

    ReplyDelete