Sunday, September 27, 2015

سنڌي لوڪ ساهتيه جو جائزو - مرليڌر جيٽلي

مرليڌر جيٽلي

سنڌي لوڪ ساهتيه جي جدا جدا روين کي زباني روايتن مان سهيڙي قلمبند ڪرڻ ۽ اُنهن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ ڏانهن سنڌي ليکڪن جو ڌيان گهڻي قدر ملڪ جي آزاديءَ بعد ئي ڇڪيو آهي. ان خيال کان سنڌي لوڪ ساهتيه جي کوج ۽ اڀياس ڪرڻ جي پرمپرا ڪا گهڻي آڳاٽي نه آهي. پر انهيءَ مان اهو انومان لڳائڻ بلڪل غلط ثابت ٿيندو ته سنڌي لوڪ ساهتيه به ڪو گهڻو پراچين نه آهي.


حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌيءَ جو لوڪ ساهتيه ايترو ئي آڳاٽو آهي، جيتري آڳاٽي اسان جي سنڌي ٻولِي آهي. ائين نه اسان جا ڪي اَديب سنڌيت جي جذبي وچان سنڌي ٻوليءَ جي بڻ_ بنياد کي ڇڪي، وڃيو “موهن جي دڙي” جي ٻوليءَ ۾ ٿا بيهارين. اَن ٻوليءَ جي اڃا تائين خاطريءَ جوڳي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي. پر ڀاشا وگيانڪ نگاه کان انهيءَ چوڻ ۾ ذرو به شڪ نه آهي نه تاريخي اوسر جي سلسلي ۾ موجوده سنڌ علائقي جي آڳاٽي ٻوليءَ اٺين عيسوي صديءَ جي شروعات ڌاري، ڪيتريون ئي اهڙيون لسانياتي خاصيتون حاصل ڪيون جن سببان ٻين پاڙيسري آريه ٻولين کان توڙي اپڀرنش کان انهيءَ جو وجود الڳه ظاهر ٿي بيٺو. ان زماني جي سنڌ جي ٻوليءَ کي اسين “پراچين سنڌي” سڏيون ٿا. اُن دؤر کان وٺي اسان سنڌي لوڪ ڪهاڻين، سنڌي لوڪ گيتن ۽ سنڌي لوڪ سنگيت جي الڳه وجود هئڻ بابت به حوالا ملن ٿا.
سنڌي لوڪ ساهتيه ۾ ڪيترائي اهڙا جزا به آهن، جن جو اڻ_ بنياد ويدن ۽ اُپنشدن جي ڪٿائن، توڙي ٻئَي سنسڪرت ساهتيه ۾ ملي ٿو. رامايڻ، مهاڀارت، پراڻ، برهت ڪٿا منجري، ڪٿا سرت ساگر، پنچتنتر، هتو پديش، ويتال پنچ ونشتي، شڪ_ سپتتي وغيره سنسڪرت ۾ لکيل اَهڙا سرچشما آهن جن مان نه فقط سنڌيءَ پر ڀارت جي ڪيترين ٻين ٻولين جي به ڪن لوڪ ڪٿائن، لوڪ گيتن ۽ پهاڪن وغيره جو جِنم ٿيو آهي. وقت گذرندي، سنڌ ۾ مسلمان حاڪمن جي اَيل مڪاريءَ ۾ عربي_ فارسي ادب جا ڪيترائي قصا (جيئن تي جمجما سلطان، يوسف زليخا، شاه بهرام، ليلا مجنوُ، شيرين فرهاد، سيف الملوڪ) سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪي قدر تبديل سان اپنايا ويا. ٻئي طرف، سترهين ارڙهين عيسوي صديءَ ۾، سنڌ ڀوميءَ جي خاص عشقيـﮧ داستانن (مثال طور، ليلا_ چنيسر، سسئي پنهوُن، عمر مارئي) کي فارسي ٻوليءَ ۾ نظمي قصن جي روپ ۾ دهرايو ويو. سنڌ جي صوفي شاعرن وري انهن عوامي داستانن کي روحاني پيغام ڏيڻ جو واهڻ بڻايو. ان طرح سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت برپا ٿيڻ کان اڳ۾ ئي، سنڌي لوڪ ساهتيه جدا جدا روپن ۾ پوريءَ طرح اوڄ پائي چڪو هو. اُهو گهڻو ڪري زباني روايتن ذريعي پيڙهي به پيڙهيءَ محفوظ رهندو پئي آيو. سڀ کان اول اَرڙهين عيسوي صديءَ ۾ ڪن سنڌي نظمي قصن کي قلمبند ڪري، دستخطن جي صورت ۾ آندو ويو. ليلا_ مجنون، بانڪو بهرام، يوسف زليخا ان صديءَ ۾ لکيل قلمي نسخن جا ڪجهه مثال آهن.
سنه 1843ع ۾ سنڌ ۾ برطانيه حڪومت جو پايو پيو ته ڪن علم_ دوست يورپي آفيسرن، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪري، اُنهيءَ جا ويا ڪرڻ ۽ شبد ڪوش تيار ڪري ڇپايا. اهڙن شخصن ۾ حيدرآباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئَپٽن جارج اسٽئَڪ کي جس آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ (1849ع)، انگريزي_ سنڌي ڊڪشنري (1849ع) ۽ سنڌي_ انگريزي ڊڪشنري (1855ع) تيار ڪري شايع ڪرايا. هيءُ پهريون عالم آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج پنج لوڪ_ ڪهاڻيون وياڪرڻ جي آخر ۾ ديوناگري_ سنڌي اکرن ۾ شايع ڪيون. اُنهن ۾ “شهزادو اَمل ماڻڪ ۽ حسين پري” ۽ “راءِ ڏياچ جي ڪهاڻي” سنڌي لوڪ ساهتيه جا بي بها رتن آهن.
اَرنيسٽ ٽرومپ ٻيو يوروپي عالم آهي جنهن سنه 1853ع ۾ فاضل شاه جو لکيل “ليلا مجنون” نظمي قصو هٿ ڪري ڇپايو. اُنهن ڏينهن ۾ ئي سر رچرڊ برٽن به پنهنجن ڪتابن ۾ ڪن سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي ٿوري ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو. سنڌ جي تعليم کاتي جو عملدار ايف. جي. گولڊ سمڊ پهريون يوروپي عالم آهي، جنهن “سسئي پنهون” جو سنڌي نظم ۾ قصو هٿ ڪري، انگريزي ترجمي سان گڏ، سنه، 1863ع ۾ لنڊن مان ڇپائي ظاهر ڪيو. اهڙيءَ طرح، تعليم کاتي وارن به سنڌي نثر ۽ نظم ۾ لکيل قصا ۽ ڪهاڻيون ڇپائي ظاهر ڪيا. ان بعد، ڪن ڏيهي عالمن جو به سنڌي لوڪ ادب جي گڏ ڪرڻ طرف ڌيان ڇڪيو. ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ گذريل صديءَ جي آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌي پهاڪا، سنڌي ڳجهارتون ۽ ٻاراڻا گيت گڏ ڪري ڇپايا ته مرزا قليج بيگه به ٻاراڻا شعر قلمبند ڪيا. روچيرام گجومل آڏواڻيءَ چونڊ سنڌي پهاڪا انگريزي ترجمي سان گڏ ڇپائي ظاهر ڪيا. ٻئي طرف، ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ “گلشڪر” نالي سان سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو سنگره تيار ڪيو. اُنهيءَ ۾ هن هرهڪ پهاڪي جي سمجهاڻي به ڏني آهي. انهيءَ ريت اڻويهين عيسويِ صديءَ جي آخر تائين، سنڌي لوڪ ادب جا ڪجهه پهلؤ قلمبند ڪري روشنيءَ ۾ آندا ويا. اهو ڪم فقط سهيڙڻ ۽ شايع ڪرڻ تائين محدود رهيو. پر سنڌي لوڪ ادب جو تنقيدي نگاه کان اَڀياس خير ڪو ٿيو.
موجوده صديءَ ۾ ملڪ جي آزاديءَ کان اڳه، سنڌي نثر ۽ نظم ۾ قصا. ڪهاڻيون، پهاڪا ۽ چوڻيون وري وري ڇپبا رهيا. يوروپي عالمن مان ڪئنڊيڊ، سنڌ ۾ مروج ڪجهه لوڪ ڪهاڻيون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايون. پر سنڌي لوڪ ادب جي کوج ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪچهريون ڪري لوڪ ساهتيه جا جدا جدا روپ سهيڙڻ ۽ انهن جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ جي ڏس ۾ جن عالمن شروعات ڪئي، اُنهن ۾ نبي بخش خان بلوچ ۽ عبدالڪريم سنديلي جا نالا سونهري حرفن ۾ درج ٿيل آهن. هنن بنهي صاحبن ڏونگر ڏوري، رڻپٽ روڙي، ڪمر ڪشي سنڌ جو چپو چپو گهمي، سنڌي لوڪ ادب جا اَملهه ماڻڪ گڏ ڪيا آهن ۽ انهن جو چونڊ حصو ڇپائي ظاهر به ڪيو آهي. اِن اَٺڪاٺئي ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ لاءِ لاشڪ هنن کيرون لهڻيون.
هن کيتر ۾ وسيع پيماني تي تحقيقي ڪم گهڻو ڪري ملڪ جي آزاديءَ بعد ئي ٿيو آهي. سنه 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، “سنڌي لوڪ ادب” پراجيڪٽ هٿ ۾ کنئي، جنهن جو ڊائريڪٽر نبي بخش بلوچ کي مقرر ڪيو ويو. هن سوين ڪارڪنن جي مدد سان سنڌ جي جدا جدا علائقن مان سنڌي لوڪ ادب جو سنگره ڪرايو. گڏ ڪيل ذخيري کي ڇنڊي ڇاڻي، چونڊ ڪري، ترتيب وار ڪل چاليهن جلدن ۾ ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنه 1959ع کان ان سلسلي ۾ ڪتابن ڇپجڻ جي شروعات ڪئي ويئي. هيستائين اٽڪل ستٽيهه جلد شايع ٿي چڪا آهن. هرهڪ جلد ۾ تقيدي مهاڳه به ڏنل آهي. اهڙيءَ ريت سنڌي لوڪ ادب جو چونڊ خزانو عالمن اڳيان اڀياس لاءِ ميسر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، عبدالڪريم سنديلو ۽ هن وانگر ٻيا به ڪجهه محقق اڪيلي سر سنڌي لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ ۽ اُنهيءَ جو تنقيدي مطالعو ڪرڻ ۾ مشغول آهن. سنديلي کي “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” موضوع تي تحقيقي مقالو لکڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ پي. ايڇ ڊي. جي ڊگري عطا ڪئي آهي. اهو مقالو سنه 1986ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو آهي.

 سنه 1947ع بعد ڀارت ۾ ڪيل ڪوشش تي جيڪڏهن نظر نظر ڊوڙائجي ته معلوم ٿيندو ته هتي پهريان ويهه سال ته سنڌي ليکڪ ٻوليءَ کي اٺين شيڊيول ۾ تسليم ڪرائڻ لاءِ، نئين ڀوميءَ تي وري سنڌي تعليم ۽ سنڌي ساهتيه کي اوج ڏيارڻ لاءِ لڙندا رهيا. سنه 1997ع ۾ سنڌي ٻولي ڀارت وڌان ۾ تسليم ٿي ته اُن بعد به سرڪاري سطح تي سنڌي لوڪ اَدب جي کوج ڪرڻ ۽ انهيءَ کي شايع ڪرڻ لاءِ ڪابه باقاعدي بوجنا هٿ ۾ نه کنئَي ويئي آهي. انهيءَ ڏس ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي اُهو فقط ڪن شخصي ڪوششن تائين محدود آهي. ان ۾ ذور به شڪ نه آهي ته ڀارت ۾ سنڌي لوڪ ساهتيه جي کيتر ۾ گهڻي ۾ گهڻو کوج ڪاريه نارايڻ ڀارتيءَ ڪيو آهي. هو سنه 1952ع ڌاري، ڪنهن به سرڪاري مدد ملڻ کان سواءِ ئي اڪيلي سرڪمر ڪشي نڪري پيو. ڀارت جي جدا جدا پرانتن ۾ برپا ڪيل سنڌي پرشارٿين جي ڪئَمپن جو دورو ڪيائين ۽ سنڌي ٻڍڙن_ ٻڍڙين سان ملاقاتون ڪري، واتين ويڻين سنجوئي رکيل سنڌي لوڪ ادب جو خزانو گڏ ڪيائين. شادين مرادين ۾ ڳاتل لاڏا گڏ ڪيائين. ته منڻن، جڻين ۽ ٻين ساٺن_ سوڻن، جون ريتيون رسمون ۽ گيت به قلمبند ڪيائين ساڳئي وقت، هو ٻين ٻولين جي لوڪ ساهتيه ۽ اُنهيءَ تي لکيل آلو چناتمڪ ساهتيه جو به اڀياس ڪندو رهيو. ان سان سندس نظريو وڌيڪ وسيع ۽ پختو بڻبو ويو. سنه 1990ع کان وٺي هن گڏ ڪيل سنڌي لوڪ ادب جا چونڊ نمونا ڪتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيا. ان سلسلي ۾ ويهارو کن سالن ۾ هن ڏهه_ ٻارهن ڪتاب ڇپائي ظاهر ڪيا آهن. جيئن،_ لوڪ گيت (هڪ نظريه)، هرجمالو؛ مينديءَ رتا هٿڙا؛ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون؛ سنگيت جي نان؛ سنڌڙي ٿي ڳائي؛ سنڌي لوڪ ڪلا؛ هڪڙو هو سرداگر؛ ٿري لوڪ گيت؛ ساکي ڏيانءِ سنيهڙو. اِنهن مان ڪن ڪتابن جا ٻه_ ٽي ڇاپا به شايع ٿيا آهن نارايڻ ڀارتي پهريون ڀارتيه سنڌي ساهتيڪار آهي جنهن “سنڌي لوڪ گيتن جو سماجڪ پس_ منظر” وشيه تي تحقيقي مقالو لکي پيش ڪيو. اُنهيءَ تي کيس بمبيءَ يونيورسٽي طرفان سنه 1977ع ۾، پي ايڇ. ڊي. جي ڊگري عطا ڪئي ويئي. اسان جون ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ اُميدون آهن ته هو سنڌي لوڪ ساهتيه جي ٻين پهلوئن تي  به وڌيڪ وستار سان کوجنا تمڪ رچنائون پيش ڪندو.

ڀارت ۾ ٻيا سنڌي کوجنا ڪندڙ، جن هن کيتر ۾ اڳتي وکه وڌائي آهي، تن مان ڪن جا نالا آهن: پروفيسر رام پنجواڻي (سنڌي لوڪ ساهتيه تي سندس لکيل ڪجهه مضمون گهڻي اهميت رکن ٿا. هن سنڌي لوڪ_ ڪهاڻين کي ناٽڪي روپ ۾ پيش ڪري وڌيڪ مقبول بڻايو آهي)، مرليڌر جيٽلي (هن زباني روايتن ۽ ساهتيه مان اٽڪل پنجويهه هزار کن سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح گڏ ڪيا آهن. اُنهن مان به هزار کن پهاڪا انگريزي ۽ هندي انواد سان گڏ “ڀارتيه ڪهاوت ڪوش” ۾ شايع ٿيل آهن. انهيءَ کان سواءِ هو سنڌي لوڪ ادب ۽ خاص طور سنڌي پهاڪن جو تنقيدي مطالعو به ڪري رهيو آهي)؛ تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي، سترامداس جڙيا سنگهاڻي “سائل” به سنڌي پهاڪن جا وڏا سنگره شايع ڪيا آهن. سنتداس ڪشناڻي ۽ گنگا ڌرشرنگيءَ جدا جدا سنڌي پهاڪن ۽ اصطلاحن جا وڏا سنگره تيار ڪيا آهن، جيڪي اَڃا تائين دستخطن جي صورت ۾ آهن.

ڪيرت ٻاٻاڻيءَ، ليليٰ رچنداڻيءَ ۽ ٻين ڪن ساهتيڪارن سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو اَڀياس ڪيو آهي. تازو پرسو گدواڻي ڪڇ علائقي ۾ سنڌي لوڪ ڪلائن ۽ سنڌي لوڪ ادب جي ٻوليءَ جو تنقيدي نگاهه کان اَڀياس ڪري رهيو آهي.
انهي ۾ شڪ نه آهي ته سنڌ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي لوڪ ڪلا تي گهڻو ئي ڪم ٿي رهيو آهي.  پر اُنهيءَ جو جائزو وٺڻ سان هڪدم ظاهر ٿي پوي ٿو ته اُهو گهڻي قدر هڪ طرفو آهي. سنڌي هندن جا ساٺ-سنوڻ ۽ ريتون-رواج هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ لوڪ ڪٿائون ۽ عوام جا وشواس اُئي گڏ ڪري درج نه ڪيا ويا آهن. سنڌي لوڪ ادب جو اِهو هڪ اَهڙو حصو آهي جنهن تي ڀارت ۾ اَسين آسانيءَ سان تحقيقي ڪم ڪري سگهون ٿا. اَڃا به وقت ويو نه آهي. اسان کي گهرجي ته سنڌي لوڪ ڪلا ۽ ساهتيه جو ذخيرو اسين جلد به جلد پنهنجن بزرگن وٽان هٿ ڪري محفوظ ڪريون، نه ته اُهو وقت گذرندي هميشـﮧ غيب جي پردي پٺيان لڪي ويندو. ڀارت ۾ اسان کي اِن ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته سنڌ جي سرحد سان لڳه، راجسٿان ۽ ڪڇ (گجرات) وارن علائقن ۾ به سنڌي لوڪن جي ورثي کي ڳولهي هٿ ڪريون. انهيءَ جو سنڌي لوڪ اَدب سان گهاٽو رشتو آهي، جنهن جي مطالعي سان ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون روشنيءَ ۾ اَچي وينديون.
“سنڌي لوڪ_ ساهت” ڪتاب جي هن نئين ڇاپي ۾، نارائڻ ڀارتيءَ سنڌي لوڪ اَدب جي مکيه شاخن جو ٿوري ۾ تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. اِنهيءَ ۾ اَڳئين ڇاپي جي ڀيٽ ۾ ڪيترن هنڌن تي سڌارا ۽ واڌارا به ڪيل آهن.
اُميد آهي ته ڀارتيءَ جي هيءَ رچنا سنڌي لوڪ ساهتيه جي کيتر ۾ نوجوان ليکڪن ۽ کوجنا ڪندڙن لاءِ پريرڻا ڏيندڙ ثابت ٿيندي.


مرليڌر جيٽلي
پرمکه، سنڌي ڀاشا وڀاڳه،
دهلي يونيورسٽي، دهلي.

ايڊريس
ڊي_ 127، 
وويڪ وهار،     
دهلي_ 110033  



No comments:

Post a Comment