Saturday, August 15, 2015

مون سنڌ اُڀرندي ڏٺي -عديل مھر

مون سنڌ اُڀرندي ڏٺي
سنڌ ھال آف ميرٽ: سڄاڻ سنڌي ماڻهن جي ڄاڻ جي انسائيڪلوپيڊيا.
عديل مھر
سنڌي ماڻهن جي روايتي تعارف ۾ اها اڻ وڻندڙ راءِ رکي ۽ لکي ويندي آهي ته ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندا، صلاحيت ڪونهين، افعال نه اٿن، محنت نه پڄندن، ڪم کان ٻرو چڙهندن، کائڻ جا کَرا ڪم جا ڪُرا، لڀي ڪين گهوڙي تي زِين، گهر کان واندا ٽڪاڻي داخل، ويٺا حوال ڪٽيندءِ. گهر خالي، هوٽل ڀريل. اڌ ڪپ چانهه تي، سڄو ڏينهن چٽ! ٽوپي نراڙ تي، سندرو ڊاڙ تي! اوڀاريون لهواريون، پرائي پچار، هِن هُن جي گلا، نه پاڻ ڪجهه ڪندا، نه ٻين کي سهندا. زبان تي ضابطو نه رهندن. هڪ جو ٻيو وهي ويندن. خصيص ڳالهه تي، دشمني پرائي ويهندا. دوستيون گهٽ، دشمنيون وڌيڪ نڀائيندا. پلوَ پراڻا نه ٿيندن. من ۾ مير رکندا ته وجهه ملندي وير وٺندا، چوندا؛ مڙس ته ڦَڏو، نه ته جڏي جو جڏو!!


جهڙو شعور، تهڙا شوق. ڪڪڙن جو ميل، رِڇ ڪُتي جي ويڙهه، سوئر جي بڇ، ڏاندن گهوڙن گڏهن جي گوءِ. شرط هارائي ته هوءِ هوءِ، کَٽي ته ٺا ٺا!! جانور ويڙهائي، پوءِ پاڻ وڙهندا. هڻي هڪ ٻئي جا دون سُڄائي رکندا. ٽڪي جي ڳالهه تي وڙهندا، لَکَ ڀريندا. پوليس پئسا به وٺندن، چالان به ڪندن! حاضريون کائيندا، ورهيه گذاريندا. گهر ۾ لنگهڻ، ٻاهر کنگهڻ. وري اهڙي ڳالهه تي جهيڙا، هڪٻئي جي اڙي نه سهندا. پوليس وارا شهپر ڦِيرائي رکندن، ڪجهه محسوس نه ٿيندن! ٻاهريون باهيون گهر ۾، مايون پيا ماريندا. جڏي تڏي، چوٽيءَ ۾ هَٿَ. مايون وري ڪڍنديون ڪڪڙين مان باهيون؛ ”ڪُڙ پهاڄ... ... واري وٺڻي...“ ان تي وري انهن ۾ جهيڙا؛ ”ڇو مُٺي، لائي ٿي ڳالهائين، مان ڄڻ سمجهان ئي نه ٿي!“ هنن جا به هڪٻئي جي ڄنڊن ۾ هٿ!! وري ڪو مڙس شهپر وٽيندو اچي انهن کي سَٽيندو!.
هو جيڪي گهر ۾ ڪندا، وڏيري وٽ سا ئي ساڻن ٿيندي. بهانو ٺهندي ويرم ئي ناهي. وڏيري جي گار جي ڳهي پئي پوندي، هِتان لهندن، هُتان چڙهندن. چوندا، ”ابو آ“. گهر ۾ ڪچي ماني نه کائي سگهندا، وڏيري جون ڪچيون گاريون کائي ويندا. زائفن جا ڄنڊا پٽيندا، پنهنجا شهپر وٽيندا، شهپر ائين ڇڪي بيهاريندا جو مڇ تان ريل هلي وڃي!!. پنهنجي جوڙيل ماحول جا مرد پيا سڏبا. جهڙي سوچ، تهڙو خيال. چوندا؛ ”سنڌ موچڙي سان ٻڌل آ.“، ”ماني ڍَوَ تي آ، موچڙي جي ڍرائي آ.“، ”سٻر سوٽو ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.“، ”جهڙو منهن، تهڙي چپاٽ“، ڪي پهاڪا اهڙا جو لکندي لڄ اچي. مهڻي تي مائي ماري ڇڏيندا، چوندا ڪني آڱر وڍي ڪار آ، مرد کان چٽي ڀرائي وٺندا، اُن پئسن مان وري ٻي پرڻبا. چوندا؛ مردن لاءِ زالان کوڙ!! جن لاءِ زالان کوڙ آهن، اُهي وري ڇوڪراڻي سنگت جا به ڪوڏيا. مُڇ کي وٽ، يار کي ٻک. جاڏي تاڏي، سهڻو ساڻُ!.
مردن جا ڪم مايون ڪنديون، هي وڏيري جي وانگار تي! رونبي لاباري کان وٺي ويڙهه تائين وانگار آ....... خونن کان وٺي ڪورٽن جي حاضرين تائين، وانگار جو وڏو جهان آ! جيڪو سندن جهان خان آ، ان جا هنن جي عزتن تائين به هٿ وڃن پر هنن جا هٿ سندس پيرن تائين مس پڄن!!.
سنڌي ماڻهو يا ته اهڙو سُست جو پئي پئي گهر جون کٽان پيو ڀڃندو، هٿ مان ڪريل شيءِ نِوِڙي کڻڻ ۾ عار محسوس ڪندو. بک مرندو، گهر کان نه نڪرندو. ڳوٺ کان شهر ايندو ته مائٽن کان موڪلائي نڪرندو. ياسين شريف ساڻ، سفر جون سڀ دعائون ياد. ويهارو ميل پنڌ تي، پاڻ کي پرديس ۾ ڀانئيندو. پيو گهٻرائيندو، پاڻ تي نه ڀاڙيندو، سهارا تاڙيندو. ماءُ جي ڪڇ تان لهندو ته زال جي هنج جهليندو. ٻاروتڻ، جوانيءَ تائين هلندس. جوانيءَ ۾ ئي جهونو ٿي ويندو. جلدي کٽ وٺندو. ڪڏهن تِڙڪي تي، ڪڏهن ڇانوَ ۾ پيو کٽ سورائيندو. اُنهيءَ کٽ تي کڄي، هڪ ڏينهن قبرستان پهچندو. همراهه جي حياتي پوري..!!
پر جي همراه ارڏو هوندو ته حياتيءَ ۾ ڪو وڏيرو ضرور هوندس جيڪو جواني جهيڙن ۾ ڳاري ڇڏيندس. وڏيري جو هڪ موچڙو بڻجي ماڻهن تي پيو وسندو. جيئن جُتي گَسي وڃي، تيئن ماڻهو به کُسي وڃي ٿو. اهڙو جوڌو جڏهن جهونو ٿيندو ته ڇڙو جهيڙن جا واقعا پيو ٻڌائيندو؛ ”ڦلاڻي سان ٻکيم، کيس ساڙي لاتم. وڏيري کي وَٺُ نه ٿي ڏنائين،  ليٽائي رکيومانس. ڏاڍي مڳي هُئس، ڊاهي رکيومانس. لئي پئي ڪيائين، مڻڪو ڀڃي ڇڏيومانس. لوڏ ڪري هلندو هو، لوڏ ڦيرائي رکيمانس.“ ڪارنامه، ڪل فساد وارا. آخر اهي ڦڏا ڪندڙ جائي پائي جڏهن جَڏا ٿي وڃن ٿا ته رانديڪن جيان ڊهي ٿا پون.
وڏن به اسان کي اهڙي ٻڌائي ڪجهه پنهنجي سانڀر ۾ به سنڌ اهڙي ڏٺيسين، پر انهيءَ سنڌ جون هن جيءَ اُهي جهلڪيون به ڏٺيون آهن جنهن کي بيٺل نه پر بدلجندڙ سنڌ چئي سگهجي ٿو.
مون کي ان جو يقين تڏهن ٿيو جڏهن اياز لطيف پليجي جي فيس بوڪ تي ”سنڌ هال آف ميرٽ“ ڏٺم، تقريبن 850  سنڌ جي شخصيتن جو تعارف ڏنو ويو آهي، جيڪي اعلى تعليم حاصل ڪري اعلى مقام تي آهن ۽ ان ۾ اڃا انٽري جاري آهي، هن پيج کي تقريبن 16000 هزار ماڻهن لائيڪ ڪيو آهي ۽ لڳ ڀڳ 7000 ماڻهن پنهنجا رايا ڏنا آهن.
اهو هڪ تحقيقي ڪم آهي. اياز لطيف پليجو سنڌ جا موتي چونڊي رهيو آهي ۽ اهو چئي رهيو آهي ته، هاڻي سنڌ اُها ناهي. سنڌ بدلجي رهي آهي. سنڌ انڌيرن مان نڪري رهي آهي. هڪ روشنيءَ سان روشناس ٿي رهي آهي. ارتقا آهي جا انقلاب جو ڏس پئي ڏي، سنڌ جهالتون جهاڳي علم جا ڪنارا ڇُهي ٿي، دنيا جي وهنوار ۾ پنهنجو حصو گهري ٿي.
اياز لطيف پنهنجي تحقيق سان اسان کي اُها سنڌ ڏيکاري رهيو آهي جنهن جي هٿ ۾ ڊگريون ۽ ايوارڊ آهن، سيني تي ميڊل ۽ مٿي تي تعليم جا تاج آهن. دنيا جي اعلى عهدن تي سنڌي پهچي رهيا آهن. دنيا جو هر ڪاروبار ۽ وهنوار هنن جي هٿن سان به ٿئي ٿو. مڃتا ملي ٿي، سنڌ ساراهجي ٿي، تاڙيون وڄن ٿيون، مبارڪون ملن ٿيون، ماضيءَ ۾ لڄ محسوس ڪندڙ ماڻهو، هاڻي فخر سان چوي ٿو ته، ها مان سنڌي آهيان.
اياز لطيف پليجو جيڪو خود هن مٽيءَ جو هڪ ماڻڪ آهي، هو سنڌ جو زنده ضمير آهي، هڪ اهڙو آواز آهي جيڪو عوامي ميڙ کان وٺي، ٽي وي چئنلن تائين سنڌ لاءِ ڳالهائي ٿو ته سنڌ صلاحيتن جي سر زمين آهي، هت ڏات به آهي، ڏانءُ به آهي، تعليم جو رجهان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، روشنيءَ جا ڪرڻا جهالت جي تهن کي تهس نهس ڪري رهيا آهن، جوت جرڪي ٿي، جذبا جڳمڳائن ٿا، پوئتي رکيل سنڌ اڳتي اچي رهي آهي. پير کسيل سنڌ سيني ڀر سُري رهي آهي، سنڌ پنهنجي سرير ۾ سَتُ پئي ساري، ڪنڌ پئي کڻي، ٻانهن جي ٻَلَ تي ڪَرُ کڻي رهي آهي. اجهو سنڌ پنهنجي پيرن تي پئي بيهي!
پِيراڻي سنڌ، پِيرن جي پرڻام ۽ پيروين مان پاند آجا ڪري رهي آهي، ڪمزور عقيدن کي ٻَنِ ڏئي پنهنجا ٻيڙا پاڻ ٻني لائي رهي آهي. مُريديون ڇڏي، محنت ۾ يقين وڌائي رهي آهي. درگاهن تي ڌمال هڻڻ بجاءِ، ڪمال ڪري ڏيکارڻ جي اهميت پئدا ٿي رهي آهي. مَٽيون ڀرڻ ۽ چٽيون ڀرڻ بدران ”فيون“ ڀرڻ جو لاڙو پيدا ٿيو آهي. سڳن ڌاڳن ۽ تعويذن بجاءِ ڳچين ۾ ميڊل ٿا نظر اچن. ”سوا ڪسيرو“ زيرو ۽ ”پيراڻو حصو“ پراڻو قصو بڻجي رهيو آهي. وسوسا ۽ وهم کڏ کڻي پوريا ٿا وڃن!
وڏيرن واري سنڌ، هاڻي وڏيرن کي اُن ڏيرن جهڙو ٿي سمجهي جن سسئي کي سورن ۾ وڌو هو. سنڌ اڄ اهڙيون وڏيرڪيون ڪٻاڙ ۾ وڪڻي پئي. ڀوتارن جي اوطاقن تي رش، گهٽجي پئي. جتي جن جا پيئر پَٽ تي ويهندا هئا، اُتي انهن جا پٽ، کٽ تي به ويهڻ پسند نه ٿا ڪن. اُتي عزت جو احساس پيدا ڪرڻ ۾ هاڻي ڪرسيون به ڪم نه ٿيون ڪن. تعليم ماڻهن جا طرف تبديل پئي ڪري، جيڪي، ڪمدار کي به قبلا سائين ڪري ڪوٺيندا هئا تن جا ڇوڪرا وڏيري کي وَٺُ ئي نه ٿا ڏين.
آهستي آهستي ئي سهي پر سنڌ جا سردار به هاڻي قصن جا ڪردار ٿيندا پيا وڃن. ماڻهن هنن کي هاڻي پُٺي ڏيڻ شروع ڪئي آهي. جيستائين جهونا باقي، تيستائين ڪاڻِ، پر پوءِ به ڇڪتاڻ! هو جيڪو ڪڏهن دنگَ ورهائيندو هو ۽ ننگ پرڻائيندو هو اڄ ان کي ڪاڄن ۾ مَسَ ٿو ڪانڍيو وڃي. هي جيڪو نسل پڙهي لکي پيو، ڏاڍو پاڻَ وهيڻو ٿو ڏسجي!
سنڌ سندن جاگير هئي، پر اڄ اها هنن جي هٿن مان واريءَ وانگر نڪرندي پئي نظر اچي. جاگير جي تشريح هاڻي تعليم ڪري رهي آهي. ماڻهو ”ملڪيت“ جي اسم کان الڳ ٿي رهيا آهن. جاگيرداراڻا قدر بدلجي رهيا آهن، تعليم تصور تبديل ڪري ڇڏيا آهن، ماڻهو هاڻ واڙڻ ۽ ڇوڙڻ لاءِ وٿاڻ جو چوپايو ناهن...


No comments:

Post a Comment