Saturday, August 8, 2015

مال مڙئي ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن - نصير مرزا

مال مڙئي ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن!
اڱارو 28 جولاءِ 2015ع
نصير مرزا
ڇا حرج آهي، جي انگريچي لفظ Slang جي اڄ پاڻ پت وائکي ڪريون، پر سلينگ معنى ڇا!؟ اڙي بابا! ان جي معنى آهي، ڄٽڪي لهجي وارا اڻ وڻندڙ يا غير رسمي گهڙيل لفظ... اصل ۾ هر ٻوليءَ اندر مختلف جاتين وارا پيشيور ماڻهو... کِل ڀوڳ ۾ هڪڙا عجيب عجيب محاوراتي لفظ پاڻ پيا گهڙيندا، جوڙيندا ۽ هڪ ٻئي تي ڦهڪائيندا، هڻندا ۽ پيا کڻندا آهن، جن کي ٻُڌي هڪ پاسي حيرت ته ٻئي پاسي مزو به زبردست پيو ايندو آهي. ٿورا ڏينهن ٿيندا، گوالياري گويو ۽ وات جو ٿورو پلٽن وانگر ڇوٽ.... استاد فتح علي خان منهنجي آفيس ۾ جهوني پراڻي راڳي غفور گل کي جو ويٺل ڏٺو ته کِلي کيڪاريندي چيائينس.... آ... ”کڙپيل“! تنهن تي غفور گل... استاد پاران اهڙي لقب لائڻ تي پيشانيءَ مٿان تتل ٽانڊي جهڙو گهنڊ ٺاهي وراڻيس ٿو... ”گهٽ اوهين به ناهيو.“ هاڻي فتح علي ته کِل ڀوڳ ۾ اهو لفظ چيو، پر ٻن ”کڙپيلن“ ۾ لفظي جنگ ڇڙي پئي. تڏهن مون سوچيو... هي لفظ، کڙپيل ڪا گار ته آهي ڪو نه، جو هي ٻئي معزز هڪ ٻئي کي لفظي کڙهون هڻڻ کان اصل ئي ڪو نه پيا مُڙن، پوءِ مون ان لفظ جو اشتقاق ڪري، ان جي معنى ڳولي هٿ ڪئي. جي ها! کڙ جي ته معنى کڙ ٿي، جيڪا ٺهندي هيئن آهي، جو سرنهن، ڄانڀي يا ڪڪڙن کي گهاڻي واري ڪونڊيءَ ۾ وجهبو آهي، پوءِ اکيون ٻڌل ڏاند پيو ڦرندو آهي ۽ پيو ٻجن کي پيڙيندو آهي، سو ان عمل کي چئبو آهي، ٻج پيڙهڻ (ڀيلڻ) ۽ اجهو هي، ان مان ئي ”کڙ“ تيار. پوءِ مون غفور گل راڳي کي سمجهايو ته، ”بابا پنهنجي لاءِ لفظ کڙپيل تي ناراض نه ٿي، جو ان جي معنى ٿي ته تون هالو چالو نه، پر هڪڙو ڇنڊيل ڇڙيل ۽ زبردست ۽ رياضت جي وڏن ڪن ڪشٽن مان پار پيل بهترين ڳائڻو آهين.“


ته بس ان ڳالهه تي مون کي به ياد پيو.... ته ڪنهن ڏينهن گهٽيءَ ۾ ٽين ڊٻي واري کي ٻاهر بيهاري ڪي ٽُٽل ڀڳل ردي شيون وڪڻڻ لاءِ گهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦلهور پيو وجهندو هوس ته پريان ئي ڪٿان بيزار ٿي ناني رڙ ڪندي هئي... ”اڙي بابا... اڄ اهو ڪهڙي ”راڌا ويڌ“ کي اچي لڳو آهين؟“ ائين مينهن پوڻ کان پوءِ ڇاڪاڻ ته گهٽين ۾ گپ چڪ جام ٿي ويندي هئي، تڏهن هوءَ اسان ٻارن کي گهران نڪرڻ ڪا نه ڏيندي هئي ۽ پنهنجو ئي ايجاد ڪيل هي لفظ ئي استعمال ڪندي ۽ چوندي هئي، ”بابا ’سُک پراسو ٿئي ته پوءِ گهٽيءَ ۾ نڪرو.“ ته بس هي اهڙا ’اغڙم، بغڙم لفظ ئي ته سلينگ سڏبا آهن، جن جي ٻُڌڻ سان سماعتن کي ائين لطف ايندو آهي، جيئن زبان کي ترش شيءِ چکڻ سان ايندو آهي. اڇا! ڪڏهن نه جي ڪنهن کي تيار ۽ تيل ڦُليل ڪري ڪيڏانهن ويندي ڏسبو آهي ته يڪدم هُجت پائي پُڇبو اٿس...”ابا اڄ الائي ڪيڏانهن ’چڙهائي ڪئي اٿئي؟“ (هاڻي چڙهائي ته معنى، ڪنهن مٿانهين جاءِ تي چڙهڻ) ۽ موٽ ۾ اهو ماڻهو به خوش سڀاءُ هوندو آهي ته، وراڻيندو آهي، ”اڄ بابا... وڏي چٻڙاٽي جو پروگرام آهي.“ هاڻي سمجهي وڃو... چٻڙاٽو معنى کاڌي جو وڏو.. دبنگ پروگرام.... جنهن ۾ گوشت واريون شيون هونديون ۽ پوءِ چٻڙ چٻڙ ... هڏا ... ٻوٽيون .. نريون ... نرا .... ملائي ... ٻوٽيون، ريشمي ٻوٽيون ... ته معنى اهو ٿيو، چٻڙاٽو پروگرام. اڇا ... ڪنهن کي بيزار ٿي محفل مان اُٿارڻو هوندو يا ڀڄائڻو هوندو ته چئبو اٿس...”هل... هل... پڙهه کسڪ سوره...“ يا ”ڇڪ پنڌ کي...“ ته بس ان ڏس ۾ اهڙن لفظن بعد هاڻي هي لفظ ”پلستر“ ڏسو. ”اڙي يار! تون ته وڏو ڪو پلستر آهين“ ۽ ائين چئي ڪنهن شاطر دوست کي پيو طعنو هڻبو آهي. هاڻي اصل ۾ پلستر هڪ ننڍڙي دوا پٽيءَ يا ڦٽ ڦُرڙيءَ مٿان هڻڻ واري ”بينڊيج“ کي چئبو آهي، جيڪا ڦٽ مٿان چنبڙائڻ وقت ته وڏو آرام ڏئي ڇڏيندي آهي، پر ڇڪي لاهڻ وقت، جيڪا اذيت ڏيندي آهي، ان جي ته سائين...”خبر کاڌن کان ئي ڪو وڃي پُڇي.“
ائين هي ٻيو عام واهپي ۾، ”سلينگ“ طور استعمال ٿيندڙ لفظ ڏسو... ”لوٽو“ هوڏانهن ان لوٽي سان مولوي حضرات وضو ڪري باوضو رهندا آهن. لوڪ گيتن واريون مايون وري خوش ٿي، محفل محفل ڳائينديون ۽ پنهنجن گهر وارن... مڙسن کي منٿون پيون ڪنديون آهن ته، ”لوٽو مان کي آڻي ڏي، اولڻ گهولڻ وڃانءِ...ساهه صدقو ڪريانءِ... منهنجي کير پيئڻ جو لوٽو... آيو آيو... کير پيئڻ جو آءِ....“ ۽ يا منهنجا مولى...هي ويچاري ان لوٽي جي سياستدانن هٿان ڇا ته مٽي پليت ٿي آهي ۽ انهن هن پاڪ و پاڪيزه مٽيءَ جي بدني جي به اهڙي ته درگت ڪئي آهي، جهڙي پاڪ وطن ۾ ويچاري نظامِ جمهوريت سان ٿي چڪي آهي. ائين هي ٻيو سلينگ طور استعمال ٿيندڙ لفظ... ”چمچو“! هاڻي تصور ڪريو، چمچو اسان جي زندگيءَ ۾ ڪيڏي نه آساني پيو پيدا ڪندو آهي، جڏهن ته ڄٽڪي جهان ۾ وري انهيءَ ماڻهوءَ کي پيو چمچو چئي مخاطب ڪبو آهي، جيڪو خوشامدڙيو هوندو آهي. اڙي بابا... هي نه جيئن طوطل صاحب جي زوجه محترمه کي ”طوطي“ چوڻ مون کي ڪو نه وڻي، ائين ڪنهن خوشامد پسند عورت کي وري ”چمچي“ چوڻ به اصل پاڻ کي وڻي ئي ڪو نه. ”آئي... اها وڏي چمچي اٿئي...“ ۽ ڪنهن جي به واتان اهڙا لفظ ٻُڌي کِل برابر ته مون کي ايندي آهي، پر اهو ڄٽڪو لهجو پاڻ کي بابا وڻي ئي اصل ڪو نه. هاڻي هي ٻي ڳالهه ٻُڌو... پاڻ وٽ جيڪي بجلي چور آهن، اهي پول يا گهر مٿان گذرندڙ تار ۾ جا ”شيءِ“ ڦاسائي بجلي ڇڪي گهر ۾ آڻيندا آهن، ان کي سڏيندا آهن: ”ڪُنڍي.“ هاڻي ٻيلي خدا کي حاظر ناظر ڄاڻي ٻُڌايو ته، اهو لفظ ڪُنڍي... ڪو بجلي چورن لاءِ ايجاد ٿيو هو ڇا!؟ نه بابا... اهو مڇيءَ جي شڪارين جو استعمال ٿيندڙ اوزار آهي، جنهن جي نوڪ ۾ سانپو يا ڪا ٻوٽي ٻڙي ٽُنبي.... اها مڇي ڏور پاڻيءَ ۾ شڪاري اُڇليندا آهن ۽ پوءِ ويچاري مڇي... ڪُنڍيءَ ۾ جيئن ئي وات وجهندي آهي ته ڦٿڪندي شڪاريءَ جي ڄار ۾ اچي ڦهڪو ڪندي آهي. اجهو هاڻي هي ٻي نئين ڳالهه....۽ اها جنهن به ٺاهي...اهو ته وڏو ڪو پلستر بابا...وڏو وڏو.... جي ها... هي جيڪي گوسڙو ماسترن جا وڏا شاگرد....امتحان هال ۾، پيپر حل ڪرڻ لاءِ مال مسالو کڻي ويندا آهن، ان کي شاگرد... ۽ شاگردياڻيون سڏين... ”ڪارتوس“! هاڻي ڪارتوس ته دراصل بارود ڀريل هڪ خول جو نالو آهي، جيڪو دوناليءَ ۾ لوڊ ڪري، ٽرئگر کي کڻي دٻائبو آهي ته ويچارو تتر يا ٻيو شڪار...رتورت...لهو لهان..! خير ثابت ٿيو ته ڪاپي ڪلچر بابت اهو لفظ ”ڪارتوس“ بلڪل ئي درست آهي... جنهن سان هڪ پاسي شڪاري پکين ۽ ماڻهن کي شڪار ڪندا آهن ۽ هيڏانهن شاگرد وري اهڙي ڪارتوس سان تعليم ۽ پنهنجو پاڻ کي لهو لهان ڪري رهيا هوندا آهن.

چڱو ڀلا ”صحافين“ يا ”صاحبن“ کي رام رام ڪرڻ لاءِ به ته هڪڙو لفظ ايجاد ٿيل آهي. ڇا!؟ لفافو...يا ”لفافه ڪلچر.“ ائين گهڻو تڻو شام وارين اخبارن ۾، جنهن صحافت جو بول بالا آهي...ان لاءِ سلينگ ايجاد ٿيل آهي...”پيلي زرد صحافت“ جنهن جي معنى آهي، يرقان ۽ هيپاٽائٽس ۾ ورتل جرنلزم. جتي مزيدار هڪڙي ٻي حقيقت هيءَ به ته... وڏن شهرن ۾ جيڪا اسٽاڪ مارڪيٽ آهي ۽ جتي وڏا وڏا دبنگ بزنس مئن... ڊالرن جو بزنيس ڪندا آهن، اهي باقي ٻي سموري ڪرنسي... پوءِ اها ڇو نه ڪروڙن ۽ اربن کربن ۾ هجي... ان کي ”ڪچرو“ سڏيندا آهن. ائين هي لفظ ”پڳڙي“ ڏسو... ڇا ته معزز ۽ مانائتو لفظ... پر هي دڪان، گهر يا ڪو پلاٽ وغيره وٺڻ لاءِ امانتن، جيڪا موڙي سيڙائبي آهي، ڌنڌوڙي ان کي پڳڙي يا پڳڙيءَ جي رقم پيا سڏيندا ۽ ان کان پوءِ پڳڙي ورتل جاءِ، دڪان جي حالت پوءِ وقت به وقت اهڙي ئي ٿيندي آهي، جيئن بدو عرب سڳورا اڳي زماني ۾ غلام سان حالت ڪندا هئا. (يعني ان جو يوز گهٽ ۽ مس يوز وڌيڪ.) خير اهي ڳالهيون مهاڙيون سڀ پنهنجيءَ جاءِ تي، پر هڪ پاسي حقيقت هيءَ ته دنيا جي ٻولين جي ڊڪشنرين ۾، اهڙن لفظن ۽ ڄٽڪن محاورن يعني Slang وغيره کي لفٽ مڙئي گهٽ ئي ملندي آهي. ڪاش! جي اهڙن مزيدار لفظن جي به لغت ٺاهي وٺجي ته ان ۾ به ڇا حرج آهي؟ تازو مون ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جو هڪ ڪتاب ڏٺو... ”ٺگون ڪي اصطلاحات“ ڪتاب ۾ اندر وري هي به اعلان هو ته، ”ادارو چورن چڪارن... طوائفن، دلالن، تاس راند کيڏندڙ جي محاورن تي ٻڌل لفظن ۽ اصطلاحن جي لغت پڻ جلد آڻي رهيو آهي.“ هاڻي سچ پُڇو ته هيءَ جيڪا پنهنجي سنڌي ٻولي آهي، ان ۾ به اهڙن Slang لفظن ۽ اصطلاحن جا ڀنڊار ڀريا پيا آهن، پر انهن جي لغت تيار ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي ڪنهن اداري کي صلاح ڏيڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ چوڻ، ڄڻ ”ٻٻرن کان ٻير گُهرڻ“ وانگر آهي... ته بس يارو ڪارونڀار ڪڪرن ۽ مينهوڳيءَ جي مُند ۾، ڄٽوڙڪن لفظن جي اتير پتير بابت لکيل هي اڄوڪو ڪالم بس ايترو ئي، ۽ هن موسم ۾ ڪنهن ٻئي اهڙي ڪالم لکڻ لاءِ ڪنهن نئين موضوع جي تلاش ۾ هاڻي اڳتي ٿو نڪري پوان. الهه واهي!

No comments:

Post a Comment