Tuesday, October 1, 2013

انساني عضون سان منسوب اصطلاح - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

انساني عضون سان منسوب اصطلاح
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ٻولي جي ذريعي ئي هڪ انسان ٻئي انسان آڏو پنهنجي مدعا ۽ مقصد بيان ڪري ٿو. جڏهن ڪو انسان اهڙو اظهار عام لفظن ۾ ڪري ٿو ته اهڙي اظهار کي عام ٻولي سڏيو وڃي ٿو، پر ادبي ۽ شسته زبان لاءِ ناليواري اديب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب ”آفتابِ ادب“ ۾ هڪ سڌريل ۽ معياري ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪي معيار ٻُڌايا آهن سي هن ريت آهن.
Û ٻوليءَ ۾ ڪراهت يا گراني نه هجي. يعني لفظن جا آواز ٻڌندڙ جي ڪنن ۽ دل تي بار جو باعث نه بڻجن.
Û دنيا جي هر هڪ شيءِ جا نالا ۽ هر هڪ معنيٰ لاءِ وٽس لفظ موجود هجن، کوٽ جي صورت ۾ ٻين ٻولين مان لفظ وٺي به پورائوو ڪري.
Û وٽس هڪ معنيٰ لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون هئڻ گهرجن.
Û هم قافيه، تُڪ بندي ۽ تجينس حرفي وارا لفظ پڻ ادبي ٻوليءَ جي اهڃاڻن مان ليکيا وڃن ٿا.
Û ٻولي ٻين ٻولين مان لفظ وٺي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي.
Û ٻين ٻولين کي پڻ پنهنجي لفظن جي خزاني مان کُلي دل سان لفظ آڇيندي هجي.
Û نئين ايجادات سان گڏ انهن لاءِ نوان لفظ گهڙي سگهي يا ٻين ٻولين مان حاصل ڪري پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي سگهه رکندي هجي.
Û منجهس اهڙي صلاحيت هجي جو انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪري سگهجي.
Û گرامر مطابق هجي.
Û علم بديع و بيان ۽ علم معاني جي خزاني سان مالا مال هجي.
Û منجهس اصطلاح ۽ محاورا، تشبيهون ۽ ڪنايا، مثال ۽ پهاڪا ملڪ جي رسم و رواج ۽ ماڻهن جي سڀاءَ ۽ طبيعت مطابق جڙيل هجن.

سنڌي زبان کي اسان مذڪوره معيارن تي پرکيون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ اهي ڪُلي خوبيون موجود آهن. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جو شمار بنا مبالغي دنيا جي سڌريل ۽ ترقي يافته ٻولين ۾ ڪري سگهجي ٿو.
هن مقالي ۾ فقط سڌريل ٻوليءَ جي هڪ اهم خوبي يعني ٻوليءَ ۾ اصطلاحن جي استعمال جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اصطلاح ۽ محاورا سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ جي جان هوندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي اها انفراديت آهي جو اها اصطلاحن جي خزاني سان مالامال آهي. منهنجي خيال ۾ دنيا جي ٻي ڪنهن به سڌريل ٻوليءَ ۾ اهڙا ۽ ايترا با معنى ۽ خوبصورت اصطلاح شايد ئي هجن، جيترا سنڌي ٻولي زبان ۾ موجود آهن.
سنڌي زبان جي اصطلاحن جي انفراديت ۽ معنويت کي هڪ ئي مقالي ۾ سموهڻ ۽ سهيڙڻ سولو نه آهي. تنهنڪري هن مقالي ۾ آئون فقط انهن اصطلاحن تي اڪتفا ڪندس، جيڪي انساني جسم جي عضون سان تعلق رکن ٿا ۽ نهايت خوبصورت ۽ با معنى آهن. جيئن ته اهڙن اصطلاحن جو تعداد وڏو آهي، تنهنڪري هتي فقط انهن اصطلاحن جو وچور پيش ڪجي ٿو. مقالي ۾ ندرت اها آهي جو مون اهڙن اصطلاحن کي مٿي جي وارن کان ويندي پيرن جي کُڙين تائين ترتيب سان رکيو آهي. ٻين لفظن ۾ ته اهي اصطلاح سَر تا پا آهن.
    ž وار    

وار جو به نالو نه وٺڻ.        : ڪجهه به نه چوڻ.
وار وار بچڻ.           : صفا سلامت رهڻ، ذرو به نقصان نه ٿيڻ.
وار پوڻ        .                   : چير ٿيڻ.
وار جي کل لاهڻ.     : ذرو پرزو جاچي ڏسڻ.
وار سان ٻڌل هئڻ.    : تابعدار/ فرمانبردار هئڻ.
وار ڪترڻ سان
مُردو هلڪو نه ٿيڻ.  : ٿوري خرچ سان خزانو نه کُٽڻ.
وار کڙا ٿي وڃڻ .     : خوف طاري ٿيڻ / جوش اچي وڃڻ.
وار وڇائڻ.              : مِٽي مائٽي ڪرڻ/ نياڻيءَ جو سنڱ ڏيڻ.
وار ونگو نه ٿيڻ               : ڪو به جوکو نه پهچڻ.

    ž مٿـو                                   
مٿا مونا هڻڻ.           : ڪوشش ڪرڻ / تڪليف وٺڻ.
مٿو تپڻ.                 : مجبور ٿيڻ/ ڏکيائي ۾ مبتلا ٿيڻ.
مٿو ٽيڪڻ.              : ڏَنُ ڏيڻ / پيش پوڻ.
مٿو کائڻ.               : گوڙ ڪرڻ / بڪواس ڪرڻ.
مٿو ڪوڙڻ.             : ٺڳڻ / ڦُرڻ.
مٿو مارڻ / کپائڻ.    : سمجهائڻ / نصيحت ڪرڻ.
مٿا ڪٽ ڪرڻ.                  : وڏي محنت ڪرڻ/ جفاڪشي ڪرڻ.
مٿو هڻڻ.                 : بار بار سمجائڻ.
مٿي تي چاڙهڻ.                 : مَنُ وڌائڻ / گهڻو پيار ڪرڻ.
مٿي تي چڙهڻ.                  : گستاخي ڪرڻ.
مٿي تان بار لاهڻ.     : قرض ادا ڪرڻ / فرض ادا ڪرڻ.
مٿي تي کڻڻ.           : پنهنجي ذمي ڪرڻ.
مٿي تي هٿ ڦيرڻ.    : چَٽَ ڏيڻ / دلاسو ڏئي ڪم وٺڻ.
مٿي تي هٿ هئڻ.     : سنڀال ڪرڻ/ رعايت ڏيڻ.
مٿي تي ڇانون ڪرڻ.          : پناهه ڳولهڻ/ اجهو حاصل ڪرڻ.
مٿي کان پاڻي
چڙهي وڃڻ.             : حد کان وڌيڪ ڳالهه ٽپي وڃڻ.
مٿي کان پيرن تائين
باهه لڳڻ.              : سخت عضي ۾ اچڻ.
مٿي سان ڪفن ٻڌڻ.  : موت لاءِ تيار ٿي جهاد ۾ گهرڻ.
مٿي کنهڻ جي
واندڪائي نه هئڻ.    : تمام گهڻو مشغول رهڻ.
مٿي ميڙ ڪرڻ.                  : لائون ڏيارڻ.
مٿي جا وار هئڻ.      : بيشمار هئڻ / گهڻي انداز ۾ هئڻ.
مٿي هيٺيان وهاڻو ڏيڻ.      : بي فڪر ٿي ويهڻ.

      ž مغز

مغز کائڻ / ڪَچو ڪرڻ.       : تنگ ڪرڻ / بڪواس ڪرڻ.
مغز ۾ واءُ هئڻ.                 : مغرور ٿيڻ.
مغز جاءِ نه هئڻ.                  : چريو / بيوقوف هئڻ.
مغز ۾ واٽون ڪرڻ.  : تمام گھڻو پريشان ڪرڻ.

                                ž دماغ

دماغ رکڻ.               : وڏائي/ غرور ڪرڻ /وڏي قابليت رکڻ.
دماغ چَٽي وڃڻ.                 : مٿو کائي وڃڻ/ گهڻو تنگ ڪرڻ.
دماغ خراب ٿيڻ.                 : مستي ٿيڻ / چريو ٿي پوڻ.

  ž ڪـنــڌ                          

ڪنڌ تي ڪاتي اچڻ.  : لاچار / مجبور ٿيڻ.
ڪنڌ ڪڍائڻ.            : نٽائڻ / گُسائڻ.
ڪنڌکڻڻ.                 : مانَ وارو ٿيڻ / سَنمُک ٿيڻ.
ڪنڌ کڻي نه سگهڻ.  : شرمندو ٿيڻ.
ڪنڌ لهي پوڻ / وڃڻ.          : قتل ٿيڻ / ڪجھ به ٿي پوڻ.
ڪنڌ مٿي ڪرڻ.                : عزت وڌائڻ.
ڪنڌ ۾ ڪِلي هئڻ.    : مغرور هئڻ.
ڪنڌ هيٺ ڪرڻ.       : لڄ ڪرڻ / ڏوهه باسڻ.
ڪنڌ ڀرِ ڪِرڻ.           : وڏو ڌڪ رسڻ/ نقصان هيٺ اچڻ.
ڪنڌ وٺڻ.                : گهڻي تڪليف ۾ مبتلا ٿيڻ.
ڪنڌ ڪپائڻ.          : قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ.

ž ڪياڙي

ڪياڙي کنهڻ.           : لڄي / شرمندو ٿيڻ.
ڪياڙي ڦيرائي ڇڏڻ. : چڱي چپيٽ ڪڍڻ.

ž گَردن

گردن  تي چڙهي ويهڻ.        : گهڻو سوڙهو پوڻ / جند نه ڇٽڻ.
گردن ڪَڇِڻ / مروڙڻ.          : قتل ڪرڻ.
گردن ڦاسائڻ.           : ذميواري کڻڻ / پاڻ کي ٻڌل رکڻ.
گردن ڦيرڻ.              : نافرماني ڪرڻ / حڪم نه مڃڻ.
گردن جهڪائڻ.                   : عاجزي ڏيکارڻ / تسليم ڪرڻ.

ž ڳچي     

ڳچيءَ پوڻ.              : وچڙي وڃڻ / ڦاسائي وجھڻ.
ڳچيءَ کان وٺڻ           : جوابدار رهڻ/ پڪڙڻ/ روزيءَ ڦاسائڻ.
ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهڻ.          : نئڙت ڪرڻ/ عاجزي ڪرڻ.

ž ڳل/ ڳَلو

ڳل تان ڳوڙهو نه سُڪڻ.      : رات ڏينهن روئندو رهڻ.
ڳل پوڻ.                  : زوريءَ شامل ٿيڻ /
  اُنڊ وٺي جھيڙو اٽڪائڻ.
ڳلي لڳڻ / لڳائڻ      : ملڻ / همدردي جو اظهار ڪرڻ.

   ž ڳاٽو
ڳاٽو.                      : گرفت مضبوط ڪرڻ/ هٿيڪو ڪرڻ.
ڳاٽي ڀڳو خرچ ڪرڻ.         : فضول خرچي ڪرڻ.
ڳاٽو ڀڄڻ.               : وڏو بار مٿان پئجي وڃڻ.

  ž ڪَنُ

ڪن ٻوساٽڻ / لڪائڻ.         : ٻڌو اڻ ٻڌو ڪرڻ / ماٺ ۾ گذارڻ.
ڪنَ ڀرڻ.                : چغلي ڪرڻ.
ڪَنَ تي پوڻ.           : معلوم ٿيڻ يا ٻُڌڻ.
ڪَنَ پڪڙڻ.             : پڇتائڻ / توبهه ڪرڻ.
ڪنن جو ڪچو هئڻ. : ٻُڌي ڳالهه تي جلد ويساهه ڪري ويهڻ.
ڪن جون ڳالهيون ڪرڻ. : ڳجيهون ڳالهيون ڪرڻ/ چغلي ڪرڻ.
ڪَنَ ڪيٽا ڪرڻ.       : هوشياري وٺڻ.
ڪَنَ ڇڏائڻ.              : بار کان آجو ٿيڻ.
ڪَنُ ڏيڻ.                : غور سان ٻڌڻ.
ڪن ڪترڻ.             : ٺڳڻ، جُٺ ڪرڻ.
ڪَنُ هئڻ.                : سنڀالي هلڻ / برابري ڪرڻ.
ڪَنَ کائڻ.               : گهڻو ڳالهائڻ.
ڪَنَ کڙاڪرڻ.          : تياري ڪرڻ.
ڪَنَ کولڻ.              : خبردار ڪرڻ.
ڪَنَ ۾ ٽٻي ڏيارڻ.   : تمام جلدي ڪري وٺڻ.
ڪَنَ ڦوڪَ ڏيڻ.                  : اڳواٽ خبردار ڪرڻ.
ڪَنن ۾ ڪپهه وجهڻ. : ڌيان نه ڏيڻ / نه ٻڌڻ.
ڪَنَ سيءُ ٿيڻ.                   : خدشو ٿي بيهڻ.

ž پنبڻيون

پنبڻين سان ٻهارڻ.    : خلوص سان خدمت ڪرڻ.
پنبڻين سان لوڻ کڻائڻ.       : ڏاڍو ڏکيو ڪم ڪرائڻ.
پنبڻين جي پاڇي ۾ هجڻ.         : تمام قريب رهڻ.
پنبڻيون نه پُسڻ.                : رحم نه اچڻ.

ž اکيون                    

اکين اڳيان اونداهي اچڻ     : مٿو ڦرڻ / سخت صدمو پهچڻ.
اکين اڳيان ڦرڻ.                 : خيال يا تصور ۾ نظر اچڻ.
اکين تي پٽي ٻڌڻ     : فريب ڪرڻ / ڌوڪو ڏيڻ.
اکين تي پردا چڙهڻ. : حياءُ شرم ڇڏي وڃڻ.
اکين تي پنبڻين جو
بار نه ٿيڻ.               : محبوب جي ڪا ڳالهه ڳري نه لڳڻ.
اکين تي چرٻي چڙهڻ.         : بي حيا / بي مروت ٿيڻ.
اکين تي رات ڪاٽڻ. : ساري رات اوجاڳو ڪرڻ.
اکين تي رکڻ.                   : دل جان سان قبول ڪرڻ.
اکين تي کوپا چڙهي وڃڻ.    : چڱيءَ مٺي جي خبر نه پوڻ.
اکين تي ويهارڻ.      : سچائيءَ سان آڌرڀاءُ ڪرڻ.
اکين تي هٿ ڏيڻ.    : ٺڳي ڪرڻ / ڦُرڻ
اکين جو ٺار/ نور هئڻ.       : سڪيلڌو پٽ هئڻ.
اکين جا تارا ڦري وڃڻ.       : دم نڪرڻ کي ويجهو اچڻ.
اکين جو ڍوء هئڻ.    : اجايو حرص ڪرڻ.
اکين جو سُرمو چورائڻ.      : نهايت چالاڪي کان ڪم وٺڻ.
اکين جي ديد وڃائڻ. : لحاظ/ مروت ڇڏي ڏيڻ.
اکين کان سڄو ٿيڻ.  : انڌو ٿي پوڻ / ڏسي نه سگهڻ.
اکين ۾ تُرڻ.           : نه وڻڻ / ناپسند هئڻ.
اکين ۾ جاءِ ڏيڻ      .         : سڪ سان آجيان ڪرڻ.
اکين ۾ سرمو وجهڻ.          : فريب ڏيڻ / ٺڳي ڪرڻ.
اکين ۾ ڪنڊ هئڻ.    : ويري يا دشمن هئڻ.
اکين ۾ گَهُر ڪرڻ.   : گهڻي محبت ٿي وڃڻ.
اکين ۾ هئڻ.           : ياد گيري، خيال ۾ هئڻ.
اکين وارو ٿيڻ.                 : شناس ڌارڻ.
اکيون ٻوٽڻ.            : بيحائي جي هلت هلڻ.
اکيون ٻوٽي ڪم ڪرڻ.       : بيپرواهي سان ڪم ڪرڻ.
اکيون ٻوٽي هليو وڃڻ.       : رستو سلامتي وارو هئڻ.
اکيون پٽڻ.              : خبردار / هوشيار ٿيڻ.
اکيون ٺپرائڻ.                   : سڃاڻڻ جي قوت پيدا ڪرڻ.
اکيون ٺري پوڻ.                : ڏاڍو خوش ٿيڻ.
اکيون ڦاٽي وڃڻ.      : حيران ٿي وڃڻ.
اکيون ٽمڪائڻ.                 : تڪيندو رهڻ / افسوس ڪرڻ.
اکيون پائڻ / پائي ويهڻ.     : اميد آسرو رکڻ / تاڙي ويهڻ.
اکيون ڦوٽارڻ.                   : ڪاوڙ ڪرڻ.
اکيون جاءِ ڪرڻ      .         : ڏسي وائسي هلڻ.
اکيون ڏرا ڏئي وڃڻ. : هيڻو / ڪمزور ٿي وڃڻ.
اکيون رت ڇڏڻ.                 : سخت غيرت اچڻ.
اکيون زمين ۾ کُپي وڃڻ.    : تمام گهڻو شرمسار ٿيڻ.
اکيون سبڻ.             : فريب ڪرڻ / اکين اڳيان ٺڳي وڃڻ.
اکيون سيڪڻ.                   : ديدار ڪرڻ.
اکيون ڪڍڻ.            : ٻئي کي فائدو نه ڏيڻ.
اکيون لال ڪرڻ.       : ڪاوڙ ڏيکارڻ.
اکيون لڳي چار ٿيڻ. : هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيڻ.
اکيون کلي وڃڻ.      : غفلت جو پردو لهي وڃڻ.
اکيون کڻي نه سگهڻ.          : ڏاڍو شرمسار ٿيڻ.
اکيون ويهجي وڃڻ.  : نظر گهٽجي وڃڻ.
اکيون وجهڻ.           : تاڙڻ / تاڙي ويهڻ.
اکيون هيٺ ڪرڻ.     : شرمائڻ / لڄ ڪرڻ.
اکيون هيٺ ڪري هلڻ.        : نئڙت سان هلڻ.
اکيون ڏسڻ.             : ڪاوڙ يا غصوڏسڻ.
اکيون ڏيکارڻ.                  : مهميز ڪڍڻ / ڌمڪي ڏيڻ.
اکيون وٺي ويهڻ.     : نظر بنهه نه پوڻ.
اک بُري ڪرڻ.                   : بُڇڙي ارادي سان ڏسڻ.
اک ٻوٽ کيڏڻ.                  : لڪي ڇُپي ڪنهن لاءِ شرارت ڪرڻ.
اک ٻوٽڻ.                : بيحيائي ڪرڻ / گذاري وڃڻ.
اک ڀڃڻ.                 : اشارو ڪرڻ / محبت جو اظهار ڪرڻ.
اک ٽيٽ ڪرڻ.                   : اڻ لَکونهارڻ.
اک پئجي وڃڻ.                  : اوچتو ڏسي وٺڻ.
اک ڦَرَڻ.                  : اک جو ڦرڪڻ.
اک پٽڻ        .                  : هوشيار ٿيڻ.
اک ڇنڀ ۾ ڪرڻ.     : فوري طور ڪري ڏيکارڻ.
اک ڏيکارڻ.             : ڇَنڊَ ڪڍڻ / ڌمڪي ڏيڻ.
اک ڪڍڻ.                : سج جو اُڀرڻ / طلوع ٿيڻ.
اک ڪڍي وٺڻ.                   : ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ.
اک کي ڇوڏو ٻڌڻ.    : اميد نه ڪرڻ / ڀرسو نه ڪرڻ.
اک کُلڻ       .                   : هوش ۾ اچڻ / حقيقت معلوم ٿيڻ.
اک کولڻ.                : خبردار ٿيڻ / هوشياري وٺڻ.
اک لڳڻ.                 : ننڊ جو جهوٽو اچڻ.
اک کڻڻ.                 : نهارڻ / منهن مٿي جهلڻ.
اک مٽائڻ.               : رُکي نموني پيش اچڻ.
اک لڄائڻ.               : شرم کان ڪنڌ نوائي ڇڏڻ.
اک وٺي وڃڻ.          : چوريءَ کسڪي وڃڻ.
اک هڻڻ / هڻي ڇڏڻ.  : ڳجهيءَ طرح همٿائڻ/ اشارو ڪري ڇڏڻ.

 ž تارا

تارا  ڏيکارڻ.           : ڊيڄارڻ.
تارا ڦوٽارڻ.             : ڪاوڙ سان ڏسڻ.
تارا ساوا ٿيڻ.                    : حيران ٿي وڃڻ.
تارا ڪڍي ڇڏڻ.                  : سخت سزا ڏيڻ.

ž نَــــڪُ                                   

نڪ ٻوڙڻ.               : لڄ ڇڏڻ / بيحياءُ ٿيڻ.
نڪ تائين ڀرجڻ.                : تمام گهڻو کائڻ.
نڪ تي مک ويهڻ نه ڏيڻ.      : ذرو به احسان نه کڻڻ.
نڪُ ٽوپڻ.               : ڇوڪريءَ جي مڱڻي جي رسم ادا ڪرڻ.
نڪ رڳڙڻ.               : خوشامد ڪرڻ / توبهه تائب ٿيڻ.
نڪ کي مَرُ لائڻ.       : پاڻ کي لڄائڻ / گلارو ڪرڻ.
نڪ کڻي ڳالهائڻ.     : حياء شرم سان ڳالهائڻ.
نڪ ۾ دم ڪرڻ.      : ڏاڍو تنگ ڪرڻ.
نڪ ۾ نوڙي هئڻ.    : احسان جو بار هئڻ.
نڪ نوڙي وجهڻ.      : مجبور ڪرڻ/ وس ۾ آڻڻ.
نڪ وڍڻ.                 : شرمائڻ/ گهٽ وڌ ڳالهائڻ.
نڪ مٿي ڪرڻ.                 : عزت ۽ مانُ بخشڻ.
نڪ وارو هئڻ.                   : عزت ۽ شان وارو هئڻ.
نڪُ هئڻ.                 : مکيه/ ڪارائتو هئڻ/ لڄ شرم هئڻ.

    ž ناس

ناس پِتو هئڻ.          : شرم / لڄ هئڻ.
ناس پِتو ٻوڙڻ.                  : شرم حياء وڃائڻ.
ناسون هڻڻ.             : بي مقصد ڀٽڪندو رهڻ/
  نوس نوس ڪرڻ.

   ž چَپَ

چَپَ چورڻ.              : ڳالهائڻ / گفتگو ڪرڻ.
چَپَ چَٽِڻ.                 : افسوس / ارمان ڪرڻ.
چَپَ ڪڍڻ.               : روئڻ جهڙي شڪل بڻائڻ.
          چَپَ ڀيڪوڙڻ.          : عضي جو اظهار ڪرڻ /
  شديد تڪليف ٿيڻ.

  ž وات

وات ٻَڌڻ / ٻڌي ويهڻ.         : چپ ڪري ويهڻ.
وات تي آڻڻ.            : ياد ڏيارڻ / جتائڻ.
وات ٽُڪاڻي ڪرڻ.    : مٿاڇري صلاح ڪرڻ.
وات پاڻي پاڻي ٿيڻ.  : هِرکي پوڻ.
وات ڦاڙي ويهڻ      .         : گهڻي لالچ ڪرڻ.
وات ڀري کَنڊُ کائڻ.  : گندو گفتگو ڪرڻ/
  نالا وٺي گهٽ وڌ ڳالهائڻ.
وات خرچ ٿيڻ.                   : زباني چوڻ تي ڪم ڪرڻ.
وات رادو هئڻ.                   : گهڻ ڳالهائو هئڻ.
وات رکڻ.               : پرهيز ڪرڻ / رک ڪرڻ.
وات سبڻ.                : خاموش رهڻ.
وات ڪرڻ.               : ڏاڍيان ڳالهائڻ / گوڙ ڪرڻ.
وات ڪِنو ڪرڻ.                 : گاريون گند ڪڍڻ.
وات کائڻ اک لڄائڻ. : احسان ڪرڻ واري آڏو لڄي ٿيڻ.
وات کولڻ.              : ڳالهائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ
وات کي
ڪَنڊو ڪُرڙو نه هئڻ : ڳالهه چوڻ ۾ زبان کي تڪليف نه ٿيڻ.
وات کي لغام ڏيڻ.   : خاموشي اختيار ڪرڻ/
  سنڀالي ڳالهائڻ لاءِ چوڻ.
وات ڳاڙهو هئڻ      .         : ناتجربيڪار هئڻ/
  ننڍو بي سمجهه هجڻ
وات مان کير جي بُوءِ اچڻ.    : انتهائي ناتجربيڪار هجڻ.
وات مان گُلَ ڪِرڻ.   : سهڻا گفتا ڪرڻ / ٽوڪ ڪرڻ.
وات مٺو ڪرائڻ.      : رشوت ڏيڻ/
  خوشي حاصل ٿيڻ تي ڪجهه کارائڻ.
وات ۾ مڱ وجهڻ.   : چئي نه سگهڻ/ سچ نه چوڻ.
وات ننڍو ڳالهه وڏي ڪرڻ.   : وڌائي ڳالهه ڪرڻ/ ٻٽاڪ هڻڻ.
وات وجهڻ.              : چکڻ.
وات وڪيل هئڻ.      : پنهنجو فيصلو
  پاڻ ڪري سگهڻ جي صلاحيت. هجڻ.
وات وِٽارڻ.             : پرهيز نه ڪرڻ.
وات سنگهڻ.            : ٻي جو راز معلوم ڪرڻ جي
  ڪوشش ڪرڻ.
وات هڻڻ.                : گهٽ وڌ ڳالهائڻ / بڪواس ڪرڻ.

 ž واڇ

واڇ ٽڙي وڃڻ / گودو ٿيڻ.    : وائڙو ٿي وڃڻ.
واڇون چيڀري ڇڏڻ.   : سخت ڌمڪي ڏيڻ.

ž زبان

زبان تي مهر هئڻ.    : احسان ڪرڻ يا ڌمڪي ڏيڻ سان
  زبان کي بند ڪرائڻ.
زبان تي آڻڻ.           : عام تذڪرو ڪرڻ.
زبان ڦيرڻ.              : وعده خلافي ڪرڻ.
زبان جو مٺو هئڻ.    : مروت ۽ لحاظ سان ڳالهائڻ
زبان چورڻ.             : بيان ڏيڻ / ڳالهائڻ.
زبان خِلق نقاره خدا هئڻ.     : جيڪي عام طرح ماڻهن جي
  زبان تي هجي اهو ٿي پوڻ.
زبان ڏيڻ / ڪرڻ.      : واعدو ڪرڻ.
زبان قابو ۾ رکڻ.    : سوچي سمجهي ڳالهائڻ.
زبان ڪڍي / ڪٽي ڇڏڻ.      : سخت سزا ڏيڻ
زبان مان ڪڍڻ.                  : رڳو حڪم جي دير هئڻ.
زبان نه گَسڻ.           : ڪا به تڪليف نه ٿيڻ.
زبان درازي ڪرڻ.    : بدتميزي واري گفتگو ڪرڻ.
زبان تي مهر هئڻ.    : ڊپَ/ مجبوريءَ وچان سچ نه چئي سگهڻ.
زبان جو پڪو هئڻ.   : وعده وفائي ڪرڻ.

   ž ڏند     

ڏند ڀڃڻ.                 : سيکت ڏيڻ.
ڏندن جي وچ ۾
زبان وانگر هئڻ      .         : دشمنن جي وچ ۾ سلامت رهڻ.
ڏند چپن سان لڳڻ.    : حيرت ۾پوڻ/ عجب کائڻ.
ڏند ڏسڻ.                : عمر جاچڻ.
ڏند ڏيڻ.                           : جهيڙو ڪرڻ / اٽڪاءُ ٿيڻ،
ڏند ڪڍڻ.                : ڦڪو کلڻ/ ڦڪو ٿيڻ/ لڄي ٿيڻ.
ڏند ڪرٽڻ.              : جَڪَ کائڻ/ جوش ۾ اچڻ.
ڏند آڱريون اچڻ.                : حيرت ۾ پئجي وڃڻ.
ڏندين ڏاند هجڻ      .         : همت ڀريو هئڻ.
ڏند کوٽڻ لاءِ ڪکُ نه بچڻ.: سڀ ڪجهه تباهه ٿي وڃڻ.

  ž هوڙ

هوڙ کي ئي نه لڳڻ.  : صفاڍءُ نه ٿيڻ.
هوڙ هري پوڻ.                   : عادت پئجي وڃڻ.

ž ڏاٺَ

ڏاٺَ چورڻ.              : حرام کائڻ تي هرڻ.
ڏاٺ گرم ڪرڻ.                 : رشوت کائڻ.
ڏاٺ هرڻ.                : هري پوڻ/ سواد يا لذت اچڻ.
ڏاٺون ڏيڻَ.              : تڪڙو پوڻ/ تکو مٺو ڳالهائڻ.

ž ڪاڪڙو

ڪاڪڙو ڪَرڻ/ هڻڻ.  : وڏي وات ڳالهائڻ.
ڪاڪڙو ڪِرڻ.                   : ڳلي جي تڪليف ٿيڻ.
ڪاڪڙو ڪڍڻ.                   : سزا جي ڌمڪي ڏيڻ.
ڪاڪڙو ڦاٽڻ.                    : وڏيون رڙيون ڪرڻ.

ž مُڇَ

مُڇَ چوپڻ.                : ڪنجوسي ڪرڻ.
مُڇَ ڏيڻ/ مُڇ تي هٿ رکڻ. : انجام ڏيڻ/ واعدو ڪرڻ.
مُڇَ کي وڪڙ ڏيڻ/ مروڙڻ.: آڪڙ ڪرڻ / وڏائي ڏيکارڻ.
مُڇَ سڻڀي ڪرڻ.       : شان مانُ رکڻ/ هيڻو حال لڪائڻ.
مُڇَ مکائي لاءِ نه ڏيڻ.          : بلڪل ٿورو ڏيڻ/ ملڻ.
مُڇون پٽڻ/ پٽائڻ.     : ذليل ۽ خوار ٿيڻ.
مُڇَ مرد جو شان هجڻ.         : مڇ کي مرد لاءِ ضروري سمجهڻ.

ž ڏاڙهي

ڏاڙهي ٻئي جي
هٿ ۾ ڏيڻ.              : پَرَوَسِ رهڻ.
ڏاڙهي پٽي
تِري ڪري ڇڏڻ.        : عزت لاهڻ / بيمانو ڪرڻ.
ڏاڙهي ڏيڻ.             : پڪو انجام ڏيڻ.
ڏاڙهي مڇ ۾
۽ مڇ ڏاڙهيءَ ۾ ڪرڻ       : پَٽي سَٽي پورائو ڪرڻ.
ڏاڙهيءَ ۾ ئي ڪين هئڻ.      : همت نه هئڻ / لياقت نه هجڻ.
ڏاڙهي پَٽَ هئڻ.                 : افراتفري جو ماحول هجڻ.

ž مُنهن

مُنهن ٻَرڻ.               : نور بکڻ / پيشاني چمڪڻ.
مُنهن ڀت سان لڳڻ.   : پڇتائڻ / شرمندو ٿيڻ.
مُنهن ڀَڄَڻ.              : نه وڻڻ/ پسند نه اچڻ.
مُنهن ڀيلو ٿيڻ.                  : شڪي ٿيڻ / شرمندگي ٿيڻ.
مُنهن تڪڻ.             : آسرو رکڻ.
مُنهن پاڻي ورائڻ.     : تندرست ٿيڻ / صحتمند ٿيڻ.
مُنهن تي نه پوڻ.      : شان وٽان نه هئڻ.
مُنهن تي چڙهڻ.          : روبرو ٿيڻ / ملڻ.
مُنهن / مهڙ ٿيڻ.      : ڏوهه بيهڻ / ثابت ٿيڻ.
مُنهن ڌوئڻ.             : ڪو خاص ڪم ڪري ڏيکارڻ.
مُنهن ڦري وڃڻ.                 : شرمندو ٿيڻ.
مُنهن ڏسي مٺائي گهرڻ      : حيثيت جاچي سوال ڪرڻ.
مُنهن ڏيڻ.               : مقابلو ڪرڻ.
مُنهن سبي ڇڏڻ.                 : ڪجهه ڏئي وٺي شڪايت بند ڪرائڻ.
مُنهن ڪارو / اڇو هئڻ.       : ڪا به لياقت نه هجڻ.
مُنهن ڪرڻ.
(جھنگ مُنهن ڪرڻ)  : ڀڄي هليو وڃڻ.
مُنهن ڪڍڻ.             : ڦيرو ڪرڻ.
مُنهن ڪوڙو ڪرڻ.   : ارهائي جو اظهار ڪرڻ.
مُنهن ڪرو ڪرڻ.     : بي حيائي جو ڪم ڪرڻ.
مُنهن ڪوئنر هئڻ.    : نرم دل هجڻ.
مُنهن وٺي وڃڻ.                 : لَڄي ٿيڻ / ڦڪو ٿيڻ.
مُنِهن لائڻ.               : روبرو اچڻ جي اجازت ڏيڻ.
مُنِهن پوڻ.               : پردو / حجاب نه ڪرڻ.
مُنهن لهي وڃڻ.        : شرمندو ٿيڻ/ لَڄي ٿيڻ.
مُنهن مٿي ڪرڻ                : شانُ وڌائڻ.
مُنهن مٿو هڪ ڪري ڇڏڻ.: ماري مُنهن سُڄائي ڇڏڻ.
مُنهن مَٽِڻ / موڙڻ.    : واسطو گهٽائي ڇڏڻ.
مُنهن مَکي گهمڻ.     : اڻهوندکي لڪائي هلڻ.
مُنهن ۾ ٻه اکيون چوڻ.       : ڏوراپو ڏيڻ.
مُنهن ۾ نمڪ هئڻ.   : چهري ۾ رونق هئڻ.

   ž ڳچي

ڳچيءَ پوڻ.              : وچڙي وڃڻ / ڦاسائي وجهڻ.
ڳچيءَ کان وٺڻ.        : ذميوار بڻائڻ / پڪڙڻ.
ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهڻ.          : عاجزي سان هلڻ / نئڙت ڪرڻ.

  ž نِڙي 

نِڙيءَ تي لت ڏيڻ.     : لاچار ڪري ڇڏڻ/ زوريءَ ڪم وٺڻ.
نِڙيءَ مان پاڻي بَکڻ.           : نهايت خوبصورت هئڻ.
نِڙي تي نَنهُن ڏيڻ.    : سخت سزا ڏيڻ/ بيوس بڻائي ڇڏڻ.

 ž ڪُلهو

ڪُلهو ڏِيِڻ.              : ميت جو جنازو کڻڻ
ڪُلها گٺل هئڻ.        : تڪليف تي هريل هئڻ.
ڪُلهي ڪانڌي ٿيڻ.  : مشڪل وقت ۾ ڪم اچڻ.
ڪُلهي جوسي ٿيڻ.    : برابري ڪرڻ.
ڪُلهي گيهه هئڻ.      : تمام گهڻو هجوم هئڻ.
ڪُلهو هڻڻ.              : ڪنهن سان برابري ڪرڻ
  جي ڪوشش ڪرڻ.

 ž ڪَڇَ

ڪڇ  خالي ٿيڻ.                  : گهر واري گذاري وڃڻ / جدا ٿيڻ.
ڪَڇون ٺوڪڻ.                   : خوشيون ڪرڻ.
ڪڇون ڏيکارڻ.                 : مسڪين حال ٿيڻ.

ž ٻانهون   

ٻانهن سيراندي ڪرڻ.         : بي فڪرو ٿي ويهڻ
ٻانهن لوڏڻ.             : نخري سان هلڻ.
ٻانهون ڊگهيون هئڻ. : وڏي پهچ / اثر رسوخ وارو هئڻ.
ٻانهن جو زور لڳائڻ.          : پورو وس هلائڻ / وڏي ڪوشش ڪرڻ.

ž ٺوٺ                                      
ٺوٺ هڻڻ.                : متوجه ڪرڻ.
ٺوٺيون ٺوڪڻ.                   : خوشي جو اظهار ڪرڻ /
  وڏي ڪاميابي تي سرهو ٿيڻ.

 ž هٿ 

هٿِ اچڻ.                 : حاصل ٿيڻ.
هٿُ اٽڪائڻ.            : جهيڙو ڳنڍڻ.
هٿَ ٻڌڻ / جوڙڻ.      : عرض ڪرڻ / ميڙ منٿ ڪرڻ.
هٿَ تُريل هئڻ.                   : صحيح اندازو ڪرڻ.
هٿَ نانگ نچائڻ.      : جوئتو ڪم ڪرڻ.
هٿُ ٽنگڻ.               : پنڻ / محتاج ٿيڻ.
هٿَ ٺارڻ.                : سزا ڏيڻ/ مار ڪڍي دل خوش ڪرڻ.
هٿَ پڄندي هئڻ.       : مدد ڪري سگهڻ.
هٿَ پير چيو ڪرڻ.    : پورهئي جي طاقت هجڻ.
هٿَ پير لهڻ.                      : ويم ڪرڻ / ٻار جو پئدا ٿيڻ.
هٿَ پير نه گسڻ.       : ڪا به تڪليف نه ٿيڻ.
هٿَ پير هلائڻ.                   : پورهيو ڪري روزي ڪمائڻ.
هٿَ پير چمڻ.                     : ادب ڪرڻ / عزت ڏيڻ.
هٿَ ڦاڙ هئڻ.                     : وڏ خرچائو هئڻ/ فضول خرچي ڪرڻ.
هٿَ ڦيرائڻ / ڦيرڻ.    : چَٽَ ٻڌڻ / ٽيڪر ڏيڻ.
هٿَ جَس هئڻ.                    : ڪيل ڪم جو قدر ڪرڻ.
هٿَ جوڙ هئڻ.                    : نيازمنديءَ جو رستو هئڻ/ بيزار هئڻ.
هٿَ جا ليڪا نه ڊهڻ.           : مقدر جو لکيو اٽل هئڻ.
هٿَ جيڏي زبان ڪرڻ.         : تمام گهڻو ڳالهائڻ / زبان درازي ڪرڻ.
هٿَ جي ڪنگڻ کي
آرسيءَ جي ضرورت نه هئڻ.       : پڌري ڳالهه جي
  بيان ڪرڻ جي ضرورت نه هئڻ.
هٿَ جي هڻڻ.                     : دل مان ڪوڙي ڳالهه ٺاهي ٻڌائڻ.
هٿُ جهلڻ.               : باز اچڻ / بس ڪرڻ.
هٿَ جي صفائي ڪرڻ.         : چوري ڪرڻ.
هٿِ چڙهڻ / چڙهي وڃڻ. : ملي وڃڻ / اوچتو قبضي ۾ اچڻ.
هٿَ چراند ڪرڻ.       : چوري ڪرڻ / کوئنس ڪرڻ.
هٿَ چيو ڪرڻ.         : پُڄندي هئڻ / اثر رسوخ هئڻ.
هٿَ ڌوئڻ /  ڌوئي ويهڻ. : نراس ٿيڻ / نااميد ٿيڻ
هٿَ ڌوئي پٺيان لڳڻ.          : مڪمل تياريءَ سان مخالفت ڪرڻ.
هٿَ ڌوئارڻ.             : خدمت ڪرڻ.
هٿَ ڏيڻ.                 : مدد ڪرڻ/ ٽيڪ ڏيڻ.
هٿَ ڏي ڏسڻ.                     : محتاج ٿيڻ / ٻئي ڏانهن مدد لاءِ نهارڻ.
هٿُ ڏسڻ.                : نبض جاچڻ / قسمت جي اڳڪٿي ڪرڻ.
هٿُ ڏيکارڻ.             : نبض ڏيکارڻ / اڳڪٿي ڪرڻ.
هٿَ ڊگها هئڻ.                    : وڏي پهچ / اثر رسوخ هئڻ.
هٿُ ڊگهو ڪرڻ.                 : وڏن سان سامهون ٿيڻ.
هٿُ ڊگھيرڻ.            : مدد گھُرڻ.
هٿَ ڍرا ڪرڻ.                    : همت هارڻ.
هٿُ رکڻ.                 : پنهنجو ڪرڻ / مدد ڪرڻ.
هٿُ رکڻ نه ڏيڻ.       : تيز پر هئڻ / اجازت نه ڏيڻ.
هٿَ سونا هئڻ.                   : وڏو ڪاريگر / هنرمند هئڻ.
هٿُ سنئون هئڻ.       : بي ادبي ڪرڻ / سامهون ٿيڻ.
هٿُ گرم ڪرڻ.         : رشوت ڏيڻ / وٺڻ.
هٿُ ڪڍڻ/ ڪڍي وڃڻ.         : لاڳاپو ٽوڙي ڇڏڻ.
هٿِ ڪرڻ.                : حاصل ڪرڻ / پڪڙڻ.
هٿُ وڍي ڏيڻ / مُڇي ڏيڻ      : لکي پڙهي ڏيڻ.
هٿَ کَسَ هئڻ.                    : ڦرلٽ يا زوري ڪرڻ.
هَٿُ کڻڻ.                 : واسطا ٽوڙڻ.
هَٿَ کڻڻ.                 : دعا گهرڻ/ جهمر هڻڻ.
هٿُ ڳنڍڻ.                : وڙهڻ/ جهڙو ڪرڻ.
هٿُ لائڻ.                 : گستاخي ڪرڻ/ مارَ ڪُٽ ڪرڻ.
هَٿَ لڳڻ.                 : چپيٽ اچڻ.
هٿُ مُنجهڻ.             : محتاج ٿيڻ / پئسو نه هئڻ.
هٿَ مهٽڻ/ مَلڻ.                  : افسوس ڪرڻ/ پڇتائڻ.
هٿَ ۾ هئڻ.             : اختيار ۾ هئڻ.
هٿَ ۾ ڏوئي هئڻ.     : ورهائڻ جو اختيار هئڻ.
هٿَ ۾ روٽي
مٿي ۾ سوٽي ڏيڻ.  : ٿورو ڪري هرهر جتائيندو رهڻ.
هٿَ ۾ قرآن
ڪڇ ۾ ڇري هئڻ      : لڪل دشمني ڪرڻ.
هٿَ نصيب ٿيڻ.        : واهر ٿيڻ.
هٿڙي هڻڻ.              : چوري ڪرڻ.
هٿن تي پِرتا ڪرڻ.  : اتي جو اتي ڪري ڏيکارڻ.
هٿن جا ليڪا ڊهڻ.    : ويجهي مائٽي ڇڄي وڃڻ/
  اصل نسل گم ٿيڻ.
هٿن جو ڄاول هئڻ /
هٿن جو ٻار هئڻ.      : عمر ۾ گهڻو ننڍو هئڻ.
هٿن مان نڪري وڃڻ.         : ڏاڍو چڙي وڃڻ/ حاصل نه ٿي سگهڻ.
هٿئون ڏئي دوزخ وهائڻ.       : نيڪي ڪري دشمني پرائڻ.
هيٿن پوڻ.               : غير عورت سان نازيبا
  رويو اختيار ڪرڻ / جهيڙو ڪرڻ.
هٿين خالي هئڻ.       : نادرا / مفلس هئڻ.
هٿُ وجهڻ.                : ڪم شروع ڪرڻ.
هٿَ وجھڻ.                : پرائي عورت سان گستاخي ڪرڻ.
هٿَ هڻڻ.                 : پڇتائڻ.
هٿُ وٺي جهيڙو ڪرڻ.         : زوريءَ وڃي وڙهڻ.
هٿُ هٿَ کي ڏيڻ.      : جنهن کان وٺڻ تنهن کي واپس ڪرڻ.
هٿُ هٿَ کي نه ڏسڻ.           : اونداهي هئڻ.
هٿُ هٿ ۾ ڏيڻ.                 : واعدو ڪرڻ / ملڻ.
هٿُ وڪڻڻ ذات نه وڪڻڻ.     : خدمت ڪرڻ پر ضمير جي
  خلاف ڪو به ڪم نه ڪرڻ.
هٿَ هيٺ اچڻ.                    : قبضي ۾ اچڻ.
هٿان پوڻ.                : پاڻ کان غلطي ٿيڻ.
هٿُ هيئن هئڻ.         : سخي هئڻ/ عام جام خيرات ڪرڻ.
هٿَ جي وڍيءَ جو
نڪو ويڄ نڪو طيب هجڻ. : پنهنجي خطا تي شرمسار ٿيڻ.
هٿَ جي هڻڻ.                     : ڪوڙ ڳالهائڻ/ وڌائي ڳالهه ڪرڻ.
هٿَ هيٺ بيعت ڪرڻ.        : ڪنهن جي مريدي قبول ڪرڻ.

     ž آڱريون

آڱرين تي نچائڻ.      : آسانيءَ سان ڪم وٺڻ/ سڌوڪري ڇڏڻ.
آڱرين جا زور لائي بيهڻ.      : پوري طاقت لڳائڻ
آڱريون ڏندن ۾ اچي وڃڻ. : اجرچ وٺي وڃڻ/ حيرت ۾ پوڻ

     ž آڱوٺو

آڱوٺو ڏيکارڻ/ ڏيڻ.            : انڪار ڪرڻ/ پرواهه نه ڪرڻ.
آڱوٺو ڪڍي ويهڻ.   : نابري وارڻ / جواب ڏيڻ.
آڱوٺو هڻڻ.              : اڻ پڙهيل هجڻ/ جاهل هجڻ.
آڱوٺي کي پرواهه نه هئڻ.  : بي پرواهي ڪرڻ/ ڌيان نه ڏيڻ.

   ž نَنهن

نَنهن تي نچائڻ.                 : مَڄو بڻائڻ/ زير دست ڪرڻ.
نَنهن چوٽيءَ جو
زور لڳائڻ.              : سموري طاقت ڪم آڻڻ.
نَنهن کان ماس
جدا نه ٿيڻ.              : مٽي مائٽيءَ جا ناتا قائم رهڻ.

    ž تِريون

تِرِيءَ تي رکڻ.                   : تيار رکڻ.
تريءَ تي بهشت ڪرڻ.        : ٺهه ڦهه ڪم ٿيڻ.
تِريءَ تيل نه لائڻ.     : نه مڃڻ/ قبول نه ڪرڻ.
تري کُپڻ.                : هارائڻ/ پَٽَ تي ڪرڻ.
تِرين ڀرپوڻ.             : اڻ هوند جي حالت کي پهچڻ.

    ž مُٺ    

مُٺ ڀيڙڻ/ ڀيڪوڙڻ.  : ڪنجوسي ڪرڻ.
مُٺ مُٺ ڪري وٺڻ.   : ڪم کي اڪلائڻ لاءِ ورهائي کڻڻ.
مُٺ وجهڻ.               : پوک پوکڻ/ مال کي چارو ڏيڻ.

    ž ڇاتي  
ڇاتيءَ تي مڱ ڏرڻ.  : روبرو ويهي ساڙڻ/ تڪليف ڏيڻ.
ڇاتيءَ تي هٿ رکي ڏسڻ.      : پنهنجي حالت ڏسي اندازو لڳائڻ.
ڇاتيءَ تي وار ڄمڻ.   : رحمدلي، بهادري
   ۽ مروت جا نشان پيدا ٿيڻ.
ڇاتي ٺرڻ.               : خوشي حاصل ٿيڻ.
ڇاتيءَ تي پٿر رکڻ.   : برداشت ڪرڻ/ تڪليف سهڻ.
ڇاتيءَ وارا ڇيهه اچڻ.          : سخت اذيت ۾ مبتلا ٿيڻ.
ڇاتي وڏي ڪرڻ.      : همٿ ٻڌڻ/بهادر ٿيڻ/سخي سڏجڻ.

 ž سِينو    

سِينو  ساهڻ.          : مقابلو ڪرڻ/سامهون ٿيڻ.
سِيني تي مڱ ڏرڻ.  : ساڙڏيارڻ/دٻاءَ ۾ آڻڻ

 ž چمڙي

چمڙي وڃڻ دمڙي نه وڃڻ.     : انتهائي درجي جو ڪنجوس هجڻ.

 ž هَڏَ / هَڏيون
هڏ ڀڃڻ.                  : پورهئي جي لياقت پيدا ڪرڻ.
هَڏِپوڻ.                    : زوريءَ ڳلَ پوڻ.
هَڏَ ڀڳل هئڻ.                     : محنتي هجڻ.
هڏ جي مار اچڻ.        : مالي نقصان ٿيڻ.
هڏ پيڙڻ/ پيڙجڻ.       : سخت ايذاءُ/ صدمو اچڻ.
هڏ ڪُرڪڻ.              : قياس/ ڪهل اچڻ.
هڏ گَسائڻ.               : پورهيو ڪرڻ / محنت ڪرڻ.
هڏيون وڃڻ.                      : پٽيءَ ناس ٿيڻ.
هڏيون نرم ڪرڻ.     : سخت مار ڏيڻ/ ڳري سزا ڏيڻ.
هڏن جو پڃرو بڻجڻ.           : ڳري ڪنڊا ٿي وڃڻ/ گهڻو ڏٻرو ٿيڻ.

    ž دل

دل ڀرجي اچڻ.                   : ڏاڍو ڏک ٿيڻ/ رئڻ جهڙو ٿيڻ.
دل ڀَڄي پوڻ.                    : بي دليو ٿي پوڻ/ دلچسپي نه وٺڻ.
دل ڀِڄي پوڻ          : ڏاڍو ڏُک رسڻ.
دل ڀڃڻ.                 : بي همت ڪرڻ.
دل تي تري اچڻ.       : ياد پوڻ.
دل ٿي وڃڻ.                      : پيار ٿي وڃڻ.
دل ٽپا ڏيڻ.              : خوشي ٿيڻ.
دل ٺارڻ.                 : راضي ڪرڻ.
دل پلڻ.                   : خيال ئي لاهي ڇڏڻ.
دل جو گهاءُ ڄاڻڻ.     : ڳجهي صدمي کان واقف هئڻ.
دل جو بخار ڪڍڻ.   : بدشد ڳالهائڻ/  گندو ڳالهائڻ.
دل جو قاضي ڪرڻ.            : پاڻ انصاف ڪرڻ.
دل جهلڻ.                : همت ڪرڻ/ بهادري ڏيکارڻ.
دل دٻليءَ ۾ رکڻ.     : تسلي ڪرڻ/ دلجاءِ ڪرڻ.
دل ڏِسڻ.                 : حوصلو يا دل جي ڪشادگي آزمائڻ.
دل ڏيڻ.                  : پيار ڪرڻ/  محبت ڪرڻ.
دل سوڙهي ڪرڻ.     : ڪنجوسائي ڪرڻ.
دل دل سان لڳڻ.       : ياد ڪرڻ.
دل شاهدي ڏيڻ.        : اندر ۾ يقين اچڻ.
دل ڪوسي ٿيڻ.       : رنج رسڻ/ ناراضگيءَ هجڻ.
دل کٽي ٿيڻ / ٿي پوڻ.  : بي دليو ٿي پوڻ/ ڪَڪِ ٿي پوڻ.
دل کليل هئڻ.                    : سخي هئڻ.
دل کولي رکڻ.                   : دل جو احوال ٻڌائڻ.
دل کي دل جي
ڪشش ٿيڻ.             : هڪ ٻئي کي چاهڻ.
دل لڳڻ.                  : پريت پيدا ٿيڻ.
دل لوڏو نه کائڻ.      : ڳڻتي نه ٿيڻ/ نه گهٻرائڻ.
دل ننڍي ٿيڻ.                    : بي همت/ سست ٿيڻ.
دل من پڇڻ.                      : پاڻ سان صلاح ڪرڻ.
دل ۾ ٿيڻ.               : ڏک ٿيڻ.
دل ۾ ڪرڻ.                      : ڪاوڙجڻ/ محسوس ڪرڻ.
دل ۾ چور ويهڻ.      : اندر ۾ بي ايماني پيدا ٿيڻ.
دل جو نه ٻولڻ.                  : ڳالهه اعتبار ۾ ئي نه اچڻ.
دل وٺڻ.                  : همدردي ڪرڻ/ خوش رکڻ.
دل وڌڻ.                  : گستاخي ٿي وڃڻ.
دل وڌائڻ.                : گستاخ ڪرڻ.
دل وٽان هئڻ.                     : دل کي وڻڻ / خواهش موجب هئڻ.
دليون هڻڻ.              : پڪ نه پوڻ/ فيصلو نه ڪري سگهڻ.
دلئون دور ڪرڻ       : وساري ڇڏڻ.

        ž هيانءُ / هنيئون

هنيانءُ ڀرجي اچڻ.     : رئڻ جهڙي حالت ٿيڻ.
هنيانءَ تي هٿ ڦيرڻ.           : پنهنجي حالت ڏسي
  ٻئي جي ڏک جو اندازو لڳائڻ.
هنيانءَ تان بار لهڻ.  : آرام اچڻ/ اڻوڻندڙ ماڻهو
  يا ڪم مان جان آجي ٿيڻ.
هنيانءَ تي ڇنڊو پوڻ.          : دلجاءِ ٿيڻ/ تسلي اچڻ.
هنيانءَ تي لکيل هئڻ.          : پڪي يادگيري هئڻ.
هنيئون ڦسڻ/ ڦسي پوڻ. : روئي ڏيڻ/ دلگير ٿيڻ.
هنيئون ڏاڍو ڪرڻ.   : دل پڪي ڪرڻ / ڏک کي برداشت
  ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻ.
هنيئون لاهڻ / لاهي پوڻ. : بي همت ٿيڻ.

     ž جيرو

جيري خاطر ٻڪر ڪُهڻ.  : ٿوري ضرورت لاءِ وڏو زيان ڪرڻ.
جيرا جلي وڃڻ.        : تمام گهڻو صدمو رسڻ.

   ž آنڊا

آنڊا آخر آنڊا هئڻ.     : پيٽ ڄائي اولاد هر حال ۾ پيار هجڻ.
آنڊا ڪڍي وجهڻ.      : سخت سزا ڏيڻ.
آنڊا گجيون
ڪڍي ٻاهر ڪرڻ.      : راز ۽ عيب ظاهر ڪرڻ.
آنڊا منهن ڏي ورڻ.             : سخت ايذاءُ/ صدمو رسڻ.
آنڊا گِدڙ جي
حوالي ڪرڻ.           : امانت بدديانت ماڻهوءَ
  جي حوالي ڪرڻ.
آنڊن جو
قل هو الله پڙهڻ.      : ڏاڍي بک لڳڻ / بک ۾ پاهه ٿيڻ.
آنڊن ۾ هٿ پوڻ.      : پنهجن جو احساس ٿيڻ/ تڪليف رسڻ.
آنڊي جو وڪڙ لاهڻ.  : بکن کان پوءِ ڍَو ڪري کائڻ.
آنڊي جي ڄَرَ هئڻ.     : اولاد جي وڇوڙي
  يا موت جو صدمو رسڻ.
آنڊين گونڊين گڏجڻ.          : سڱابندي ڪرڻ.

      ž رتُ

رت ٽهڪڻ/ بگڙڻ.    : ڪاوڙ اچڻ.
رت جا دست ٿي پوڻ.          : سخت صدمو پهچڻ.
رت جا ڍُڪ ڀرڻ.       : صدمو برداشت ڪرڻ.
رتو ڇاڻ ڪرڻ.         : خونريزي ڪرڻ.
رت روئڻ.               : ڏاڍو تنگ ٿيڻ/ گهڻي شڪايت ڪرڻ.
رت ست ڏيڻ.                     : سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏڻ.
رت ريلا ڏيڻ.                    : تمام گهڻي خونريزي ٿيڻ.
رت ڪتائي نه چٽڻ.             : گهڻي رت وهي پوڻ.
رت ڪري ڇڏڻ.        : تنگ ڪري ڇڏڻ/ بيزار ڪرڻ.
رت جو دانگيءَ تي ورڻ.   : عزيز يا مائٽ جو قياس پوڻ.
رت ولوڙڻ.             : سخت محنت ڪرڻ.
رت وهائڻ.              : قرباني ڪرڻ/ خيرات ڪرڻ
  / خون خرابو ڪرڻ.

        ž خون 

خون پاڻي هڪ ڪرڻ.          : سخت محنت ۽ مشقت ڪرڻ
خون پيئڻ.               : ڳڻتيءَ ۾ ڳرندو رهڻ/ انتقام وٺڻ.
خون خشڪ ٿيڻ.       : ڊڄي وڃڻ/ دهلجي وڃڻ.
خون جو پياسو هجڻ.           : جانِ جو دشمن بڻجي پوڻ.

        ž پيٽ

پيٽ ڀرجڻ.              : مستي ڪرڻ/ هوند وارو ٿيڻ.
پيٽ تي بيهارڻ.       : رڳو ٽن ويلن مانيءَ تي نوڪر بيهارڻ.
پيٽ تي ڪمائڻ        : فقط مانيءَ عيوض خدمت ڪرڻ.
پيٽ جي لڳڻ.          : بُک جي ڳڻتي ڪرڻ/
  روزگار جو فڪر ٿيڻ.
پيٽ جي مار ڏيڻ.    : ڳجهي سزا ڏيڻ.
پيٽ ڏيکارڻ.                      : ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪرڻ /
  هيڻو حال اورڻ.
پيٽ ڏيڻ.                : دل جي ڳالهه ٻڌائڻ.
پيٽ ڪڍڻ.               : ٿلهو ٿيڻ/ پيٽ نڪري اچڻ/
   راز معلوم ڪرڻ.
پيٽ ڪرڻ.              : پيٽ چيرڻ (پکيءَ جو).
پيٽ تي پٽيون ٻڌڻ.            : بکون ڪڍڻ/ فاقا ڪرڻ.
پيٽ لاهي پوڻ.         : لالچ يا هٻڇ ڪرڻ.
پيٽ لکي ڏيڻ.         : نياڻيءَ جو سڱ اڳواٽ لکي ڏيڻ.
پيٽ ۾ ڏاڙهي هئڻ.            : ننڍي عمر ۾ وڏو عقل هئڻ.
پيٽ ۾ ساهه پوڻ.    : دلجاءِ ٿيڻ/ خوف لهي وڃڻ.
پيٽ وڌڻ / وڌي وڃڻ.         : گهڻو اولاد ٿيڻ.

     ž ڀِڀُ

ڀڀ ڀرڻ.                  : حرام جو پئسو وٺڻ/ حرام کائڻ.
ڀڀ ڦاٽڻ.                 : تمام گهڻو کائڻ.
ڀڀ واءُ ٿيڻ.                      : مغز ۾ مستي ٿيڻ.

    ž ڪَمَر

ڪمر ٻڌڻ.                : همت ڪرڻ.
ڪمر ٽٽي پوڻ.         : جوان اولاد جو صدمو رسڻ.

    ž چيلهه

چيلهه سڌي ڪرڻ.     : ٿورو وقت ليٽي پوڻ.
چيلهه ٽُٽي پوڻ.                  : سخت صدمو رسڻ.

    ž پُٺ/ پُٺي

پٺ ڀرڻ.                  : اولادي ٿيڻ.
پٺ ڀرائي ڪرڻ.       : مدد ڪرڻ/ همٿائڻ/ حمايت ڪرڻ.
پٺ پڌري ٿيڻ.          : پٽ ڄمڻ.
پٺ ورائي ڏسڻ.       : پنهنجا عيب جاچڻ.
پٺا سيڪڻ/ سيڪائڻ.          : ڏاڍي مار ڏيڻ/ ملڻ.
پٺيءَ تي هٿ رکڻ.             : همت ٻڌائڻ/ مدد ڪرڻ/ دلاسو ڏيڻ.
پٺي ٺپڻ.                 : دعا ڪرڻ / همت وڌائڻ.
پٺي ڏيڻ.                 : ڀڄڻ، هار مڃڻ.
پٺيءَ پويان اڇلڻ.      : درگذر ڪرڻ.

  ž گوڏو / گوڏا

گوڏا کوڙڻ/ کوڙائڻ.          : آڻ مڃڻ / مڃائڻ.
گوڏا هميشه
پيٽ ڏي ورڻ.           : پنهنجن کي فائدو پهچائڻ/ پاسداري ڪرڻ.
گوڏن تا گندي کڻڻ.             : حياءُ شرم ڇڏي ڏيڻ/ لڄ لاهي بيهڻ.
گوڏن ۾ منهن وجهڻ.          : سوچ ۾ ويهڻ/ مايوس ٿيڻ.
گوڏي هيٺ ڪرڻ.    : دٻائي رکي ڇڏڻ/ نيڪال نه ڪرڻ.

   ž ڄنگهون

ڄنگهون ڊگهيون ڪرڻ.  : ٿورو آرام ڪرڻ.
ڄنگهون ساهڻ.         : چهل قدمي ڪرڻ.
ڄنگهون هڻڻ.           : رلڻ، گهڻو پنڌ ڪرڻ.

  ž ٽنگ / ٽنگون

ٽنگ ڊگهيرڻ.           : ڪاروبار وڌائي ڇڏڻ.
ٽنگ کڻي بيهڻ.       : حساب پورو نه بيهڻ.
ٽنگ هيٺيان لنگهڻ.            : آڻ مڃڻ / عاجز ٿيڻ.
ٽنگ وڇڙائڻ/ ڦاسائڻ.          : حصو ڳنڍڻ/ ڀائيواري ڪرڻ.
ٽنگون ڀڃڻ.                      : سخت سزا ڏيڻ.
ٽنگون ساهڻ.                     : هوا خوري ڪرڻ.
ٽنگ ٽنگ تي
چاڙهي ويهڻ.           : بي فڪر ٿي ويهڻ.

       ž لَتَ

لت ڳوري ٿيڻ.         : زور بار پوڻ / وڏي سفارش ٿيڻ.
لت هڻڻ / هڻي بيهڻ.           : جواب ڏئي ڇڏڻ/ انڪار ڪرڻ/
  جانور جو کير نه ڏيڻ/ کڻي وڃڻ/

      ž پير

پير اٽڪائڻ/ اڙائڻ.             : شامل ٿيڻ/ دخل اندازي ڏيڻ.
پير به نه ڌوئاري سگهڻ. : مقابلي ۾ تمام گهٽ هئڻ.
پير تپڻ.                  : ترسي نه سگهڻ / آرام نه اچڻ.
پير تِرڪڻ.              : غلطي/ گناهه ٿي پوڻ.
پير تي پورو نه هئڻ.           : غلط راهه اختيار ڪرڻ.
پير تي ڪهاڙو هڻڻ.           : پنهنجو نقصان پاڻ ڪرڻ.
پير تي هلڻ.            : نقل ڪرڻ / پيروي ڪرڻ.
پير پائڻ / وجهڻ.      : همت ڪري هليو اچڻ/ گِهري اچڻ.
پير جهلڻ.                : فضول خرچ نه ڪرڻ/
  تعلقات جَهڪا ڪري ڇڏڻ.
پير ڊگهيرڻ.             : خرچ وڌائي ڇڏڻ.
پير رڪيب ۾ هئڻ.   : سفر اختيار ڪرڻ/ مسافري ڪرڻ.
پير زمين تي نه پوڻ.          : فرصت نه ملڻ / ڀڄ ڊُڪ ۾ هئڻ.
پير سدورا ٿيڻ.                  : مراد پڄڻ/ خوشي حاصل ٿيڻ.
پير قبر ۾ لڙڪائي ويهڻ.      : مرڻ کي ويجهو هئڻ / آخري عمر ٿيڻ.
پير ڪڍڻ / ڪڍي ڇڏڻ.         : ڌوڪو ڏيڻ / جوکو رسائڻ.
پير ڪڍرائڻ.            : گسائڻ/ نٽائڻ/ ڦري وڃڻ.
پير کُپڻ.                 : ٺهي جڙي ويهڻ.
پير کڻڻ.                 : رستو رکڻ / جهمر هڻڻ.
پير کوڙڻ.               : پڪي طرح رهڻ / جاءِ ڪرڻ.
پير گسائڻ.              : هر هر اچڻ.
پير لهڻ.                  : ويم ڪرڻ.
پير مان لاهي
منهن ۾ هڻڻ.                    : پاڻ کي هٿ وٺي گلارو ڪرڻ.
پيرن کي ميندي لائڻ.          : اجايا عذر پيش ڪرڻ.
پيرن ۾ هئڻ.            : ماريل هئڻ/ ماتحت هئڻ.
پيرن ۾ ٻيڙي پوڻ.   : شادي ٿيڻ.
پير هيٺيان ٺڪري ڏيڻ.       : کارڻ / بگاڙڻ.
پيرين ڀاري ٿيڻ.       : پيٽ ٿيڻ.
پير سيرين ٿيڻ.                 : ويم کانپوءِ پنڌ ڪرڻ.
پيرن جي جتي هئڻ.            : عاجز/ نيچ هئڻ.
پير جي جُتي
مُنهن ۾ لڳڻ.                     : زيردست يا گهر جي ننڍي ڀاتيءَ
  جو بيحياءُ ٿي بيهڻ.

       ž قدم

قدم بقدم هلڻ.                  : پوري طرح پيروي ڪرڻ.
قدم چمڻ.                : عاجزي ڏيکارڻ / پيش پوڻ.
قدم کڻڻ.                : رسم رواج رکڻ / واسطو رکڻ.
قدم ڳورو هئڻ.                  : نڀاڳو / بدنصيب هئڻ.
قدم وڌائڻ.              : زياده خرچ ڪرڻ /
  وِت کان وڌيڪ هلڻ.

      ž کُڙي

کُڙي ڪرڻ.               : ڀڄي وڃڻ.
کُڙي تپائڻ.              : ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ جلدي ڪرڻ.
کُڙيون گسائڻ.                   : گهڻا پنڌ ڪرڻ / حاضري ڏيڻ.

          سنڌي ٻوليءَ ۾ مٿين اصطلاحن کان علاوه انساني عضون جي حوالي سان  ٻيا به ڪي اصطلاح موجود آهن، پر هتي پيش ڪيل اصطلاحن منجھان اسان کي اهو اندازو ٿي وڃي ٿو ته سنڌي ٻولي انوکن اصطلاحن جي لحاظ کان ڪيڏي نه اهميت جوڳي آهي ۽ هن مضمون منجھان سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ افاديت جو چڱيءَ پَر اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

No comments:

Post a Comment