Friday, September 27, 2013

سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ منفرد ۽ غير معمولي پهاڪا - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ منفرد ۽ غير معمولي پهاڪا
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
پهاڪا ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ جي سونهن ليکجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن متعلق ڪجھ لکڻ کان اڳ بهتر ٿيندو ته لفظ پهاڪو جي معنى ۽ مفهوم بابت ڪجھ ويچار ونڊجن.
مرليڌر جيٽلي پهاڪي جي لفظي ۽ معنوي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘ ۾ لکي ٿو؛ ”سنڌي ۾ هڪ مصدر آهي ’پهڻ‘. ان جون مکيه معنائون آهن خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، ملڻ، سرچڻ، نبرڻ. لطيف سائين جي سٽ آهي ته ”پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ“.
پهاڪو لفظ جي اکري معنى آهي اهو نُڪتو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اونهو خيال يا ويچار سمايل هجي. عام ماڻهن جي روزاني جيوت ۾ اهو گفتو، صلاح يا هدايت طور ڪتب آندو وڃي ٿو، جن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ تي هلڻ جو اشارو ملي ٿو.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پنهنجي ڪتاب ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ پهاڪي جي لفظي معنى نصيحت آميز چوڻي يا ضرب المثر لکي آهي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ’سنڌي لغات قديمي‘ ۾ پهاڪو لفظ جي معنى واٽ، رستو ۽ پَههُ ڏني آهي. اهڙي ريت مغرب جي ڪن معروف اديبن پهاڪي جو مطلب ۽ مفهوم ڪجھ هن طرح بيان ڪيو آهي.
فرانسز بئڪن چيو؛ ”ڪنهن به قوم جي اعلى درجي جي انوکي سمجھ، چترائي ۽ آتما جي سڃاڻپ انهن جي پهاڪن مان ٿئي ٿي. پهاڪا ٻوليءَ جا اهي هٿيار آهن، جيڪي وهنوار ۽ ڪمن ڪارن جي ڳنڍين کي ڪاٽي اندر گھري ٿا وڃن.“
ڊان ڪئيزاٽ جي لفظن ۾؛ ”پهاڪا اهي ننڍڙا جملا آهن، جيڪي گھڻي آزمودي ۽ تجربي مان نڪتا آهن.“ مشهور ڏاهي ارسطو جو پهاڪي متعلق خيال آهي: ”پهاڪا اهڙا آڳاٽا بچيل جزا آهن، جيڪي پنهنجي ننڍڙي روپ ۽ صحيح معنى سببان قديم فلاسافي جي کنڊر مان، سالم صورت ۾ کوٽي هٿ ڪيا ويا آهن.“
انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا ۾ پهاڪي جي تشريح هن ريت ڪئي وئي آهي؛ ”پهاڪو هڪ اهڙو ننڍڙو گفتو آهي، جيڪو ڳالهه ٻولهه ۾ مروج آهي ۽ عوام ۾ تسليم ٿيل آهي. پهاڪي ۾ گھڻو ڪري ڪا ڳجھي ڀيٽ يا تجنيس حرفي هوندي آهي. منجھس اهڙي ڪنهن سچائيءَ جو اظهار هوندو آهي، جنهن جي تصديق يا پرک، تجربي يا جاچ جوچ وسيلي ڪيل هوندي آهي.“
سنڌي زبان جو شمار دنيا جي مهذب ۽ سڌريل ٻولين ۾ ٿئي ٿو. مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي پهاڪن جي دولت سان مالا مال آهي. هتي سمورا پهاڪا ڏيڻ مقصد ناهي بلڪه هتي فقط ڪجھ اهڙا غير معمولي ۽ منفرد پهاڪا قلم بند ڪيا ويا آهن، جيڪي پنهنجي معنى توڙي مفهوم جي لحاظ کان منفرد ۽ غير معمولي آهن، پر اهي ٻوليءَ ۾ عام طور استعمال نه ٿا ٿين يا تمام گھٽ استعمال ٿين ٿا. مقالي لکڻ جو خاص مقصد اهو آهي سنڌي قلم ڌڻين جو ان طرف ڌيان ڇڪائجي ته اهي پنهنجي تحريرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي انهن منفرد ۽ غير معمولي پهاڪن کي ڪم آڻين ته جيئن ٻولي جي گلستان ۾ انهن گلن جي سڳنڌ کي شامل ڪري کيس وڌيڪ خوبصورت ۽ معياري بڻائي سگھجي.
·     انڌن جي وهانءِ منڊا نچن، ٽُنڊا پائن ڦيريون.
 انڌن جو وهانءُ، مَنڊن جو نچڻ ۽ ٽُنڊن جون ڦيريون پائڻ، اهي سڀ ڳالهيون اڻ ٺهندڙ آهن.
·     اڻائي به وئي، تُڻائي به وئي، وري ڪپهه جي ڪَپهه.
هن پهاڪي جي معنى آهي، پنهنجي غفلت سبب پاڻ کي ئي نقصان ۾ وجھڻ.
هن پهاڪي جو پس منظر هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو: هڪ آفيميءَ کي واٽ ويندي ڪا پنڪي اچي وئي ته رستي جي وَٽِ ۾ ئي ڪنڌ جھڪائي ويهي رهيو. هڪ شرير واٽهڙو سندس مٿي تان پڳڙي لاهي، ڪپهه جي ڪوڻي کڻي رکي، ڪجھ ويرم بعد جڏهن مواليءَ جي پنڪي پوري ٿي ته مٿي تي پڳڙيءَ بدران پوڻي ڏسي حيران ٿي ويو. چيائين: ”مار ڪپهه ڪتجي سُٽ ٿيو ۽ سُٽُ اُڄي ڪپڙو ٿيو. سڀ پورهيو ويو وري ڪپهه جي ڪپهه ٿي پئي.“
·     اڳي به اَنُ هو، پوءِ به ٿيو اَنُ، ڪانو ويو وچئون ئي نڪري.
انسان خاڪ آهي ۽ آخر خاڪ ۾ ويندو. دنيا جا ڌنڌا اتي ئي رهجي ويندا.
ٻج پوکڻ کان اڳ به اَنُ آهي ۽ زمين ۾ پئي پچي، لڻجي، ڳاهجي ۽ وائرجي به اَنُ ئي رهي ٿو، باقي ڪانا توڙي سلا سڀ ختم ٿي وڃن ٿا.
·     اڌارو ڏجي تنهن کي جنهن کان گھرجي نه، اڌارو وٺجي تنهن کان جيڪو گھري نه.
يعني اوڌر اهڙي ڍائي کان وٺجي، جيڪو ڏئي پوءِ مٿو نه پٽي وڃي، پر کيس وقت سر واپس ڪجي. وري اهڙي سُپتي کي ڏجي، جيڪو گھرڻ جي نوبت تائين نه پهچائي.
·     اگھ کَٽيو کائجي، وَٽ کٽيو نه کائجي.
معنى: تور ۾ بي ايماني نه ڪرڻ گھرجي، اگھ جو کٽيو ڪي قدر کائي سگھجي ٿو.
·     اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي!
معنى: ناقابلِ تلافي غلطي جي تلافي ٿي نه ٿي سگھي.
·     توڙي وڃي روم ته ڍوڍي مٿان ٿوم!
معنى جيڪي نصيب ۾ هوندو اهو ئي حاصل ٿيندو ڀل کڻي ڪيترا به جتن ڪجن.
·     تِنهنجي مرڻ جو ارمان ڪجي،
   جنهن جي جيئڻ مان فائدو هجي.
معنى: نيڪيءَ وارا عمل ئي انسان کي فائدو رسائن ٿا. اهو مرڻ کانپوءِ به ياد ٿو اچي.
·     ٿورو ڏسي اَرهو نه ٿجي، گھڻو ڏسي سرهو نه ٿجي.
معنى: هر حال ۾ راضي رهڻ گھرجي.
·     پاڻي پي نه ذات پڇجي.
معنى: هميشه اڳ ويچار ڪرڻ گھرجي. ڪئي کانپوءِ پڇڻ يا پڇتائڻ مان ڇا حاصل؟
·     پَتِ، نَنهن تي پاڻيءَ مثل آهي.
معنى: انسان کي پنهنجو اعتبار برقرار رکڻ گھرجي.
پاڻيءَ جو ڦڙو ننهن تي ٽِڪي نه بيهندو آهي تنهن ڪري پَتِ جو ڪم نازڪ آهي. هڪ ڀيرو اعتبار ڀڳو ته انسان هميشه لاءِ بي پَتيو بڻجي ويندو آهي.
·     پريو مڙس پَي نه ڪجي، وڃائجي نه وهي.
معنى: رشتا هميشه عمر جي تناسب سان سونهندا آهن. پوڙهي مرد کي ننڍي نيٽي زال نه ٿي سونهي.
·     پو ڍائي کان قرض نه کڻجي توڙي لک لُٽائي.
معنى: ڪميني يا نئين ڍاول جو ٿورو هرگز نه کڻجي. ڇو ته اهو ٿورو ڪري مٿو پٽي ويندو.
·     پٽ ٿي گذار ته سگھو ئي پيءُ ٿيندين.
معنى: ننڍن وانگر هيٺاهين، نوڙت ۽ ادب سان گذار ته ترت وڏن وارو مانُ پائيندين.
·     جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهنجو پنڌ به نه پڇجي.
معنى: جنهن ڳالهه سان واسطو نه هجي ان لاءِ اجائي پڇ پڇ نه ڪجي.
·     ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو آهي.
معنى: هميشه سوچي سمجھي زبان جو استعمال ڪجي.
·     درياهه ڀَرِ تي ڇوڪرُ ڪُڏي اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.
معنى: خطري واري جاءِ کان پاڻ بچائڻ گھرجي نه ڪڏهن ضرور نقصان پهچندو.
·     دل ڪاريءَ کان مُنهن ڪارو چڱو آهي.
معنى: دل ۾ کوٽ ۽ ٻيائي رکي ظاهر ۾ پاڻ کي چڱو چوائڻ کان ڪار منهائي چڱي آهي.
·     سِرُ ڏجي پر سُر نه ڏجي.
معنى: ٻي کي پنهنجو راز نه ڏجي جو راز امانت هوندو آهي ان جي ڀيٽ ۾ وڏي کان وڏو نقصان کڻڻ لاءِ تيار رهجي.
·     سڄن پٺيان وڍيا، وڍين پٺيان سڄا.
معنى: ڪڏهن نيڪوڪار ماڻهن جو اولاد به کري پوندو آهي ته ڪڏهن بدڪار ماڻهن جو اولاد سڌريل نڪري پوندو آهي.
·     عقل ريءَ عذاب، گھڻا سهندينءَ جندڙي.
معنى: جيڪو انسان عقل استعمال نه ڪندو ته ان کي هر قدم تي مشڪلاتون درپيش اينديون.
·     قرض ڪوڙهه جو ٽڪو آهي.
معنى: ڪوڙهه هڪڙو بڇڙو مرض آهي جيڪو ماڻهوءَ جي جسم کي داغدار بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ هو عذاب ۾ مبتلا ٿي پوندو آهي. قرض پڻ اهڙو ئي بڇڙو مرض آهي.
·     ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾.
معنى: حالتون هميشه هڪ جھڙيون ڪونه رهنديون آهن. ڪڏهن گھڻو هوندو آهي ته ڪڏهن گهٽ.
·     ڪک هيٺان لک پيو آهي.
معنى: ڪنهن کي ڪمتر يا گھٽ تصور ڪونه ڪيو وڃي ڇالاءِ ته الله تعالى هر انسان کي مختلف گڻن سان نوازيو آهي بقول شاعر:
خالي سکڻا ڪوئي نهين، سڀ ڪي اندر لعل.
·     ڪک جو چور سو لک جو چور.
معنى: جنهن اڄ ڪک جي چوري ڪئي سو سڀاڻي لک جي به ڪري سگھي ٿو، ننڍي چوريءَ مان ئي عادتون خراب ٿينديون آهن ۽ اهو وڏو چور بڻجي ويندو آهي تنهن ڪري چيو ويندو آهي ته چوري ڪک جي به خراب.
·     ڪوسو پاڻي ڪک نه ساڙي.
معنى: پاڻ کي ڪجهه نه سمجھڻ وارا وڏي فائدي ۾ هوندا آهن. هن چوڻيءَ ۾ هيٺاهين سان هلڻ جي تلقين ڪيل آهي.
·     ڪاڏي ڪوري ڪاڏي ترار.
معنى: ڪمزور ۽ امن پسند ماڻهو مهاڏو ڪونه اٽڪائيندو آهي. اسان وٽ ڪن مخصوص ذاتين لاءِ اها چوڻي استعمال ۾ ايندي آهي. اهڙين ذاتين ۾ ڪوري سرِفهرست آهن.
·     کٽيو کاهي مڙس جو، چئي جيئي اَبو.
معنى: بي شڪري ۽ ڪم ظرف ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جنهن جو مثال اهڙي زال سان ڏنو ويو آهي جيڪا کائي پيئي ۽ پهري چوڙي ته مڙس جي ڪمائي مان پر پڏائي ويٺي پيءُ کي. بي شڪر ۽ ڪم ظرف انسان به پنهنجي پالڻهار ڏاتار جا ٿورا مڃڻ بجاءِ پنهنجي ڪئي تي گھمنڊ ڪندو آهي.
·     گنجي جي مٿي ۾ جونءَ نه لِيکَ.
معنى: جن جي مٿان ڪا خاص ذميواري ڪانه هوندي آهي اهي ماڻهو عام طرح بي فڪر هوندا آهن. اهڙي ماڻهوءَ جو مثال اهڙي گنجي سان ڏنو ويو آهي جنهن جي مٿي تي وار نه هئڻ سبب هو جونءَ ليک کان آجو هوندو آهي.
·     گھر ۾ به گھر کائڻو ته ٻاهر به گھر کائڻو.
معنى: انسان جتي به ويندو ته پنهنجو نصيب کائيندو. هتي گھڻي حرص ۽ لالچ کان منع ڪئي وئي آهي. انسان کي اهو ئي ملندو جيڪو سندس مقدر ۾ هوندو.
·     لِکيون لوهارن کي، چڏن ۾ چڻنگون.
معنى: باهه سان واهپو رکبو ته چڻنگون ضرور لڳنديون. يعنى وڏو ڪم هٿ ۾ کڻبو ته ان ۾ مشڪلاتون ته ضرور درپيش اينديون.
·     ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڪو نه ونڊيندي ڀاڳ.
معنى: هن پهاڪي جو ظاهري مطلب آهي ته ماءُ هڪڙي ساڳي ئي پيٽ مان گھڻا پٽڙا ته ڄڻي ٿي پر ڀاڳ هڪ جيترو ورهائي ڪينَ ٿي ڏئي سگھي. يعنى مقدر جو مالڪ ڌڻي تعالى آهي.
·     مُئا پَرُ پِٽجن هيلَ.
معنى: گذريل ڳالهه کي گھڻي وقت تائين ڊيگهه ڏيارڻ. حال ماضيءَ جي مرهم هوندو آهي تنهن ڪري ماضيءَ کي وڏي وقت تائين سارڻ وقت جو زيان آهي. هر دم حال جو فڪر هئڻ گھرجي.
·     نه ڪنهن کي عقل منجھائيو آهي، نه ڪنهن کي سونهن سِڪايو آهي.
معنى: هرڪو انسان پاڻ کي عقلمند ۽ سهڻو سمجھندو آهي. هونئن به ماڻهو گھڻو ڪري خوش فهمين جو شڪار رهندو آهي، جڏهن ته عقل ۽ سونهن جو ڪو اَنت ئي ڪونهي.
·     نه ڪي پاراتن ۾ نه ڪي منجهه دعا، انگ اڳ ئي لکيا پاڙڻ مون پيا.
معنى: جيڪي مقدر ۾ لکيل هوندو سو اَوَس ٿيندو. باقي ڪنهن جي پاراتي يا دعا سان قسمت ڪونه مَٽجي سگھندي. هن پهاڪي سان مان سهمت ڪونه آهيان ڇالاءِ ته بحيثيت مسلمان منهنجو ايمان آهي ته دعائون يا پاراتا انسان جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿيندا آهن. اهلِ دل ۽ اهلِ نظر جي دعا سان انسانن جون تقديرون بدلجي وڃڻ جا مثال اسان جي آڏو آهن. بقول علامه اقبال:
”نگاهِ مردِ مومن سي بدل جاتي هين تقديرين...“
·     ننڍي مري نه مائڙي، ٻڍي مري نه جوءِ.
معنى: ٻار جي ماءُ جيڪڏهن مري ويندي ته هو معصوم ڇورو ڇنو يتيم ٿي ويندو، وري جنهن مڙس جي ٻڍاپي ۾ گھر واري گذاري ويندي ته ان کي به باقي حياتيءَ ۾ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا.
·     واهڻ جو واڻيو، جھڙو ڍوري جو پاتڻي.
معنى: واهڻ ۾ اڳي سيڌي لاءِ واڻي جو هٽُ هوندو هو جيڪو پنهنجي مرضيءَ جا اگھ پارَ وٺي ڳوٺاڻن کي پيو ڦريندو هو. ساڳي طرح ڍوري تي پتڻ ٽپائيندڙ مهاڻو به پنهنجي مرضيءَ جو حساب وٺي پتڻ ٽپائيندو آهي. سو واڻيو ۽ پاتڻي ٻئي هڪ جھڙا ٿيا.
·     ويري هڪڙو به گھڻو، سڄڻ هزار به ٿورا.
معنى جيڪڏهن هڪڙو دشمن هجي ته ان کي ڪمزور نه سمجھڻ گھرجي ڇو ته اهو ڪنهن وقت به ڌڪ رسائي سگھي ٿو. جڏهن ته دوست جيترا به هجن اهي ٿورا. دوست وڌائجن ۽ دشمن کان هر وقت محتاط رهڻ گھرجي.
·     هنجن سان حرص ڪري اڏاڻي چِــڙي، چڻو هوس چهنب ۾ سو به پَيس ڪِري.

معنى: پنهنجي وت ۽ وزن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ سان اَوس پڇتائڻو پوندو. جيئن جھرڪي هنج سان ريسَ ڪئي ته چهنب وارو چڻو به گنوائي ڇڏيائين.

No comments:

Post a Comment