Tuesday, August 25, 2026

ھڪڙي ٽپي سان کوھ ۾ ڪربو آ، سؤ ٽپا ڏبا ته به نڪري ڪو نه سگھبو آ. - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھڪڙي ٽپي سان کوھ ۾ ڪربو آ،

سؤ ٽپا ڏبا ته به نڪري ڪو نه سگھبو آ.

(پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



کوھ اندر ڪِرڻ جي لاءِ، ٽپ ڏيڻ جي به ضرورت ناھي. فقط پاڻُ ڇڏڻ جي دير آھي. ڇو جو ھيٺ وٺي وڃڻ لاءِ، زمين جي ڪشش ثقل ئي ڪافي آ. ڪو زور يا طاقت لڳائڻ جي ضرورت ڪا نه ٿي پوي. ان جي ڀيٽ ۾ ھيٺان کان مٿي وڃڻ لاءِ، ٻن شين جي خلاف زور آزمائي ٿي ڪرڻي پوي. ھڪڙو پنھنجي جان جو وزن، جيڪو ھيٺان کان مٿي پاڻ سان نيڻو آھي. ٻيو ڪشش ثقل جي مخالفت ۾ وڃڻ لاءِ، مقابلي وارو زور لڳائڻو آھي. کوھ جي اونھائي، ٽپي ڏيڻ سان پار پوڻ اوکي ٿيو پوي. ان ڪري کوھ مان نڪرڻ لاءِ سوين ٽپا ڏيڻ به ايترا مددگار نه ٿا ٿين. منجھانئن ڪنھن ھڪ اڌ ۾ ڪاميابي ملي ته واھ، نه ته ٽپا ڏيڻ ئي بيسود ٿي ويندا.


ڪو به ڪم اٻھرو نه ڪجي. ڪري ته وڃبو، بنا سوچ ويچار سان ڪرڻ سبب، کرڻ جا امڪان گهڻا ھوندا آھن. اگر اھڙو ڪم، جنھن لاءِ سوچ ويچار آڳاٽو نه ڪبي آ، جڏھن کرندو آھي ته سوين جتن ڪرڻ سان به نه سڌرندو آ.

مطلب؛

فطرت جي خلاف، ڪيترو به زور آزمائجي، ڪاميابي ورلي ملي ٿي.

No comments:

Post a Comment