Tuesday, August 25, 2026

وڏيرو ويساھي وڙھي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

وڏيرو ويساھي وڙھي.

(ٿر، چوڻي)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ويساھي وڙھڻ؛ ويساھ ويھاري ڌڪ ھڻڻ، بي خبرو ڌڪ ھڻڻ، اڻڄاتي ۾ ڇاپڙ ھڻڻ.

ھر ھڪ وٽ وڙھڻ لاءِ پنھنجو گر، ھٿيار ۽ ڏانءُ آھي. جھڙوڪ؛ دوبدو وڙھڻ وارن ۾ ڏاند، سڱن سان، ھاٿي سونڍ سان، سوئر وڄ سان، ماڇي ڏڦي سان، گڏھ اٽ سان، گھوڙو دو-لتي يا پستيءَ سان وغيرھ وغيرھ. انھن جي اڳواٽ ڄاڻ ھوندي آھي. ان ڪري اھڙو بچاءُ پڻ ڳولي رکبو آھي.


ھڪڙا لڪي يا پر پٺ وڙھندا آھن. آمھون ساموھن وڙھڻ ۾ پنھنجي جان جو خطرو ڄاڻندا آھن. اھا به پياري ھئڻ ڪري، کين بچائڻي ھوندي آھي. انھن کان بچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي جو سندن انت ۽ نيت جي آخر تائين خبر نه پوندي آھي.

وڏيرو پڻ اھڙن وير-وٺن مان آھي جيڪي روبرو نه وڙھندا آھن بلڪ، ميڇ ڏئي، مڇرائي، بڇ ڪري، چرچ سان، چوريون ڪرائي، ڪوڙا ڪيس ڪرائي، پوليس ھٿارون، وڙھندا يا مارائيندا آھن. ان سان پنھنجي جان جي حفاظت اھڙي نموني ڪري ويندا آھن جو آخر تائين وڙھندڙ ٻنھي ڌرين کي خبر نه پوندي آھي ته کين ويڙھايو ڪنھن ۽ ڪھڙي مقصد خاطر. وڏيرو مارائيندو بندوق سان آھي ته نه اھا بندوق سندس ھوندي آھي ۽ نه ڪلھو سندس ھوندو آھي. بندوق به ٻين جي، ڪلھو به ٻين جو ۽ ٽريگر دٻائڻ وارا به ٻيا ھوندا آھن. پاڻ رڳو رونشو ڏسندو آ ۽ کجڪارون ڪري پيو کلندو ۽ بغليون ھڻندو آھي.

مطلب:

وڏيرو وڙھي، ڊوھ سان. (ساھتي)

 

(ھيءَ ٿري چوڻي، محترم انجنيئر امرت پُنہاڻي صاحب جن وٽان ملي ۽ پاڻ ان بابت لفظن جون معنائون پڻ سمجھايائون.)

No comments:

Post a Comment