Sunday, December 21, 2025

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’پير‘ سان سلھاڙيل اصطلاحن جو جائزو

 

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



مولوي احمد ملاح، علمي ۽ ادبي ماڻھو هو، ان ڪارڻ سنڌي ٻوليءَ تي وڏي گرفت هيس. سندس شاعريءَ ۾ جيڪڏهن صنايع بدايع جي خيال کان علم بيان ڏسجي، صنعت لفظي ۽ معنوي ڏسجي، ته سندس جوڙ جيس جو ڪو شاعر نه ٿو ملي. ٻئي پاسي سندس سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڏسجي ته اهڙن لفظن جي گهڙاوت ۽ جڙاوت به ڪري ٿو، جيڪا بنھه نرالي ۽ نون لفظن تي مشتمل آهي. ان حوالي سان ان جي شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ جي نھايت گهڻي ضرورت آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ڪم آندل اهڙن اصطلاحن جو اڀياس مقصود آهي، جيڪي ’پير‘ (foot) سان سلھاڙيل هجن. ’ڪليات احمد‘ ۾ لفظ ’پيرُ/ پيرَ‘ (واحد توڻي جمع) ڇاهتر (۷۶) ڀيرا ڪم آندل آهي، جڏهن ته گرداني صورت (inflected) ۾ ’پيرن‘ ٻاويھه (۲۲) ڀيرا ڪم آندو اٿس ۽ حرف جر جي ميلاپ سان ’پيرين‘ چار (۴) ڀيرا سامھون اچي ٿو. هن لفظ سان سلھاڙيل لفظ ’پيرو/ پيرا‘ به ملي ٿو؛ البت، لفظ ’پيروي‘ کان پاسو ڪيو ويو آهي.

Saturday, December 20, 2025

سنڌي محاورا سنڌي ٻولي جو حُسن آهن - شڪسته مزاري

سنڌي محاورا سنڌي ٻولي جو حُسن آهن

شڪسته مزاري


محاورا يا اصطلاح ٿورن لفظن ۾ چيل اهي ڳالهيون آهن، جن ۾ ڪنهن ڳالھ، موضوع يا بحث جي پوري ڇِنڊ ڇاڻ ۽ وضاحت ٿيل هوندي آهي. محاورا اڪثر ٻٽن لفظن کان شروع ٿي هڪ سِٽ، ڏيڍ سِٽ، ٻن يا ٽِن سِٽن تائين به هوندا آهن. جن ۾ هڪ پوري سمجهاڻي سمايل هوندي آهي ۽ هڪ پوري معنويت هوندي آهي. اِهي محاورا مزاحيه، اصلاحي، سماجي موضوعن وغيره تي چَيل هوندا آهن، جن ۾ ڇَتي ڪوريءَ واري ڊيگھ ناهي هوندي، بس مختصر لفظن ۾ ”سمجهدار لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي“ واري ڳالھ لِڪل هوندي آهي. اسان جي عام زندگي ۾ محاورن جي ڏاڍي اهميت آهي.