لوڪ
ڏاھپ جي ڪجھ ڌنڌلائجي ويل منظرن جي اُپٽار
امان الله جوکيو
راڄ ڀاڳ جو اصطلاح، اسان جي اجتماعي زندگيءَ طرف اشارو ڪري
ٿو. انسان آھي ئي گڏ رھڻ واري مخلوق. ھي ھزارين سالن جو جيڪو اسين سفر ڪري اڄ ھن
منزل تي اچي پھتا آھيون، سو بتدريج تبديلين جي مرحلن مان گذري رھيو آھي. انھيءَ
صدين جي سفر اسان جي، ۽ دنيا جي قومي، ثقافتي ۽ لساني اڪاين وچ ۾، سَنڌا سِيڙھا
قائم ڪري انھن کي الڳ الڳ سڃاڻپ عطا ڪئي آھي، جنھن تي ھر قوم فخر ڪرڻ ۾ حق بجانب
آھي. ثقافتون جامد رھي نٿيون سگھن. معاشي تنگي، مذھبي حالتن ۽ سياسي اٿل پٿل سبب ٿيندڙ
لڏ پلاڻ انھن تي اثر انداز ٿيندي رھي ٿي. انھيءَ ڪري ڪيترائي منظر، وقت گذرندي ڌنڌلائجي
وڃن ٿا. ھن وقت زندگيءَ جون ضرورتون، تبديل ٿيل آھن. اڄ کان سٺ ستر سال اڳ، صورت
حال ٻي ھئي. اچو ته ماضيءَ ۾ لياڪا پائي ڪجھ ڌنڌلائجي ويل منظرن جي اُپٽار ڪريون.