Friday, July 5, 2024

لفظ ’پھريون‘ ۽ ان سان سلهاڙيل ٻين صورتن جو اڀياس - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

لفظ ’پھريون‘ ۽ ان سان سلهاڙيل ٻين صورتن جو اڀياس

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



• اڀياس جو پس منظر

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي لفظ، نحوي صورت ۾ شڪل تبديل ڪندا آهن، اهڙي تبديليءَ جو بنياد ڳالهائڻ واري ٻولي آهي. مثال طور: ’مان ڪنڊياري وڃان ٿو‘ يا ’مان موري کان ٿي آيو آهيان‘ وغيره. عام طور ڪافي سنڌي ڳالهائيندڙ اهو ئي سوال ڪندا آهن ته انهن جملن جي اهم لفظن کي هيئن به ته پڙهي سگهجي ٿو: ’ڪنڊيارِي‘ يا ’مورِي‘ وغيره. هتي بيشڪ معياري لھجي جو معاملو سامهون اچي ٿو، جنھن موجب ڳالهايو ۽ لکيو ويندو آهي. ان جملي ۾ جيڪڏهن ’ڪنڊيارِي‘ يا ’مورِي‘ لفظَ مؤنث هوندا ته انهن سان ’ءَ‘ يعني آخري مؤنث واري زبر /اَ/ لازمي لڳندي. ان صورت ۾ جملا بيھندا: ’مان ڪنڊياريءَ وڃان ٿو‘ يا ’مان مورِيءَ کان  ٿي آيو آهيان‘؛ جيڪڏهن اهي لفظ ’ڪنڊيارو‘ ۽ ’مورو‘ آهن ته جملي جي بيھڪ سان ’ڪنڊياري‘ ۽ ’موري‘ بيھندو. ياد رهي ته انهن مٽيل صورتن ۾ ’حرف جر‘ به سمايل آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو مسلّم اصول آهي. جيئن ته اترادي لھجي (Utradi dialect) جي ڪن اپلھجن (accents) ۽ لاڙي لھجي (Larri dialect) ۽ حيدرآباد جي آسپاس جي اصلوڪن ماڻهن وٽ آخري سُر حذف ڪرڻ جي ڪار آهي، ان صورت ۾ ’ءَ‘ جو استعمال گهٽ ڪيو وڃي ٿو، جنھن سبب لفظ جي اصل حيثيت بدلي وڃي ٿي. ساڳي ڪار ’هي‘ لفظ سان به ڪئي وڃي ٿي، جيڪو واحد مذڪر ۾ ’هيءُ‘، واحد مؤنث ۾ ’هيءَ‘ ۽ جمع- واحد توڻي مذڪر- مؤنث ۾ ’هي‘ ڪم آڻڻ گهرجي. نحوي حالت ۾ ڪافي لفظ اهڙا ٿين ٿا، جيڪي اصولي طور حرف علت (vowel letters) يا اعراب (diacritical mark) سان صورت تبديل ڪن ٿا، هتي صفت لفظ ’پھريون‘، واحد- جمع يا مؤنث- مذڪر سبب ۽ حر ف جر لڳڻ جي حالت ۾ جملي جي نوعيت سان جيڪي صورتون وٺي ٿو، ان جو اڀياس ڪيو ويندو ۽ صورتن جا معيار کڻي، چند لکڻين کي سامهون رکي، جاچيو ويندو.


• لفظ جو گهاڙيٽو

لفظ ’پھريون‘، ’هڪ‘ جي بدران ڪم ايندو آهي، جيڪو ’صفت قطاري‘ سڏجي ٿو. ڳڻپ جي لحاظ کان ’هڪ‘ جون ٽي صورتون آهن:

۱. شماري عدد: هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه وغيره.

۲. قطاري عدد: ان قسم جي انگن کي ٻن حصن ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي:

• قطاري عدد: پھريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون وغيره.

• شماري- قطاري عدد: هڪ، ٻيو، ٽيو، چوٿو، پنجو وغيره.

هيٺئين شعر ۾ به ٻوليءَ ۾ مستعمل اهڙن لفظن جو اندازو ڪري سگهجي ٿو:

’هڪ ته سمجهيو نه مون، ٻيو ٻڌايو نه تو،

دل پڪي وئــين ڪري، ديـر سان پيو پتو.‘

(جوکيو، ۲۰۱۷: ۱۹۶)

لفظ ’پھريون‘ قطاري عدد آهي، هن سان ٻيا قطاري عدد ’ٻيون، ٽيون، ڇوٿون، پنجون...‘ ترتيب سان بيھن ٿا. هن جڳھه تي اهو ٻڌائيندو هلجي ته ’ٻيون‘ لفظ قطاري عدد آهي، جڏهن ته عام استعمال ۾ ايندڙ ’ٻيو‘ لفظ قطاري عدد جي صف ۾ نه ٿو اچي، بلڪ ان جي معنى ’ڌاريو‘، ’الڳ‘ يا ’ڪو ٻيو‘ (another- extra- alternative- additional etc.) آهي. ڀيرومل آڏواڻيءَ به اهڙي راءِ رکي آهي. (ڀيرومل، ۲۰۰۷: ۸۲- ۱۰۱)

• لفظ ’پھريون‘ جون نحوي صورتون

لفظ  ’پھريون‘ واحد طور ڪم ايندو آهي، تعداد جي نسبت، جملي ۾ ’صفت‘ طور ڪم اچي ٿو. هيءُ لفظ جملي جي بيھڪ ۾، واحد- جمع يا مؤنث- مذڪر (جنسي توڻي غير جنسي) ۽ حرف جر سان لڳڻ سبب صورتون مٽائيندو آهي. انهن صورتن مان هي صورتون سامهون اچن ٿيون: پَھريون- پَھرِين- پَھريان- پَھريُون- پَھرئين- پھريَن (نون تي جزم)  ۽ پھريُن (نون تي جزم). اهي صورتون ته اهڙيون آهن، جيڪي ڪنھن اسم سان لاڳو ٿين ٿيون. ان لفظ جون ڪي صورتون اهڙيون به ٿين ٿيون جيڪي ظرف طور به ڪم اچن ٿيون، جيئن: پَھرين ۽ پَھريائِين.

• لفظن جو صوتي ڇيد

۱. پَھريون= پ + اَ، هه + اِ، ر + ي+ اون. چار وينجن، ٽي سُر (ٻه ڇوٽا سُر ۽ هڪ وچٿرو ڊگهو نڪوون سُر، ڪل ست آواز) ۽ ٽي پد.

(ياد رهي ته ’ي‘ اهڙو وينجن آواز آهي، جيڪو پاڻ کان اڳ واري وينجن آواز کي ساڪن صورت ۾ ملائي، بعد ۾ ايندڙ سُر/ ڊگهي سُر/ نڪوين سُر/ نڪوين ڊگهي سُر سان   ملي پد ٺاهيندو آهي. يعني ’ر ۽ ي‘ گڏيل وينجن آواز (cluster of sounds) آهي.)

۲. پَھرِين = پ + اَ، هه + اِ، ر + اِين. ٽي وينجن، ٽي سُر (ٻه ڇوٽا سُر ۽ هڪ ڊگهو نڪوون سُر، ڪل ڇهه آواز) ۽ ٽي پد.

۳. پَھريان = پ + اَ، هه + اِ، ر + ي + آن. چار وينجن، ٽي سُر (ٻه ڇوٽا سُر ۽ هڪ ڊگهو نڪوون سُر، ڪل ست آواز) ۽ ٽي پد. هن ۾ پڻ ’ر ۽ ي‘ گڏيل وينجن آواز آهي.

۴. پَھِريُون = پ + اَ، هه + اِ، ر + ي + اُون. چار وينجن، ٽي سُر (ٻه ڇوٽا سُر ۽ هڪ ڊگهو نڪوون سُر، ڪل ست آواز) ۽ ٽي پد. هن ۾ پڻ ’ر ۽ ي‘ گڏيل وينجن آواز آهي.

۵. پَھِرئين = پ + اَ، هه + اِ + ر (ساڪن)، ئـ + اين. چار وينجن، ٽي سُر (ٻه ڇوٽا سُر ۽ هڪ وچٿرو ڊگهو نڪوون سُر، ڪل ست آواز) ۽ ٽي پد. هن ۾ ’هه ۽ ر‘ گڏيل وينجن آواز آهي.

۶. پَھِريَن (نون ساڪن) = پ + اَ، هه + اِ، ر + ي + اَ + ن ساڪن. پنج وينجن، ٽي ڇوٽا سُر (ڪل اَٺ آواز) ۽ ٽي پد. (هن ۾ پڻ ’ر ۽ ي‘ گڏيل آواز آهي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق آخري ’ن‘ ساڪن رهندو.)

۷. پَھِريُن (نون ساڪن) = پ + اَ، هه + اِ، ر + ي + اُ + ن ساڪن. پنج وينجن، ٽي ڇوٽا سُر (ڪل اَٺ آواز) ۽ ٽي پد. (هن ۾ پڻ ’ر ۽ ي‘ گڏيل آواز آهي، جڏهن ته آخري ’ن‘ ساڪن رهندو.)

۸. پَھِرين = پ + اَ، هه + اِ، ر + اين. ٽي وينجن، ٽي سُر (ٻه ڇوٽا سُر ۽ هڪ وچٿرو ڊگهو نڪوون سُر، ڪل ڇهه آواز) ۽ ٽي پد.

۹. پَھِريائِين = پ + اَ، هه + اِ، ر + ي + آ، ئـ + اِين. پنج وينجن، ٻه ڇوٽا سُر، هڪ ڊگهو سُر، هڪ ڊگهو نڪوون سُر (ڪل نوَ آواز) ۽ چار پد. (هن ۾ پڻ ’ر ۽ ي‘ گڏيل آواز آهي.)

اهي لفظ مختلف جملن ۾ مختلف نوعيتن سان ڪم ايندا آهن، خاص طور ’اول/ اڳ‘ جي مراد سان پڻ ڪم ايندو آهي. ڊاڪٽر الانا عدد قطاريءَ جي نسبت، ’اسم جي حالت‘ جي دائري هيٺ هڪ گردان پڻ ڏنو، جيڪو هيٺينءَ ريت آهي:

• حالت فاعلي

واحد مذڪر جمع مذڪر واحد مؤنث جمع مذڪر

پھريون ڇوڪرو پھريان ڇوڪرا پھرِين ڇوڪري پھريُون ڇوڪريون

(الانا، ۲۰۱۰: ۹۳)

نوٽ: ’پھريُون‘ لفظ ۾ ’اُون‘ جي پڇاڙي آهي ۽ ’پھرِين‘ ۾ ’اِين‘ جي پڇاڙي آهي، ان خيال کان ’پھريُون‘ جي ’ي‘ تي پيش ۽ ’پھرِين‘ جي ’ر‘ تي زير اچڻ گهرجي. ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ۾ اعراب ڏنل ناهي. ان ڪارڻ اندازي سان اعراب ڏني وئي آهي.

• حالت عام/ حالت تغيري

واحد مذڪر جمع مذڪر واحد مؤنث جمع مذڪر

پھرئين ڇوڪري پھرين ڇوڪرن پھرينءَ ڇوڪريءَ پھريُن ڇوڪرين

پھرئين ڇوڪري کي پھرين ڇوڪرن کي پھرينءَ ڇوڪريءَ کي پھرين ڇوڪرين کي

پھرئين ڇوڪري تي پھرين ڇوڪرن تي پھرينءَ ڇوڪريءَ تي پھرين ڇوڪرين تي

پھرئين ڇوڪري جو پھرين ڇوڪرن جو پھرينءَ ڇوڪريءَ جو پھرين ڇوڪرين جو

پھرئين ڇوڪري کان پھرين ڇوڪرن کان پھرينءَ ڇوڪريءَ کان پھرين ڇوڪرين کان

(الانا، ۲۰۱۰: ۹۳)

هن ڦيري ۾ هڪ ئي ترڪيب سڄي چٽائي ڏئي پئي ته حرف جر لڳڻ سبب اسم جي حالت، ڦيرو کائي پئي. ڄاڻايل لفظن ۾ اعراب جي ڪميءَ سبب، عام شاگردن کي ڏکيائي پيش اچي ٿي. ڊاڪٽر الانا جي ڄاڻايل ڦيري ۾ هيٺيون ست صورتون سامهون آيون آهن:

’پھريون‘، ’پَھريان‘، ’پھرِين‘، ’پھريُون‘، ’پھرئين‘، ’پھريَن (نون ساڪن)‘ ۽ ’پھريُن (نون ساڪن)‘.

• ڄاڻايل لفظن جو جملن ۾ استعمال

• پَھريون (واحد- مذڪر)

”هيءُ پھريون سنڌي ڪتاب آهي، جنھن ۾ زناني تعليم تي بحث ٿيو.“

لفظ ’پھريون‘ ۾ ’اون‘ وچٿري ڊگهي نڪوين سُر جي پڇاڙي ڪم اچي ٿي. گرامر موجب، ’ڪتاب‘ اسم عام آهي، جڏهن ته ’سنڌي ڪتاب‘ مرڪب لفظ آهي ۽ اسم خاص جي صورت ۾ بيھي ٿو. ان جي خاصيت ڏيکارڻ وارو لفظ ’پھريون‘ آهي. خاصيت ڏيکارڻ جي صورت ۾ ’صفت‘ سڏجي ٿو. ٻي نظر سان ’پھريون‘ ۽ ’سنڌي‘، صفت پھرين ۽ صفت ٻين به چئي سگهجي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته ’سنڌي‘، ڪتاب جو قسم ٻڌائي ٿي، جڏهن ته ’پھريون‘ ان جو تعداد/ شمار ڏسي ٿو. ان خيال کان هن ترڪيب ۾ ’ٻه صفت‘ چئي سگهجن ٿا.

• پَھرِين (واحد- مؤنث)

”هيءَ مس واري پھرِين پينَ آهي، جيڪا مون خريد ڪئي هئي.“

هيءُ لفظ ان صورت ۾ ئي مؤنث واحد لاءِ ڪم اچي ٿو. لفظ ۾ ’اِين‘ پڇاڙي مؤنث کي ظاهر ڪري ٿي.

• پھريان (جمع- مذڪر)

”هي اهي پھريان ڪتابَ آهن، جن کي سنڌي ٻوليءَ جو اثاثو چئي سگهجي ٿو.“

هن لفظ ۾ ’آن‘ نڪوين ڊگهي سُر جي پڇاڙي آهي. هتي ڄاڻايل لفظ ’جمع- مذڪر‘ لاءِ ڪم آيو آهي.

• پھريُون (جمع- مؤنث)

”هي پھريُون کٽُون آهن، جيڪي مون واڻايون هيون.“

ڄاڻايل لفظ ۾ ’اُون‘ ڊگهي نڪوين سُر جي پڇاڙي آهي. هيءُ لفظ اسم ’جمع- مؤنث‘ سان لاڳو ٿئي ٿو.

• حرف جر جي استعمال سبب لفظ جي صورت جِي تبديلي

• پھرئين (حرف جر سبب، صورت ۾ تبديلي)

”پھرئين ڪتاب کي پڙهه.“- ”اهو سبق، پھرئين ڪتاب ۾ لکيل آهي.“

مرڪب لفظ جي بيھڪ سبب، اڳيون لفظ ۽ پويون لفظ حرف علت يا اعراب سان تبديل ٿئي ٿو. لفظ ’پھرئين‘ ۾ ’اين‘ وچٿري ڊگهي  سُر جي پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا حرف جر لڳڻ جي صورت ۾ مذڪر واحد لاءِ ڪم آئي آهي. جيئن ته مرڪب لفظ (صفت + اسم) سان حرف جر لڳڻ سبب لفظ صورت مٽائيندا آهن، ان لحاظ کان ’پھريون‘ لفظ ’پھرئين‘ جي صورت اختيار ڪري ٿو ۽ ’ڪتابُ‘ لفظ جو پيش تبديل ٿي ’ڪتابَ‘ زبر سان بيھي ٿو. ياد  رهي ته هتي ’ڪتابَ‘ لفظ جمع واري صورت ۾ ناهي، ليڪن حرف جر لڳڻ سبب، ان جي اعراب مٽجي ٿي.

• پھرِين (حرف جر سبب، صورت ۾ تبديلي نه ٿي اچي)

جملو: پھرِين کٽَ تي ويھُه.

مرڪب لفظ (صفت + اسم) جي بيھڪ سان، ’مؤنث واحد‘ سبب، حرف جر لڳڻ جي صورت ۾ به،  اڳيون لفظ ۽ پويون لفظ، صورت نه ٿو مٽائي.

• پھريَن (نون ساڪن)

جملو: ”پھريَن ڪتابَن کي الڳ ڪري، پوءِ ٻيا ڪتاب کڻجان.“

ياد رهي ته هتي ’ٻيا‘ لفظ جي مراد ’اڳين کان سواءِ‘ آهي، ان سبب ان کي قطاري تصور نه ڪيو ويندو. هتي اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوت ۾ جمع واري لفظي ترڪيب سان جڏهن حرف جر جو استعمال ٿئي ٿو ته ان صورت ۾ ’نون ساڪن‘ (vowelless noon) جي پڇاڙي لازمي لڳي ٿي. اها ’پڇاڙي‘ ترڪيب جي ٻنهي لفظن ۾ ڪم ايندي آهي. جيئن اصل ترڪيب ’پھريان ڪتابَ‘ آهي، جيڪا ’حرف جر‘ سبب ’پھريَن ڪتابَن‘ بيھي ٿي. هتي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ’نون‘ جو آخري وينجن ساڪن رهندو ۽ جمع- واحد يا مؤنث- مذڪر واري اعراب ’ماقبل آخري وينجن‘ (second last consonant) تي لڳي ٿي. پھريان < پھريَن (آن < اَن، يعني ’آن‘ < اَ ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ جمع واري صورت سبب ’ن‘ ساڪن لڳي ٿو) ۽ ’ڪتابَ < ڪتابَن‘ (جمع واري زبر /اَ/ ساڳي رهي ٿي) لفظَ نون ساڪن جي اضافي سان ئي بيھن ٿا.

• پھريُن (نون ساڪن)

”پھريُن کٽُن جي واڻائي ڪري، پوءِ ٻين کي ڏسجي.“

اصل لفظي ترڪيب ’پھريُون کٽُون‘ آهي، جيڪا حرف جر جي لڳڻ سبب تبديل ٿي، ’پھريُن کٽن‘ بيٺي آهي. ظاهر آهي ته ’نون ساڪن‘ جمع واري صورت ۾ لڳي ٿو. باقي لفظ صورت مٽائي ’پھريُون‘ مان ’پھريُن‘ (اُون < اُ + ن = اُن) ۽ ’کٽُون‘ مان ’کٽُن‘ (اُون < اُ + ن = اُن) بيھي ٿو. ياد رهي ته اسم جي حالت واري ڦيري جو اثر پوري لفظي ترڪيب (صفت ۽ اسم) تي ٿيندو.

مٿيون اهي صورتون آهن، جيڪي لفظ ’پھريون‘ جون عدد ۽ جنس سبب سامهون اچن ٿيون. ان کان علاوه هيٺيون ٻه صورتون پڻ ٻوليءَ ۾ ڪم اچن ٿيون، جن جو مٿين صورتن سان ڪو تعلق ناهي.

• ’ظرف زمان‘ طور لفظ جي صورت جو استعمال

پھِرين

”پَھِرين مون کي ڪتاب ڏي، پوءِ گهر وڃجان.“

هيءُ لفظ هتي ’اڳ‘ يا ’اول‘ جي مراد ۾ ڪم ايندو آهي، جيڪو صفت کان هٽي ڪري ’ظرف زمان‘ طور بيھي ٿو. ظاهري طور هن لفظ جي صورت ’قطاري عدد‘ سان ملي ضرور ٿي، ليڪن ظرف جي حالت ۾ هن جي صورت مخصوص آهي. ڪافي ليکڪن کان ان لفظ جي استعمال ۾ مغالطو رهيو آهي.

پھريائِين

”امتحان ۾ ويھڻ کان پھريائين تياري ٿيل هجي.“

هيءُ لفظ به مقرر صورتن کان هٽي ڪري، ظرف زمان طور ڪم اچي ٿو ۽ معنى مراد اٿس ’اڳ کان ئي‘،  ’شروع کان ئي‘، ’منڍ ۾ئي‘ يعني هن کي عدد قطاريءَ ۾ شمار نه ڪيو ويندو. دراصل هن جي صورت جو بنياد ’پھرين ئي‘ آهي، جيڪو عام استعمال ۾ ’پھريائين‘ ڪم آندو وڃي ٿو.

مٿيون ميزان کڻي، مختلف ڪتابن ۾ ڄاڻايل لفظن جي صورتخطيءَ جي جاچ ڪجي ٿي.

• لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو (ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو)

* ”لوڪ ادب’ کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: پھريون نثري حصو ۽ ٻيو نظمي حصو.“ (سنديلو، ۲۰۱۶: ۲۶)

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ ’پھريون نثري حصو‘درست صورت ۾ ڪم آندو اٿس. البت ’ٻيو‘ بدران ’ٻيون‘ ڪم آڻڻ گهربو هيس.

* ”مثالن مان ظاهر ٿيو ته پھرين ڳجهارت جي نوعيت علحدي آهي ۽ باقي جي قريب قريب ساڳي.“ (سنديلو، ۲۰۱۶: ۵۸)

تبصرو: مؤنث واحد صورت ۾ ’پَھرِين ڳجهارت ‘درست صورت ۾ ڪم آندو ويو آهي.

* ”انهن جهيڙن کي، ڪنھن حد تائين اخلاقي تعليم جا پھريان ۽ بنيادي سبق به چئي سگهون ٿا.“ (سنديلو، ۲۰۱۶: ۱۹۷)

تبصرو: مذڪر جمع صورت ۾ ’پھريان سبق‘ ٺيڪ ڪم آندو ويو آهي.

* ”پھرئين مثال ۾ ’الف‘ ۽ ’ي‘، ٻئي ۾ ’و‘ حرف گڏيا ويا آهن. ٽئين ۾ ’و‘ ۽ ’الف همزه‘ حذف ڪيا ويا آهن ۽ چوٿين ۾ لفظن کي اڳي پوءِ ڪيو ويو آهي.“ (سنديلو، ۲۰۱۶:  ۹۰)

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ اصل لفظ:  ’پھريون مثال‘ آهي، جيڪو حرف جر لڳڻ سبب ’پھرئين مثال ۾‘ درست استعمال آهي.

* ”پھرين ٻن مصرعن ۾ ٻه سر، باقي ۾ هڪ هڪ سر آندل آهي: ليلى مجنون، سسئي پنهون، سھڻي ساهڙ )ميھار)، ليلان چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو ۽ هير رانجهو.“ (سنديلو، ۲۰۱۶: ۱۱۹)

تبصرو: مؤنث جمع  صورت ۾ اصل لفظ:  ’پھريُون مصرعون‘ آهي، حرف جر لڳڻ سبب ’پھريُن ٻن مصرعن ۾‘  ٺيڪ ڪم آندو ويو آهي.

* ”وليت: اهي بيت جن جو تعلق پھرين ٽي اصحابن، ولين ۽ درويشن جي ڪرامتن سان هجي.“ (سنديلو، ۲۰۱۶: ۱۸۵)

تبصرو: مذڪر جمع صورت ۾ ’پھريان ٽي اصحابي‘ جي، حرف جر سبب نحوي ترڪيب ’پھريَن ٽن اصحابن جي ‘واري صورت مناسب آهي.

* ”اها پابندي لازمي آهي ته جيترو تعداد مصرعن جو پھرين ‘بند‘ ۾ هوندو، اوترو باقي ‘اکرن’ جي بندن ۾ هئڻ لازمي آهي.“ (سنديلو، ۲۰۱۶: ۲۶۱)

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ ’پھريون بند‘ سان حرف جر لڳڻ سبب ’پھرئين بند ۾‘ واري صورت هجڻ کپندي هئي. ’پھرين بند ۾‘ واري صورت مناسب ناهي. اهڙي ’پھرين دور‘ واري صورت ۳۶۱ صفحي تي پڻ نوٽ ڪئي وئي.

* ”مٿئين مثال ۾ ‘خدا’ جا مختلف زبانن مان ڇهه لفظ آندا آهن.

لفظ ٻولي معنى

خالق عربي خلقيندڙ

باري عربي پيدا ڪندڙ

سرجنھار هندي پيدا ڪندڙ

واحد عربي هڪ

ايڪ سنسڪرت هڪ

بدا عربي شروع- آغاز- سڀ کان پھريون

ڪرتار هندي خلقيندڙ- ڌڻي“

 (سنديلو، ۲۰۱۶: ۱۷۰)

تبصرو: هتي قطاري عدد  ’پھريون‘ ڪم آڻڻ مناسب ناهي. دراصل،  ليکڪ جو خيال ’سڀ کان اڳ‘  واري مراد جو  ٿو لڳي، ان ڪارڻ هتي ظرف جي صورت وارو  لفظ ’پھرين‘ ڪم آڻڻ گهربو هيو. هيءُ قطاري عدد (پھريون)  ان جڳھه تي لڳندو، جتي ڪنھن ٻئي جي هجڻ جو تصور هجي.

* ”ٿي سگهي ٿو ته پھريائين هڪ سگهڙ، ٻئي کان اهڙي قسم جا سوال ڪري، جواب طلب ڪيا هجن ۽ پوءِ سگهڙن، عقل ويڙهائي سوال توري جواب پاڻ ئي ٺاهيا هجن.“ (سنديلو، ۲۰۱۶:  ۷۰)

تبصرو: ظرف جي حالت ۾ ’پھريائين‘ مناسب ڪم آندل آهي.

• ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال (سھيڙيندڙ: علي نواز آريسر)

* ”سنڌي درسي پھرئين ڪتاب ۾ ’پن‘ ۽ ’ڪن‘ لفظن ۾ ’ن‘ حرف مٿان ’شد‘ جو نشان ڪونه ڏنو ويو آهي (ڏسو سنڌي پھريون ڪتاب ص: ۶) پر ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي هلي صفحي ۷ تي لکيل لفظ ’پَنَ‘ ۾ ’ن‘ مٿان شد جو نشان ڏيئي، اهو لفظ لکيو ويو آهي: ’پَنَّ‘.“ (نواز، ۲۰۱۸: ۶۴)

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ ’پھريون ڪتاب‘ ڪم آندو اٿس ۽ حرف جر لڳڻ سبب ’پھرئين ڪتاب ۾‘ ڪم آندو اٿس، جيڪو درست استعمال آهي.

* ”هر قوم جي پھرين ترجيح اُن جي ٻولي هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هر ماڻهوءَ جو پنهنجي ٻوليءَ سان ماءُ جھڙو رشتو هوندو آهي...“ (نواز، ۲۰۱۸: ۲۲)

تبصرو: مؤنث واحد صورت ۾ ’پھرِين ترجيح‘ ڪم آندو اٿس، جيڪو درست استعمال آهي.

* ”جتي پھرين جملي کان پوءِ ڪجهه وقت بيھي، ايندڙ خيال کي چٽو ڪرڻو هجي، ته اُتي به ”۽“ اڳيان ٿورو دم ڏجي، مثال: هُو جهوپڙيءَ اڳيان اچي بيھي رهيو، ۽ غريبن جي حالت تي افسوس ڪندو هليو ويو.“ (نواز، ۲۰۱۸: ۱۰۳)

تبصرو: هتي ’پھرين جملي کان‘ واري ترڪيب مناسب ناهي، اصل ترڪيب ’پھريون جملو‘ آهي، جيڪو حرف جر لڳڻ سبب ’پھرئين جملي کان‘ٿيڻ کپندو آهي.

* ”هي لفظ اصل گريڪ زبان جو آهي، جنهن جي معنى آهي ننڍو تارو. هي نشاني پھرئين ته انهيءَ جاءِ تي ڪم ايندي آهي، جتي هن وقت ٻُڙي  (Dot)ڏني وڃي ٿي يا جتي ڪجهه لفظ يا اکرن يا جملن کي ڇڏي ڏبو آهي. (نواز، ۲۰۱۸: ۱۶۸)

تبصرو: هتي ’پھرئين‘واري صورت مناسب ناهي، ڇاڪاڻ ته ’پھرئين‘ قطاري عدد ’پھريون‘ جي بدليل صورت آهي، جڏهن ته هتي ’ظرف زمان‘ وارو لفظ ’پھرين‘ رکڻ  کپندو هو.

*  ”جيتوڻيڪ انگريز دور کان لاڳو دستور موجب سنڌي ٻولي سنڌ جي دفتري ۽ سرڪاري زبان رهي. پر پھرين ون يونٽ قائم ڪري، ۽ اُن دوران ۱۹۵۸ع ۾ ‘شريف ڪميشن’، جوڙي، سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس کي پنجين ڪلاس تائين محدود ڪري، اُن جي ذريعه تعليم توڙي سرڪاري زبان وارو درجو ختم ڪيو ويو...“ (نواز، ۲۰۱۸: ۵۲)

تبصرو: هتي ’پھرين‘ ظرف زمان طور درست ڪم آندل آهي.

* ”جڏهن ڪو تفصيل ڏيڻو هوندو آهي، ته پھريائين هيءَ نشاني ڏيئي، پوءِ تفصيل ڏبو آهي، مثال: حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جا هي مکيه ڪتاب آهن:- ۱. حيات النبي، ۲. ڪمال ۽ زوال، ۳. ابوالفضل ۽ فيضي؛ ۴. آفتا ب ادب؛ ۵. بھار اخلاق؛ ۶. ميرن جي صاحبي وغيره.“ (نواز، ۲۰۱۸: ۱۰۷)

تبصرو: هتي ’پھريائين‘ظرف زمان طور درست ڪم آندو ويو آهي.

• سنڌي ادب جو فڪري پس منظر (ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ)

* ميرن کان پوءِ سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿيو، انگريزن پنھنجي مفاد جي ڪن اهڙين جديد شين کي متعارف ڪرايو جو ماڻهن کي لڳو ته سندن دور ۾ سنڌ پھريون دفعو هڪ قسم جي جمود مان نڪتي.

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ ’پَھِريون دفعو‘ ڪم آندو اٿس، جيڪو درست استعمال آهي.

* ”انهيءَ وقت ٺٽي تي پرتگالين حملو ڪيو. پرتگالي يورپ جي سفيد فارم قومن مان پھرين قوم هئي جنھن سڀ کان پھرين هندستان جي سامونڊي ڪنارن تي قبضو ڄمايو.“ (غفور، ۲۰۱۷: ۴۵)

تبصرو: مؤنث واحد صورت ۾ ’پھرِين قوم‘ ڪم آندو اٿس، جڏهن ته ’پَھرين‘ اڳ يا اول جي معنى ۾ درست ڪم آندل آهي.

* اسلام ۾ پھرئين دور ۾ تصوف هڪ رجحان هو، ڪو فرقو يا مسلڪ نه هو، اڳيان هلي تصوف جي مابعدالطبعيات کي فروغ مليو ۽ طريقت جو سلسلو شروع ٿيو. (۷۶)

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ ’پھريون دور‘سان حرف جر لڳڻ سبب  ’پھرئين دور ۾‘درست استعمال آهي.

* نثر ۾ مرزا قليچ بيگ جا پھريان ناول “دلارام” ۽ “زينت” رومانوي آهن، ان کان پوءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ناول ”نورجھان“ ۾ تاريخ ۽ رومانس جا گڏيل پھلو رومانوي آهن. (۲۵۵)

تبصرو: مذڪر جمع صورت ۾ ’پھريان ناول‘درست استعمال آهي.

* ”تنھن ڪري انهيءَ ڳالهه جا امڪان آهن ته دنيا ۾ سڀ کان پھرين باقاعده کيتي ٻاري سنڌ ۾ ڪئي ويئي.“ (غفور، ۲۰۱۷: ۲۷)

تبصرو: ’پھرين‘ ظرف زمان طور  درست استعمال آهي.

* حسين ابن الحالج منصور رح جي نظرئي مطابق ڪائنات جي تخليق کان پھريان خداوند تعالى پنھنجي احديت ۾ هو. (۷۷)

تبصرو:  ’پھريان‘ مذڪر جمع جي صورت ۾ ڪم ايندو آهي، جيئن ته ليکڪ جو ارادو ظرف زمان طور، اڳ جي معنى ۾ ڪم آڻڻ جو هيو، ان ڪارڻ  ’پھريان‘ جي بدران  ’پھرين‘ڪم آڻڻ کپندو هيس. هتي ’پھريان‘ لفظ مناسب ترڪيب سان ڪم ناهي آيو.

* ننڍي پيماني تي صنعتون ٺھڻ لڳيون، پھريائين مشينون وجود ۾ آيون پوءِ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون ٺھڻ لڳيون. (۱۲۲)

تبصرو: ظرف زمان جي صورت ۾ درست استعمال آهي.

• سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر (سھيڙيندڙ: ڊاڪٽر چارو پرسو گدواڻي. عريي- سنڌي لپيءَ ۾ آڻيندڙ: پارسا رضوي)

* ان حساب سان ڳجهارت جو پھريون پائو آھي ”رڇ“. ان جو مطلب آھي ڪوبه ٿانءُ جنھن ۾ گيھه، تيل، پاڻي ۽ ٻيو ڪو پاڻيٺ وارو مادو رکي سگهجي. ( پارسا، ۲۰۱۰: ۷۹)

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ ’پھريون پائو‘ ڪم آندو ويو آهي، جيڪو درست آهي.

* ”دراصل چيڪلو بانگلو ھڪ ورجائجندڙ مرڪب لفظ آھي، جنھن ۾ پھرئين لفظ جي ته معنى آھي، ليڪن ٻيو لفظ بي معنى آهي.“ ( پارسا، ۲۰۱۰: ۳۹)

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ ’پھريون لفظ‘سان حرف جر لڳڻ سبب  ’پھرئين لفظ جي‘ درست استعمال آهي.

* ”پھريون ٻه سٽون ٻڌائين ٿيون ته ھڪڙو ننڍڙو ڪينئون گس تي ڦاسي پيو. اتي ڪنھن گاهه پوکيو. گاهه کي َ ۾ ِلڏ ھڪڙو گهوڙو کائي ويو.“ ( پارسا، ۲۰۱۰: ۳۵)

تبصرو: مؤنث جمع صورت ۾ ’پھريون ٻه سٽون‘درست استعمال آهي.

* ”پھرين ٻن سٽن ۾ ستارن جي بناوت ۽ صفتن جو ذڪر ٿيل آھي.“ ( پارسا، ۲۰۱۰: ۲۲)

تبصرو: مؤنث جمع صورت ۾ ’پھريُون ٻه سٽون‘سان حرف جر لڳڻ سبب  ’پھريُن ٻن سٽن ۾‘ درست استعمال آهي.

* ”ھتي ھي ٻئي لفظ ڪو ٻين ٻولين مان مختلف معنائن ۾ استعمال ٿيڻ وارا ھندي ٻوليءَ ۾ شامل نه ٿيا آھن، پر ساڳئي لفظ جي پھرين معنى ۾ هڪ ٻي معنى جوڙي وئي آھي.“ (پارسا، ۲۰۱۰: ۸۶)

تبصرو: مؤنث واحد صورت ۾ ’پھرِين معنى‘سان حرف جر لڳڻ سبب ساڳي صورت ’پھرِين معنى ۾‘ درست استعمال آهي.

* ”هيءَ منھنجي لاکيڻي لوئي“. ھن گيت جي باري ۾ مون کي چيو ويو ته هيءُ گيت به وھانءَ وقت ئي ڳايو ويندو آھي. اچو ته پھريان ھن گيت کي ڏسون“ ( پارسا، ۲۰۱۰: ۶۲)

تبصرو:  ’پھريان‘ مذڪر جمع جي صورت ۾ ڪم ايندو آهي، جيئن ته الٿو ڪندڙ جو ارادو ظرف زمان طور، اڳ/ اول جي معنى ۾ ڪم آڻڻ جو هيو، ان ڪارڻ  ’پھريان‘ جي بدران  ’پھرين‘ڪم آڻڻ کپندو هيس.

* سنڌي ٻوليء ۾ ان نموني جا الاھي گيت، ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پھرين تمام گهڻا مروج ھئا. ( پارسا، ۲۰۱۰: ۱۳)

تبصرو:  ’پھرين‘ ظرف زمان طور درست استعمال آهي.

* سنڌي ٻاراڻن گيتن ۾ پنھنجو خاص مقام رکڻ وارو گيت آھي: ”جو ڊينبو جو ڊينبو“ سڀ کان پھريائين ھن گيت جو مزو وٺو. ( پارسا، ۲۰۱۰: ۳۴)

تبصرو:  ’پھريائين‘ ظرف زمان طور درست استعمال آهي.

• شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيھه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو (ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه)

* ”۶۰ سالن کان ۷۵ سالن جي عمر وارو دور سندس پيريءَ جو پھريون دور هو، جنھن ۾ سندس شخصيت هڪ شاعر ۽ درويش طور مسلم ٿي...“ (ڪلثوم، ۲۰۰۴: ۴۵۵)

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ ’پھريون دور‘ درست ڪم آندو ويو  آهي.

* ”ميون شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف پھريان شاعر هئا، جن شاهه لطف الله قادريءَ کان متاثر ٿي سامونڊي ناکئن۽ جوڳين فقيرن جي ذڪر کي تمثيل طور سر سريراڳ، سامونڊي، سر رپ ۽ سر رامڪليءَ جو قالب بنايو...“ (ڪلثوم، ۲۰۰۴: ۴۴۵)

تبصرو: مذڪر جمع صورت ۾ ’پھريان شاعر‘ درست ڪم آندو ويو  آهي.

* ”هن سر ۾ ٻه داستان آهن، پھرئين داستان ۾ گهڻي ڀاڱي مجازي محبوب جو بيان آهي، جنھن کي شاهه سائين سج، چنڊ ۽ تارن کان به حسن ۾ سرس ڄاڻائي ٿو...“ (ڪلثوم، ۲۰۰۴: ۱۹۲)

تبصرو: مذڪر واحد صورت ۾ ’پھريون داستان‘ سان حرف جر لڳڻ سبب ’پھرئين داستان ۾‘ درست ڪم آندو ويو  آهي.

* ”پھرين ٻن بيتن ۾ ڦوٽو  تشبيھه طور استعمال ٿيو ۽ پوين ٻنهي بيتن ۾ ڦوٽو ۽ حباب لفظ عارضي وجود يا فاني هستيءَ لاءِ استعاري طور استعمال ٿيا...“ (ڪلثوم، ۲۰۰۴: ۴۴۹)

تبصرو: مذڪر جمع صورت ۾ ’پھريان بيت‘سان حرف جر لڳڻ سبب ’پھريَن ٻن بيتن ۾‘ درست ڪم آندو ويو  آهي.

* ”سر پورب جي پھرين داستان ۾ شاهه لطيف سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج ۾ رائج ان رسم يا تصور کي بيان ڪيو آهي، جنھن مطابق ڪانگل کي پرينءَ جي پار جو قاصد سمجهيو ويندو آهي...“ (ڪلثوم، ۲۰۰۴: ۳۶۷)

تبصرو: مذڪر واحڊ صورت ۾ ’پَھريون داستان‘سان حرف جر لڳڻ سبب ’پھرئين داستان ۾‘واري صورت بيھندي، هتي ’پھرين‘ صورت مناسب ناهي. ڊاڪٽر صاحبه چند جڳھين تي ’پھرئين‘ به ڪم آندو آهي، نه ته اڪثر ان ئي مراد سان ’پھرين‘ جو استعمال ڪيو اٿس، جيڪو ٻوليءَ نسبت درست ناهي.

• نتيجو

* سنڌي ٻوليءَ ۾ عدد جي ڳڻپ جا ٻه نمونا آهن: شماري عدد (هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه...) ۽ قطاري عدد (پھريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون...). قطاري عدد جو ٻيو اهڙو نمونو به نوٽ ڪيو ويو آهي، جيڪو شماري ۽  قطاريءَ جو ميلاپ آهي، جيئن:  هڪ، ٻيو، ٽيو، چوٿو، پنجو، ڏهو، ٻارهو وغيره.

* سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ قطاري عدد واري لفظ ’پھريون‘ جون ست صورتون سامهون آيون آهن، جيڪي صفت طور ڪم اچن ٿيون: پَھريون- پَھرِين- پَھريان- پَھريُون- پَھرئين- پھريَن (نون تي جزم) ۽ پھريُن (نون تي جزم).

* ڄاڻايل صورتن کان علاوه ساڳئي لفظ مان ٻه ٻيُون صورتون به آهن، جيڪي ظرف زمان طور ڪم اچن ٿيون: پھرين ۽ پھريائِين.

* جيئن ته عام صورتخطيءَ ۾ ’زيرن زبرن‘ جو استعمال گهٽ ڪيو ويندو آهي، ان ڪارڻ صورتن جي درست هِجي يا استعمال ۾ مونجهارا سامهون آيا آهن. هتي اهڙن لفظن ۾ ضروري اعراب ڪم آڻڻ جي سفارش ڪجي ٿي.

* ڄاڻايل لفظ جي صورتن جي درست استعمال کي جاچڻ لاءِ چند ڪتابن جو اڀياس ڪيو، جنھن ۾ خاص طور قطاري عدد جي صورتن مان صفت: ’پھرئين‘، ’پھريان‘ ۽ ظرف زمان: ’پھرين‘ جي استعمال ۾ مغالطو رهيو آهي.

• حوالا/ ذريعا

 ام ڪلثوم شاهه، ڊاڪٽر (۲۰۰۴) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيھه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو. ڪراچي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.

 آڏواڻي، ڀيرومل، مھرچند. سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ رٿ. مرتب: ڊاڪٽر انور فگار وهڪڙو. سنڌي ٻوليءَ جا مضمون ۽ مقالا. سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد. جلد ۱، سال: ۲۰۰۷. ص: ۸۲- ۱۰۱.

آريسر، علي نواز (۲۰۱۸) ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ان جو درست استعمال. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (۲۰۱۷) عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر (۲۰۱۶) لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو. ڪراچي: پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرس.

گدواڻي، چارو پرسو، ڊاڪٽر. سھيڙيندڙ (۲۰۱۰) سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر. عربي سنڌي لپيءَ ۾ آڻيندڙ: پارسا رضوي. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

ميمڻ عبدالغفور، ڊاڪٽر (۲۰۱۷) سنڌي ادب جو فڪري پس منظر. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.

 

(’ڪينجهر تحقيقي جرنل‘ نمبر ۲۵، سنڌي ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾  ۲۰۲۲ ۾ شايع ٿيل)

No comments:

Post a Comment