Thursday, December 21, 2023

گُندِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

گُندِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



گُندِي، گُندڙو/ گُندلو (اسم تصغير)، پَلو/ پَلُ، پَلِي (اسم تصغير)، اناج کي ڇھه- ماهيءَ کان وڌيڪ سنڀالي رکڻ جو هڪ سَنڊر آهي، جيڪو ڪنھن دور ۾ مِٽيءَ مان ٺاهيو ويندو هئو، هاڻي ان کي لوهي چادر مان ٺاهيو وڃي ٿو. هاڻي به ڳوٺن ۾ مِٽيءَ واري گندي تيار ڪئي ويندي آهي، پر گهڻي ڀاڱي رواج گهٽجي ويو آهي.

هيءُ سنڊرُ ٺھندو ته مِٽيءَ جو، ليڪن ڪنڀر جي هٿن جي گهرج نه پوندي آهي، بلڪ ڳوٺن ۾ زائفون يا کڻي مرد به ٺاهي وٺندا آهن. مون ته هڪ ٻن ڳوٺن ۾ زائفن کي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي. اهو ان لاءِ ته مرد ٻني ٻاري ۽ گاهه پٺي ۾ ايترو ته رڌل هوندو آهي جو گهرَ جي اندر ڪم ڪار کي پنھنجي سِرَ تي نه کڻندو. البت، ڪم ڪار ۾ هٿ ضرور ونڊائيندو. يعني هيءَ اناج سنڀالي رکڻ واري مِٽيءَ جي گُندِي، ٺاهيندِي زائفان!



گُندِيءَ جي اُوچائي ماڻهوءَ جي قد جيتري هڪ پُرهه تائين ۽ ويڪر ۾ مُني پُرهه تائين رکي ويندي آهي. ان جي بيھڪ کي هيٺان اڌ پُرهه ۽ وچ واري پيٽ کي مني پُرهه تائين کڻي ويندا آهن. ڪٿي ته تَرو ويڪرو بيھاري، مٿي سوڙهو رکيو ويندو آهي. گنديءَ جي ڀت جا پاسا اندازي موجب چار آڱر کن بيھاريندا ته جيئن ان جي ڀت ۾ ايترو سھپ هجي، جو ان جو بار سنڀالي سگهي. هونئن ته اناج رکڻ بعد اَن جو گهڻو وزن هيٺ ئي رهندو، پر گنديءَ جي پيٽ تي به ٿورو گهڻو بار اوس پوندو. ان لاءِ ان جي ڀت جِي ٿولهه جو اونو رکي، گهيرُ ٺاهيو ويندو.

گُندِي ته گهر جي زائفان ئي ٺاهيندي، پر هر زائفان اهو ڪم نه ڪري سگهندي، ضرور ان جي مھارت ۽ مشاهدي جي گهرج پوي ٿي. مِٽيءَ کي ڳوهَه ڏيڻ ۽ مِٽي کي ڪم ۾ آڻڻ جھڙو بڻائڻ ۾ به سگهڙائپ ٿي کپي. پھرين ته چيڪي مِٽيءَ کي هٿ ڪبو، پوءِ ان کي ڪُنڀر وانگر سَٽي ڪُٽي، چَلهو ٺاهي، پسائي رکبو. جڏهن مٽي نرم ٿي ويندي ته ان ۾ بُھُه ۽ ڳائو يا ماهيو ڇيڻو ملائي، ڇڏي ڏبو. ٿوري گهڻي لَتڙَ ۽ اُٿل ڏيئي، مِٽيءَ کي ڪِنو ٿيڻ لاءِ ٻه اڌائي ڏينھن ڇڏي ڏبو. جڏهن بُھه ۽ ڇيڻي سان مٽي چيڙهائتي ٿي ويندي، پوءِ ان جا ڪنڀر وانگر پنوڙا ٺاهي رکبا ۽ مٿان ڳوڻ سان ڍڪي ڇڏبو ته جيئن مِٽي گهڻو سوڪھڙو نه کائي.

اوٿپ ۾ جنھن هنڌ گُندي ٺاهڻي هوندي، اُتي هيٺان وارِي ڇَٽبي، يا ڪو ڳوڻ جو ٽُڪر رکي ڇڏبو، يا وري ڪنھن ڪپڙي جو ٽڪر رکبو ته جيئن گندِيءَ جو ترو ٺاهجي، ته هيٺان ڇڏائڻ مھل، ڇُٽي اچي. ترو بيھارڻ لاءِ مٽِي سوائي وڌي ويندي آهي ته جيئن ترو لوڏَ يا جهِمَ نه کائي. جڏهن گول ترو ٺھي بيھندو، ته ان کي گول رکڻ لاءِ، ڪي ته بلڪل وچ تي ڪا ڪِلي هڻي، ان ۾ ڏور ٻڌي، ماپ رکي، پلڪار وانگر گول ڦيرائبو ته اندازو ٿيندو ته گول ترو ڪيتري قدر ٺيڪ بيٺو آهي؛ ڪن زائفن جي اک ڳالهائيندي آهي، ان ڪارڻ پلڪار جي چڪر ۾ ئي نه پونديون آهن. جيڪڏهن ڪو پاسو گهٽ يا وڌ هوندو ته هٿ جي تِري اهڙي گهمائبي، جو اهو گول پاڻهي پيو بيھندو. آخر ۾ سگهڙائپ وارو هٿ ڦيري، ٻئي ويلي تائين، ڇڏي ڏبس ته ڪجهه ڦُٽرو ٿئي. جيڪڏهن شام جو ٺاهبس، ته وري صبح جو هٿ ڳنڍبس، جي صبح جو ٺاهبس ته شام جو وري پاسا بيھاربس. هڪ ئي وقت گنديءَ کي نه ٺاهي سگهبو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان لڙڪي پوندي.

هڪ ويلي تَرو ٺھيو ته پوءِ پاسن کان مٽيءَ جا ساڳيا پنوڙا رکبا وڃبا ۽ ان کي اڀي بيھارڻ لاءِ هٿ جي ليپي جو به ڪم هلندو رهندو. ڪي زائفون تَري ۽ بيھاريل ٻَنوڙي جي پاڙ ۾ لِيڙي لاءِ هڪ وٿي رکنديون، جنھن مان گهرج آهر لِيڙو لاهي، انُ ڪڍي سگهجي. ڪي ته سڄي سڪڻ بعد، ڪنھن ڪِليءَ يا ڇُرِيءَ سان روڙي وٿي بيھارينديون. گهڻي ڀاڱي اَنَ جي نيڪال لاءِ پڇاڙيءَ ۾ ايڻُ (ٽُنگ) روڙيو ويندو آهي. يعني پھرين گنديءَ جو ترو بيھندو، پوءِ پاسي ۾ گول ٻَنوڙو ڏبو هلبو، جنھن جي اوٿَپ ۾ اوچائِي وڌ ۾ وڌ ٻاڪَ تائين بيھاربي، وري ڇڏي ڏبس ته جيئن مِٽي پاڻُ وٺي. وري ٻئي ويلي ان بيھاريل ڪَنن تي وري ٻيا مٽِيءَ جا پنوڙا رکي، وڃبس اڀو ڪبو. ايئن گندِي هٿُ کن مٿي نڪري بيھندي. ٻنوڙي بيھارڻ مھل، اڳ لڳل مِٽيءَ کي نه ته سڪڻ ڏبو آهي، نه وري اهڙو آلو ڇڏبو جو چَپُ ڪري وجهي.

اهڙي نموني ڪنن تي مِٽيءَ جي پِنوڙن جي هارِي ڏبي هلبي ۽ ليپو ڏبو هلبس، جڏهن هٿ کن مٿي چڙهي آئي، ته پوءِ پيٽ جو گهيرو ٿورو ويڪرو ڪبو وڃبو، اڌ پُرهه کان پوءِ وري وڃبس پيٽ گهٽائبو، تان جو گنديءَ جو مٿيون مُنھن ۽ ترو هڪجيترا بيھن. ان جو ڊول ايئن بيھندو، جيئن دُهل جا پاسا ۽ دهل جو پيٽُ! ڪي وري گندِيءَ جو تَرو ويڪرو رکندا آهن ۽ هيٺان کان گولائي ڏيندو، مٿي وڃي منھن سوڙهو ڪندا آهن. پڇاڙيءَ ۾ سڄي کي راڳو به ڏيئي وٺبو. گهڻي ڀاڱي گنديءَ کي هيٺان ويڪرو ۽ مٿي وڃي، منھن سوڙهو ڪبس، پر جي گندڙو ٺاهيندا ته ان جو ترو ۽ مٿيون منھن هڪجيترو بيھندو. ايئن بيھارڻ جو لاچار به نه هوندو آهي، گندڙي جو تَرو به ويڪرو رکي، وڃي منھن سوڙهو ڪبس. سو ڳالهه اها ته هر ڪنھن جي ٺاهڻ جو ڀيرُ ساڳيو نه هوندو آهي، بس ان ڳالهه جو ڌيان رکيو ويندو آهي ته اَنُ رکجي ته گندي وائڙي نه ٿئي. گنديءَ جي اوچائيءَ واري ٻنوڙن جي بيھڪ، جيڪڏهن ڪٿان به گولائيءَ واري ماپ کان ٿوري به آئُٽِي، ته پوءِ گُندِي ڪم جي نه سڏبي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اَن سنڀالڻ جي سھپ نه رهندي ۽ جهول ڪري وجهندي.

اهو سمجهڻ گهرجي ته گُندي، هڪ واري نه ٺھندي، پر ڇھن کان ست ڏينھن کائي ويندي، ايئن جيئن ڪو اوڏُ مٽيءَ سان اوڏڪي ڀت کڻي. آخر ۾ ٻُھلڻُ (گنديءَ جو ڍڪ) ٺاهبو، پر ان جي مٿان بونبا اوَس بيھاربا ته جيئن انهن ۾ هٿ وجهي، ڍڪ لاهڻ ڪَرڻ ۾ سولائي ٿئي. جڏهن گندي تيار ٿي ويندي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينھن سڪائبي. اهو سڪائڻ وارو ڪم وري موسم جي نسبت ٿيندو. جڏهن سڪي ويندي، ته ان کي اٿلائي پاسيرو ڪبو ته جيئن تري کي سوڪھڙو اچي. جڏهن سمجهبو ته هاڻي سڪي ويئي آهي ته آخر ۾ اَن ڪڍڻ لاءِ، ڪنھن تيز هٿڻ سان روڙي، ايترو ايڻُ (ٽُنگ) ڪڍبو جو هٿ هلي وڃي. پڇاڙيءَ ۾ جهانڀا، باٺيون يا ڪک ڪانا وغيره وجهي، انهن کي باهه ڏبي ته جيئن باهه جي توَ تي، گندي سَگهِي ٿئي ۽ پاڻ وٺي.

گنديءَ جي تيار ٿيڻ کان پوءِ هيٺان سِرن جون اهڙي ننڍڙيون دِڪيون بيھاربيون، جو ان جي مٿان گندِي رکجي ته هيٺان هوا به لڳيس ۽ زمين جي سيڪ کان به بچي. جڏهن مٽيءَ جي گندي تيار ٿي ويندي، پوءِ هيٺئين پاسي نڪتل ايڻ (ٽُنگ) ۾ ڪپڙي جو يا سَرن جو لِيڙو ڏيئي، بند ڪري، ڌڻي تعالى کي ياد ڪري، وجهبس اَنُ! اَن کي سُرِي يا جيت لڳڻ کان بچاءَ لاءِ گهڻي ڀاڱي نِم جا پَنَ ۽ نموريون به گڏ وجهبس. تَري ۾ نم جا پنَ ڏيئي، مٿان وجهبس اڌ مڻ کن اَنُ، وري نم جا پنَ يا نموريون وجهي، وري اوترو ئي اَنُ وجهبس. يعني اَن جا تھه رکبا وڃبا، هر تھه سان گڏ نم جا پن ۽ نموريون وجهبس. نم جي ڪوڙَٽ تي اَن جو بچاءُ رهندو.

گُندِيءَ جو اندر ايترو به بيھاربو آهي جو ان ۾ اَن جو پورو خرار پئجي وڃي، نه ته چئن کان پنجن ٻوريُن يعني اندازي سان ڏهن کان ٻارهن مڻن تائين ته ٺاهي ويندي آهي. ها جيڪڏهن بنھه ننڍي گندِي ٺاهجي، جنھن ۾ اَن جا رڳو اڍائيءَ کان پنج مڻ پئجي وڃن، ته ان کي گندڙو/ گندلو چئبو، جنھن ۾ چانور جھڙو اناج به رکبو آهي يا اهڙو جيڪو گهٽ کاڄي. باقي گندي گهڻي ڀاڱي، پندرهن مڻن واري سُھائيندڙ سڏبي آهي. ان کان وڏي ٺاهڻ به مسئلو ته ان کي سنڀالڻ به مٿي جو سور! گنديءَ جو هنڌ به مٿانھين جڳھه تي اهڙو رکبو آهي ته اُس به لڳيس ۽ جهُڙِي ڦُڙِيءَ کان به بچي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ته مينھن جهڙ کان بچائڻ لاءِ مٿان پراڻي سُراڻي رلهي رکي ڇڏبي اٿس ته جيئن ڪو ڇيھو نه رَسيس!

اها ته ٿي گُندي، يا گندڙو، ڪي ته وري خرار کان وڌيڪ اَن کي سنڀالڻ لاءِ ’پَلِي‘ ٺاهيندا آهن. پَلي اسم تصغير آهي. بنيادي لفظ ’پلو‘ يا پَلُ‘، جنھن ۾ سوين مڻ سنڀالي سگهجن. پَلَ يا پَلي ۾ گهڻي ڀاڱي ’بُھه‘ رکبو آهي، پر ايئن اَنُ به رکي سگهجي ٿو. پَلِي، پَلي کان ننڍي ٿيندي، جيڪا هروڀرو ٻن خرارن کان مٿي ڪونه ٺاهبي آهي، پر گنديءَ وانگر نه ٺھندي. ان کي تيار ڪرڻ لاءِ چار ڀتيون بيھاربيون، جنھن ۾ اَنُ پوندو. ڀت به ڪا سِرُن جي ڪا نه ٺھندي، بلڪ تَرو بيھاري، ڪاٺيون اڀيون ۽ پاسيريون ڪري، انهن جي پاڻ ۾ ٻَڌَ ڪري، پوءِ ان کي مٽيءَ جو گَنبُ هڻبو وڃبو. تان جو اهي چارئي سَگهيُون ڀتيون ڏسڻ ۾ اينديون. ان ۾ چوڌاري، سَرن جو مولهه ٻڌل رکبو آهي، جيڪو چئني پاسن کي سوگهو ڪيون بيٺو هجي. جڏهن اهڙي دلجاءِ ٿي ويندي، ته پوءِ ان کي اَن سان ڀربو ۽ مٿان وري ٿلهي گاري وارو ليپو ڏيئي ڇڏبو. هڪ خرار لاءِ پَلِيءَ واري جهنجهٽ ۾ ڪونه پئبو آهي. يعني پَلِيءَ ۾ جهجهو اَنُ پوندو آهي. تڏهن ته پھاڪا مشھور آهن ته ’اَنَ پَلِي، ذات ڀلي‘ يعني جنھن جي گهر ۾ اَنَ جا داڻا جهجهي انداز ۾ هوندا ته اهي ماڻهو سکر سڏبا. ’جنھن جي گهر ۾ داڻا، تنھن جا چريا به سياڻا‘ يعني جن وٽ گهر ۾ کائڻ لاءِ اَنُ موجود هوندو، تن جا مُورک ماڻهو به سُڌريل سڏبا.

پَلِيءَ جون ڀتيون لئي يا ٻين ڪاٺين کان سواءِ ڪانن جي ڇپرين سان به بيھاريندا آهن ۽ وري مٿان ليپي بدران کِپَ جو ڇپرو به هڻندا آهن. خير، جيئن به ٺھي يا ٺاهي وڃي پر رڳو اناج کي سنڀالڻ جي سگهه هجيس. ٿر جي پاسي، گنديءَ جو ڍَڪُ کِپ جي تيلن سان ايئن بيھاريندا آهن، جيئن چَونري جي مٿان لھواري چوٽيءَ سان، ڇَٽِيءَ وانگر گول ڇت پوي. ڪي پَليُون، پاسن کان کجيءَ جي تڏن سان به ٻڌيون وينديون آهن. جن کي ٻاهران سَگها لڪڙا ڏيئي، پاسن کان کجيءَ جون تڏيون ٻڌي، ان ۾ اَنُ وجهي، مٿان ڪا ڇت ٺاهي، لنبي ڇڏيندا. ڪٿي وري تڏين جي بدران سَرن جا ٽوئا به ڪم آندا ويندا آهن.

ڪي ته پورهيت اهڙي گول گندي، کاري وانگر، لئي جي ڪاٺين سان اڻت ڪري بيھاريندا آهن، جنھن کي اندران يا ٻاهران ليپو به ڏيئي ڇڏيندا. اها گندي وري مِٽيءَ واري گندِيءَ کان وڌيڪ سگهاري ٿيندي آهي ۽ سالن جا سال هلندي آهي.

هڪ دوست جرمنيءَ جي ڪنھن شھر جو ذڪر ڪيو، ٻڌايائين ته هڪَ، هزارين سال اڳ جي، تاريخي ماڳ گهمڻ لاءِ اڪسايو ويو، جيڪو ڪافي مٿانھين هنڌ هجي، گهمڻ لاءِ وياسين. اهو هنڌ ڪافي مٿي ۽ پنڌ وڃڻو هئو، جڏهن سھڪي سھڪي اتي پھتاسين ته ڇا ڏسون، هڪ پٿر جو جنڊ، مِٽيءَ جي گُندي، مٽيءَ جي چُلهه وغيره، ڏسي اسان کان ته دانھن نڪري ويئي ته ايترو پنڌ به ڪيوسين، رڳو اهڙين وَٿُن کي ڏسڻ لاءِ جيڪي اسان جي سنڌ ۾ اڃا سوڌو ڪم ڪار ۾ پيون اچن! يعني اهڙيون وَٿُون انسان جي بنيادي گهرجن سان لاڳو آهن، پوءِ اهو ڪھڙو به ملڪ يا علائقو هجي. اهڙيون وٿُون ٻين خطن ۾ به هونديون، البت انهن جي بيھڪ ۽ ڀير ۾ فرق هوندو. يورپ يا دنيا جي ٻين ملڪن وٽ وسيلن ۽ ذريعن جي کوٽ هوندي به خوشحالي آهي؛ پر اسان جي سنڌ، جيڪا وسيلن ۽ ذريعن ۾ مالامال آهي، پر اڄ به اسان ان پراڻي دور ۾ رهون پيا ۽ انهن وَٿُن تي ڀاڙيون بيٺا آهيون. اهي وَٿُون اسان جي سڀيتا ته ضرور آهن، ليڪن گهرجن آهر اسان سڀني سنڌ واسين کي هڪجيتريون جديد سھولتون مھيا هجڻ گهرجن.

مِٽيءَ جي گنديءَ ۾ ايتري پائداري ڪونهي، وڏن وسڪارن يا وڏين ٻوڏُن جي سھپ نه ساريندي، ڊهي پونديون آهن. اهڙي آپدا ڪارڻ لوهي چادر جون گُنديون ٺھڻ لڳيون. غريب غربا به لوهي چادر جون گنديون ٺھرائين ٿا ۽ اهي ڪم آڻين ٿا. لوهي گُنديءَ مان اهو فائدو آهي ته اس جي تَوَ تي گرم رهندي ۽ اَن به گهمبو ڪونه، نه وري ڪا سُرِي يا جيت لڳندس. مينھن جي پاڻيءَ کان مٿس ڇٽي ٺھيل هوندي آهي، جتان مينھن جي هڪ ڦڙي به اندر وڃڻ جو امڪان نه رهندو آهي. لوهي گندي وڌ ۾ وڌ ٻن خرارن تائين به ڏٺي آهي، باقي خرار يا ان کان گهٽ ته عام آهي. ڪن وٽ ته اها به سگهه نه هوندي آهي ته پوءِ مڙيئي روز اَٽو وٺي گذارو ڪندا رهيا آهن.

جيئن ته گندي ٺاهڻ يا رکڻ لاءِ گهر ۾ ايتري جاءِ هجي، جو ان کي رکجي ۽ سنڀالجي. هاڻي ته گهر به سوڙها ٿي ويا آهن، وڏن گهرن ۾ وِيريُون پئجي ويون، شھري زندگيءَ ۾ پڌرن/ اڱڻن جو رواج به نه رهيو، ماڻهو ساڳئي ڪمري ۾ کائين به ۽ پنھنجي ويھڻ واري گهرج به پوري ڪن، ان اهڙي حالت ۾ اَن جي ڪڻن کي سنڀالي رکڻ لاءِ گندي ڪٿي رکن! ان لاءِ شھرن ۾ گُندي رکڻ جو رواج ئي گم ٿي ويو. ها باقي جيڪي اميراڻا گهر هوندا، يا زمينداري هوندي، ته اهي اناج يا ٻج سنڀالڻ لاءِ گُندِيءَ کان ڪم اوس وٺندا. شاهه لطيف به گنديءَ جو لفظ هن ريت ڪم آندو آهي:

بُن جنھنجي ذات جو، اتي آه الله،

تھه نه پچي ماهه، گنديءَ نِينھن نه سپجي.

----

گامَ گُنديءَ گَنجَ، اَبَرَ ۾ اُھاءُ ٿِيو؛

پَسِي پَرِ پِريُن جِي، ڏُور ٿِيا سَڀ ڏَنجَ؛

شالَ وَسندَو سَنجَ، عاشقَ تي اوھِيڙا ڪَري.

اهڙين وَٿُن سان سنڌي ٻولي جي شاهوڪاري سلهاڙيل رهي آهي، ان ڪارڻ ڪافي پھاڪا ۽ اصطلاح ملندا، جن مان چند هتي ڄاڻائجن ٿا:

پھاڪا ۽ اصطلاح

• گُندي کير ڏيئي ته مينھِن ڪير ڌاري ئي نه!

(تڪليف کان سواءِ ڪجهه هڙ حاصل ناهي ٿيڻو)

• جنھن جي گهر ۾ داڻا،

تنھن جا چريا به سياڻا.

(ماڻهوءَ جو سڌرڻ، خوشحاليءَ سان لاڳو آهي)

• جن جي گندِيءَ ۾ ناهن داڻا،

تن جا سياڻا به ويڳاڻا.

(مسڪيني حال ۾ هر ماڻهو پريشان رهندو آهي)

• اَنَ پَلِي، ذات ڀَلي.

(جنھن گهر ۾ خوشحالي هوندي، اهي ئي ماڻهو خانداني سڏبا آهن)

• اَن جو منھن گنديءَ ڏي.

(هر ماڻهوءَ کي پنھنجو ڪِيتو آڏو ايندو آهي)

• پنڻ منجهان پَلَ، ڪنھن ڀريا ڪين ڪي.

(پَلُ = وڏي پَلي- گدام. پَن سِن تي اميري ڪو نه ايندي آهي)

• پنڻ جي پورھيي مان، ڪنھن نه ڀريا پَلَ،

مانجهي اھي ملھ، ھر جنين جي ھٿ ۾. (چوڻي)

• گهر ۾ گندڙو هجي ته ٻُھر ٻاهر نه اڇلجي.

(پنھنجن ۾ پريت هجي، ته نياڻيون ٻاهر نه ڏجن)

• اَن جي پَلِي گهر ۾ ڀَلي،

جَل جي مڇي جَل ۾ ڀَلي.

(هر ماڻهو ۽ شيءِ پنھنجي حيثيت ۽ جاءِ سان ٺھندي)

• مان ڇو چوان ته نُورو گندِيءَ ۾ آهي.

(بيوقوفيءَ سان راز کولڻ ۽ پاڻ کي لڪائڻ)

 

(هن مضمون جي تياريءَ ۾ پھاڪن ۽ اصطلاحن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي)

No comments:

Post a Comment