Wednesday, October 30, 2019

رُسجي ته پرچڻ جو دڳ به ڇڏجي.


رُسجي ته پرچڻ جو دڳ به ڇڏجي. (چوڻي)
ساجد چانڊيو
زال مڙس ۾ جهڳڙو ٿي پيو.
زال رسُي، پيڪين هلي وئي.
مڙس، فون ڪري غلطيءَ جي معافي ورتس ۽ اڳتي غلطي نه ڪرڻ جو وعدو پڻ ڪيائين.
فون تي ڳالھائيندي ئي زال مڙس کي چيو: ”تو وٽ گلاس آهي؟“
مڙس: ”جي ها آھي!“
زال: ”ان کي زور سان فرش تي ته ھڻ.“


مڙس ائين ئي ڪيو ۽ گلاس فرش تي ڪرڻ سان وڏو ٺڪاءَ ٿيو، جنھن کان پوءِ زال پڇيس: ”هاڻي ٻڌاءِ! اهو گلاس وري جڙي سگهي ٿو؟!“
مڙس، ٽھڪ ڏيندي چيس: ”پر گلاس ته اسٽيل جو هيو! ٽٽو ئي ناھي!“
زال ھٻڪندي چيس: ”وڏو ڪميڻو آهين! شام جو اچي وٺي وڃ مون کي.“

(ساجد زخمي چانڊيو جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment