Monday, August 19, 2019

ٻانهي ۽ ٻائي، پَکي سونهن پنهنجي. (سنڌ، چوڻي)


ٻانهي ۽ ٻائي، پَکي سونهن پنهنجي. (سنڌ، چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ٻانھي؛ نوڪرياڻي، ٻيلپو ڪندڙ. ٻائيءَ جو ضد.
ٻائي؛ جنھن وٽ ٻانھي ٻيلپو ڪري، راڻي، وڏيري، بيگم. ٻانھيءَ جو ضد.
پکي؛ پکو، اجھو، رھڻ جي جاءِ، آشيانو.
ٻائي ۽ ٻانھي، ٻئي پنھنجي پنھنجي پکي يا اجھي ۾ سونھن ٿيون. ٻانھي، راڻيءَ جي محل ۾ ۽ راڻي ٻانھيءَ جي جھوپڙيءَ ۾ ڪين ٺھندي. ھر ھڪ جو بسيرو پنھنجي پنھنجي نوعيت جو آھي. اھي پنھنجي پنھنجي آکيري يا آشياني ۾ ھونديون ته پيون ٺھنديون ۽ چڱيون پيون ڀاسنديون. ٻئي ھنڌ ھئڻ سان، اصل حيثيت وڃائي ويھنديون ۽ اصل ڪين سونھنديون.


مطلب؛ 
۱ . راڻي پنھنجي محل ۾ ۽ ٻانھي پنھنجي جھوپڙيءَ ۾ ھونديون ته عزتدار ليکبيون.
۲ . ھر ھڪ کي پنھنجي کل ۾ رھڻ گھرجي.
۳ . بَرَ وُٺا، ٿَر وُٺا، وٺِيُون تَرايُون،
پِرِه جو پَٽن تِي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَرِينِ هَٿڙا، سَنگهارِيُون سايُون،
ساري ڏُهَنِ سامُهِيُون، ٻولاهِيون رايُون،
ٻايُون ۽ دايُون، پَکي سُونُهنِ پانهِنجي. (سر سارنگ، شاھ، علامه آءِ آءِ قاضي)

No comments:

Post a Comment