Monday, February 4, 2019

ڪنهن جي شِرَ ۾ ڪنهن جو خِيرُ آهي - محمد شعيب بڪڪ


ڪنهن جي شِرَ ۾ ڪنهن جو خِيرُ آهي. (پشتو، متلونہ)
محمد شعيب بڪڪ
هڪ جبل جي هيٺان هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آباد هيو. انهيءَ جبل جي مٿان، هڪ خطرناڪ رستو هيو، جتان مسافر گاڏيون لنگهنديون هيون. متبادل رستو نه هئڻ ڪري، مسافر گاڏيون مجبورًا انهيءَ موتمار رستي تان ئي لنگهنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ موتمار لنگهه تان گذرندي، ڪا مسافر گاڏي هيٺ ڪري پوندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو، انهيءَ انتظار ۾ ويٺا هوندا هيا ته ڪڏهن ٿي گاڏي ڪري. ڇو جو سندن گذر سفر، گاڏيءَ جي ڪرڻ تي هوندو هيو. حادثي ۾ مري ويل مسافرن جو سامان کڻي، گذارو ڪندا هئا.


انهيءَ کان علاوه سندن ٻيو ڪو به وسيلو نه هيو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هيو ته گهڻي وقت تائين جيڪڏهن ڪا گاڏي نه ڪرندي هئي ته ڳوٺ وارا سڀ گڏجي الله سائينءَ کان دعا گهرندا هئا، ته اي الله سائين! تون غفور ۽ رحيم آهين. جلد ڪنهن مسافر گاڏي کي هيٺ ڪيراءِ! اسان جا ٻچا ۽ اسين، گهڻن ڏينهن کان بکيا آهيون. اسان تي رحم ڪر. ان شِرَ ۾ انهن جو خيرُ هوندو هيو.
اسان وٽ جڏهن قبيلائي جهيڙا ٿيندا آهن، تڏهن ان خوني راند ۾ گهڻن ماڻهن جو خير ٿيندو آهي. انهن قبيلائي جهيڙن کي ڦوڪون خود قبيلائي سردار ۽ وڏيرا ڏيندا آهن. انهيءَ کانسواءِ ان شِرَ جي ڪاروبار ۾ ٻيا به گهڻا ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن. جھڙوڪ؛ تر جي پوليس، پير، فقير، گورڪن، ملان، ڌاڙيل، ڊاڪٽر ۽ وڪيل صاحب. اهي سڀ هن وهندڙ خوني گنگا مان، لوٽيون ڀريندا آهن.
قبيلائي ويڙهه جو شڪار ٿيندڙ قبيلا، پنهنجو مال متاع، سونا زيور ۽ زمينون کپائي هٿيار خريد ڪندا آهن. جنھن سان هٿيار کپائيندڙ گروهن جو ڪاروبار چمڪي پوندو آهي.
هٿيار کپائيندڙ واپاري ڪڏهن به نه چاهيندا ته ڪنهن تر يا جوءِ ۾، امن ٿئي. انهن جي پوري ڪوشش هوندي آھي ته اھا باهه نه وسامي. ڪهڙيءَ به طرح، امن جو پکي هن علائقي يا تر يا جوءِ مان گهڻو پري هجي. ڇو ته انهن سڀني ڌرين جو انھيءَ شِرَ ۾ خيرُ آهي.
اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ همراهه رهندو هيو، جيڪو نلن جو ڪنڪيشن لڳائيندو هو ۽ گٽر جون ناليون به ٺاهيندو هيو. بعد ۾ هن بند گٽر کولڻ جو ڪم شروع ڪيو. جڏهن ڳوٺ جا گٽر بند ٿيندا هيا ته هو خوش ٿيندو هيو ته؛ اڄ الله سائين منهنجي دعا ٻڌي آهي. آخري ڏينهن ۾ هو رات جو لِڪي ڪري ڳوٺ جا گٽر بند ڪندو هيو، صبح جو ماڻهن کان پئسا وٺي پوءِ گٽر کوليندو هيو. ان شِرَ ۾ ان جو خيرُ هيو.
مطلب: اڳي جنگيون وڙهڻ لاءِ هٿيار تخليق ڪيا ويندا هيا، هاڻي هٿيار کپائڻ لاءِ جنگيون تخليق ڪيون ٿيون وڃن.
۲. ھڪ جي شر ۾، ٻئي جو خير.
۳. مروان موت، ملوڪان شڪار.
۴. وڙھن چور، ڀلو ٿئي ڀاڳين جو.

(ڏيھاڙي عوامي آواز ۰۴ فيبروري ۲۰۱۹ع تان، اختصار سان کنيل)

No comments:

Post a Comment