Wednesday, January 2, 2019

شاه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو - امتياز منگي


شاه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو
امتياز منگي لاڙڪاڻو
محترم عبدالوهاب سهتو جو سهيڙيل ڪتاب ”شاھ جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو“ مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قمبر وارن ڇپرايو آهي، جنهن ۾ ڪل چوڏهن ليک آهن. مرتب شروعات ۾ ”سادا اکر“ جي عنوان سان انهن ليکڪن جو مختصر تعارف ۽ خاڪو بيان ڪيو آهي، جن جا مضمون ڪتاب جي زينت آهن. هن ڪتاب ۾ لاکيڻي لطيف کي پهاڪن ۽ چوڻين جي منظر ۾ ڏٺو ويو آهي. شاھ سائين جي شعرن جون ڪجهه سٽون ايتريون ته دلين ۾ لهي ويون آهن جو عام خاص حلقن کان وٺي ادبي ميڙاڪن ۽ ڪچهرين ۾ انهن کي پهاڪا ڪري پچاريو وڃي ٿو. ڪو به لاکيڻي لطيف جي پوري سر ته ڇا شعرن کي ياد ٻڌائڻ جي حام هڻي نه ٿو سگهي. صرف ڪا خاص سٽ سڄي شعر تي حاوي ٿيندي نظر اچي ٿي ۽ آخرڪار اها ئي ياد رهجي وڃي ٿي. هي بلڪل ائين آهي جيئن عدالت عاليه جي فتويٰ جي آخري سٽ جو حوالي ڏئي جرح ڪجي ٿي. ان speaking part يا concluding para کي بنياد بڻائي، فيصلا ڏجن ٿا. ان آخري سٽ سهيڙڻ لاءِ، سائين عبدالوهاب سهتو هي ڪتاب سهيڙيو آهي.
     
گورن جي ديسن جي ڏاهن کي ڏسبو ته شيڪسپيئر کان گهڻو اڳ، جوفري چاسر جي شاعريءَ کان وڌيڪ، چوڻيون يا پهاڪا مقبول ٿيا. جيئن؛ ”شيشي جي گهر ۾ ويهي پٿر هڻڻ.“
People, who live in big glass houses, should never ever throw stones at all. (Geoffrey Chaucer).
اردوءَ جي شاعر داغ ۽ غالب کان وٺي، محاورن جو استعمال شروع ٿي چڪو هو. جتي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ، اڪثر اردوءَ جي محاورن تي ڀاڙين ٿا، اُتي اسان جي زبان مان از خود پنهنجا پهاڪا نڪريو وڃن.       
ڪتاب جا ڪجهه مضمون تمام ڪارائتا آهن. مون کي ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي جي مضمون تمام متاثر ڪيو. جنهن جي ٻولي باڪمال آهي. هن ڪتاب ۾ ڪريم بخش خالد جو مضمون ”آيتون آهن“ ۾ جنهن نموني الف، ب وار پهاڪن کي پيش ڪيو آهي، ان ۾ هڪ sequence آهي. ساڳيءَ ريت حافظ محمد احسن چنا به الف، بي وار اهڙا شعر ٻڌايا جيڪي عام زبان ۾ پهاڪا بڻجي ويا. ڊاڪٽر غلام قادر سومرو پنهنجي مضمون ”شاھ لطيف جي شاعري ۾ چوڻيون ۾ تمام تفصيل سان سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر مخمور بخاري جو مضمون سر ديسيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ڪمال جو لکيل آهي. سسئيءَ جي سستي، هن جي لاءِ سموري زندگيءَ جو روڳ بڻجي وئي. ڀٽائي هر دور ۾، قوم لاءِ هڪ الارم رهيو آهي، جيڪو وقت تي کين جاڳائي ٿو، جيئن:  
·      ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.
·      تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ناهي ويل ويهڻ جي.
·      هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
پهاڪي يا چوڻيءَ تي، علائقي جو گهرو رنگ هوندو آهي. ان ڪري عبدالوهاب سهتو، هر علائقي جي رنگ ۾ رچي الڳ ڪتاب لکيو. جيئن انگريز بهادر کي ڪاري رنگ کان چڙ آهي ته هو هر غلط رنگ يا عمل کي ڪاري رنگ سان تشبيهه ڏيندو آهي جيئنBlack sheep, Black list ۽ اسان وٽ به ڪاري رنگ سان منسوب هر شيءِ گناھ جي علامت هوندي آهي.
هن ڪتاب ۾ پهاڪن جي نسبت سان ايترا ته قيمتي مضمون پڙهڻ لاءِ ملي ويا آهن، جيڪي يا ته نظر کان گذري ويا هوندا يا مورڳو پڙهيا ئي نه ويا هوندا. پنهنجي subject تي گهري نظر رکندڙ عبدالوهاب سهتو جا ٿورا، جو ان وساريل ورقن کي ڳنڍي جوڙي، هڪ ڪتاب بڻايو.
مونکي ذاتي طور تي، عبدالوهاب سهتو جي ان ڳالهه متاثر ڪيو ته هن ڪتاب ۾ پنهنجو ڪو به مضمون شامل ڪو نه ڪيو آهي ۽ ٻين لکارين کي اوليت ڏني آهي. باوجود ان جي ته، هو جيڪڏهن چاهي ها ته شاھ سائين تي هڪ شاهڪار مضمون لکي ٿي سگهيو.

No comments:

Post a Comment