Saturday, December 15, 2018

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح - سُر يمن ڪلياڻ - نور افروز خواجه


شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيل اصطلاح
(سُر يمن ڪلياڻ)
نور افروز خواجه
ڪنھن لفظ جي لغوي معنيٰ بجاءِ ڪا ٻي معنيٰ مقرر ڪرڻ کي ”اصطلاح“ سڏجي ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”اصطلاح“ جي باري ۾ لکي ٿو ته ”اصطلاح“ انھن کي ٿو چئجي، جنھن جي لفظي ۽ رواجي معنيٰ ۾ فرق ھجي يعني لفظي معنيٰ ھڪڙي ۽ رواجي معنيٰ ٻي ھجي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ”اصطلاح“ جي معنيٰ لاءِ لکي ٿو ته؛ ”اصطلاح جون ٻه معنايون آھن. ھڪڙي مقرر ٿيل، جنھن کي ”لغوي“ يا اصلي معنيٰ چئجي ٿو، ۽ ٻي ”رواجي“ جنھن کي اصطلاحي معنيٰ چئجي ٿو.


ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ اصطلاح جي معنيٰ جي باري ۾ لکي ٿو ته؛ ”زبان ۾ ڪي اھڙا فقرا ھوندا آھن جن جي لفظن جي ظاھري معنيٰ ھڪڙي ھوندي آھي، پر فقري جي گڏيل معنيٰ جدا ورتي ويندي آھي. ايترو ضرور آھي ته فقري جي مروج معنيٰ ان جي فقري جي لفظن جي صفاتي معنيٰ مان ورتل ھجي.“
سنڌي کٽمٺڙا ۾ اصطلاح جي وصف ھيئن بيان ڪيل آھي. اصطلاح، لفظن جو اھو ميڙ آھي، جنھن کي فاعل ۽ مفعول نه ھجي. اصطلاح جي لغوي معنيٰ عربي ۾ ”عرف“ ۽ انگريزيءَ ۾ usage cawetin ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڄاڻڻ“ آھي.
جڏھن ته New Webster’s Dictionary of English language ۾ اصطلاح جي معنيٰ ھيئن ڏنل آھي.
“A form of expression peculiar to one people or language, an expression, whose understood meaning is not expressed by the exact meanings of the individual words, as to get along with the language. A dialect the individual terminology or manner of expression or the like.”
مرزا قليچ بيگ سنڌي ويا ڪرڻ ۾ لکي ٿو ته؛ ”سنڌيءَ ۾ ڪيترا ئي مرڪب لفظ آھن، خاص فعل يا مصدر، جن جي معنيٰ رواج ۾ ناھي، حالانڪ ھر ھڪ گڏيل لفظ جي معنيٰ کي ”اصطلاحي معنيٰ“ چئجي ٿو ۽ انھن گڏيل لفظن يا فقرن کي سنڌيءَ ۾ ”اصطلاح“ چئجي ٿو.
”اصطلاح در حقيقت ھڪ اشارو آھي، جيڪو خيالن جي مجموعن ڏانھن ذھن کي منتقل ڪري ٿو.“
”اصطلاح“ جي سمجھاڻي ھيءَ آھي ته ڪنھن خاص لفظ کي اصل معنيٰ کان الڳ ڪري اھل زبان ڪنھن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪري، انھيءَ کي ”اصطلاح“ چئجي ٿو.
ٻوليءَ جي سونھن ۽ سوڀيا جو دارومدار اصطلاحن تي آھي. عام عبارت ڪيتري به سھڻي ھجي، پر اصطلاحن واري عبارت جي خوبصورتي ئي پنھنجي آھي. انھن اصطلاحن جا لفظ توريل تڪيل ۽ پوري ماڻ سان ماپيل ھوندا آھن. اصطلاحن سان لکيل نثر، نظم ۽ نثري عبارت وضاحت ۽ بلاغت، معنيٰ ۽ مفھوم ۾ افضل ۽ اعليٰ ھوندي آھي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ شاھ لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ ڪيترا ئي اصطلاح موجود آھن. ھن کان اڳ شاھ جي ’سُر ڪلياڻ‘ (سنڌي شعبي جي جرنل ’ڪينجھر‘ ۾ ڇپيل) ۾ ڪم آندل اصطلاحن تي بحث ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻ’سُر يمن ڪلياڻ‘ ڪم آندل اصطلاحن تي روشني وجھجي ٿي.
داستان - ۱
بيت پھريون:
تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منھنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي.
اصطلاح: درد جي دوا ٿيڻ = ڪم جي شيءِ ھجڻ.
بيت ڇھون:
ھڻ حبيب ھٿ کڻي، ٿيڪ مَ ٿورو لاءِ،
پرين تنھنجي گھاءِ، مران ته مان لھان.
اصطلاح: ھٿ کڻڻ = دعا گھرڻ، لاڳاپو ٽوڙڻ.
اصطلاح: مان لھڻ = عزت ٿيڻ.
بيت ستون:
ھڻ حبيب ھٿ کڻي، دل ۾ ٿي دانھيان،
ڪڇان ته ڪوڪ ٿئي، صبر آئون نه سھان،
ڪنھن کي ائين چوان، ته مون کي ماريو سڄڻين.
اصطلاح: دل ۾ ٿيڻ = ڏک ٿيڻ.
بيت اٺون:
ھڻ حبيب ھٿ کڻي، ٻنگا اھي ٻاڻ،
ماڳھين مون منھن ٿئي، جھولي وجھان پاڻ،
ان پر ساڄن ساڻ، مان مقابلو مون ٿئي.
اصطلاح: جھوليءَ ۾ وجھڻ = پلاند پکيڙڻ، ڪجھ گھرڻ.
بيت يارھون:
چوريءَ چنگ، ٻنگ لھي، جيسين ھيوسين،
ٻجھان ٻاڻ لڳوس، ڪانارئو ڪر کڻي.
اصطلاح: ٻاڻ لڳڻ = تير لڳڻ.
اصطلاح: ڪر کڻڻ = ڳاٽ اوچو ڪرڻ.
بيت اوڻويھون:
سگھن سڌ نه سور جي، ٿا رنڪن رنجوري،
پيا آھن پٽ تي، مٿن ماموري،
لڳين لنؤن لطيف چئي، سدا جي سوري،
پرت جن پوري، تن رويو وھامي راتڙي.
اصطلاح: پٽ پوڻ = ختم ٿيڻ.
داستان ٻيو
بيت چوٿون:
آھي گھڻو اگھن جو، ترس طبيبن،
ڪيو وس ويڄن، تان ڪريءَ ري ڪين ٿئي.
اصطلاح: وس ڪرڻ = ڪوشش ڪرڻ، حيلا ھلائڻ.
بيت پنجون:
سر جو سڃيو سڄڻين، ٻنگا ٻاڻ ڀري،
ويو وجودان نڪري، ڪڙ ڪڙ ڪان ڪري،
پُڇو پير ڀري، ته ڪ ٺريو ھٿ حبيب جو.
اصطلاح: پير ڀرڻ = مھرباني جي ھلت ڪرڻ.
بيت ستون:
ويڄن سان وائي پيا، ڪري نه ڪيائون،
جي پنڌ پاريائون، ته سگھا ئي سگھا ٿيا.
اصطلاح: ڪري ڪرڻ  = پرھيز ڪرڻ
بيت يارھون:
جي ڀانئين پرين مڙان، سک چوران ڪي ڌات،
جاڳڻ جشن جن کي، سُک نه ساري رات،
اڄي ٻجھي آئيا، وائي ڪن نه وات،
سلي سوريءَ چاڙھيا، بيان ڪن نه بات،
توڙي ڪسن ڪات، ساڳي سلن ڪينڪي.
اصطلاح: وات ڪرڻ = بد شد ڳالھائڻ، ڏاڍيان ڳالھائڻ.
بيت پندرھون:
ھاريا ويڄ مياس، سُڌ نه لھن سور جي،
پريان کي چوندياس، ته ترس طبيبن ڇڏيو.
اصطلاح: سُڌ لھڻ = خبر چار وٺڻ.
بيت سترھون:
ويھڻ ويڄن وٽ، جي سکين ته سگھو ٿئين،
اڳئين عادت مٽ، ته اگھا عاجز نه ٿئين.
اصطلاح: عاجز ٿيڻ = لاچار ٿيڻ.
داستان ٽيون
بيت پھريون:
ھئي! ھئي! وھي ھا، من ۾ محبوبن جي،
جيرا جوش جلايا، بڪين ٻري باھ،
پسو مچ مٿا، جي ويساھ نه وسھو.
اصطلاح: باھ ٻارڻ = ڪڪ ڪرڻ، وڳوڙ پيدا ڪرڻ، فساد جاڳائڻ.
بيت سورھون:
سھين جئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا،
وَھ وڃائي پاڻ، ڏي ڏٻائون ڏڱرين.
اصطلاح: ڌڪ سھڻ = عذاب سھڻ، صدمو برداشت ڪرڻ.
بيت ايڪويھون:
سرھا ڏٺو سي، جن جن ساڃاھ سيراڻ سين،
تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏھين،
عاشق ائين نه ھون، جئن تون سڄين آڱرين.
اصطلاح: ڪٽ لڳڻ يا ڪارو ٿيڻ = ڪارو ٿيڻ، بڇڙو ٿيڻ.
بيت ٻاويھون:
ڪٽ ڪڙھي، لوھ ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
مترڪن منھن ڪڍيا، سانداڻيون سڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آھي مچ تي.
اصطلاح: منھن ڪڍڻ = ڏيکاري ڏيڻ، اچڻ.
بيت چوويھون:
کانئيا تن کٽيو، اجھامڻ اونداھ،
جن اندر ٻري باھ، سڌ تني کي سڀ ڪا.
اصطلاح: اندر ۾ باھ ٻرڻ = پيڙا يا تڪليف سھڻ.
بيت ستاويھون:
سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنھن پر ڪلاڙن سين،
ڪاتي، ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ،
مرڻا منھن م موڙ، وٽي ٿي وڌ لھي.
اصطلاح: منھن موڙڻ = اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏيڻ.
ڪلاڙنئون ڪاءِ، مت نه سکين مون ھينئان،
روئيندي رات وھاءِ، چڪائيندي بٺيون.
اصطلاح: مت سکڻ = سمجھ اچڻ، سيکت اچڻ.
داستان پنجون
بيت ٽيون:
صوفي چائين، سڌ ڪرين، صوفن ايءَ نه صلاح،
ڪاٿي رت ڪلاه، اڇلي وجھ آڳ ۾.
اصطلاح: سڌ ڪرڻ = خواھش ڪرڻ.
بيت چوٿون:
جي ڪلاه رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿي،
وھ وٽي ھٿ ڪري، پر پيالو پي،
ھنڌ تنين جو ھي، جن حاصل ڪيو حال کي.
اصطلاح: ھٿ ڪرڻ = حاصل ڪرڻ.
بيت :
جن کي دور درد جو، سبق سور پڙھن،
فڪر فرھي ھٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن،
پنو سو پڙھن، جنھن ۾ پسڻ پرينءَ جو.
اصطلاح: پنو پڙھڻ يا پنا پڙھڻ = ظاھري علم حاصل ڪرڻ.
بيت اٺاويھون:
پڙھيو ٿا پڙھن، ڪڙھن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوھ چڙھن، ورق ورائن وترا.
اصطلاح: ورق ورائڻ = ڪتاب پڙھڻ.
بيت ٽيھون:
اکر پڙھ الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙھندين ڪيترا.
اصطلاح: ورق وسار = پڙھي وساري ڇڏ.
اصطلاح: اندر اجارڻ = دل صاف ڪرڻ.
بيت ڇٽيھون:
ڪوه ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس،
ڏور تئائين ڏس، اکر جئائين جڙيا.
اصطلاح: ڪاڳر ڪورڻ = لکڻ، ڪاغذ چٽڻ.
داستان ڇھون
بيت ٽيون:
او قابيل اکين ۾، تو کي باري بان،
اڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ ھڻيو مستان،
جانب تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين.
اصطلاح: اڳرائي ڪرڻ = حملو ڪرڻ، جھيڙو شروع ڪرڻ.
بيت چوٿون:
او قابيل اکين ۾، تو کي تکا تير،
ساڄن، انھيءَ سڱ سين، ڦٽيئي گھڻا فقير،
ٻيو م مارج مير، تنھنجو پھرين ئي پورو ٿيو.
اصطلاح: مير مارڻ = پاڻ کان وڏن کي آڻ مڃائڻ.
داستان ستون
بيت پنجون:
عاشق ائين نه ھون، جئن تون سڄين اڱرين،
وڃي در دوست جي، رت ڏيھاڻي رون،
ٻيءَ پر ڪنھن نه پون، ماڪر محبوبن سين.
اصطلاح: رت روئڻ = ڏاڍو تنگ ٿيڻ.
اصطلاح: ماڪر پوڻ = قبول پوڻ.
بيت نائون:
سڪ نه آھي سٿري، کڻ پروڙي پير،
ڪسڻ ڌارا ڪير، ڪري سڌ سڪڻ جي.
اصطلاح: پير کڻڻ = ھلت ھلڻ.
بيت چوڏھون:
عاشق معشوقن جي، وٺي ويھ ڳري،
جم ورچي ڇڏئين، دوست دري،
ڏيندا ٻڪي ٻاجھ جي، ويندءِ ٺپ ٺري،
اسان تان نه سري، تو ڪيئن سري سپرين.
اصطلاح: ٺپ ٺري وڃڻ = ماٺ ٿي وڃڻ، چپ اچي وڃڻ.
بيت پندرھون:
عاشق معشوقن جو. وٺي ويھن رند،
پياريندءِ پاڻيھي، ميخاني جو منڌ،
ڪيم ڪڍج ڪنڌ، اوڏو ٿي ان کي.
اصطلاح: ڪڍج ڪنڌ = پاسو ڪري وڃڻ.
داستان اٺون
بيت ڇھون:
آڻ ڪي عيان نه ٿئي، ڪي پروڙي ڪو نه،
سچي جيھي سون، منھن نه پيئي ماڙھين.
اصطلاح: منھن پوڻ = جھيڙو ڪرڻ.
بيت ستون:
آڻ ڪي عيان نه ٿئي، ڪي پروڙي ڪو نه،
ساسھين ٿئي سون، امر عطا جنھن جو.
اصطلاح: سون ٿيڻ = ڪامياب ٿيڻ يا مراد کي پھچڻ.
بيت سورھون:
کمندڙن گھر کين، چوندڙ چڱا نه ٿيا،
ويڻنئون ويڏ پئي، ھٿ نه اچي ڪين.
اصطلاح: ھٿ اچڻ = حاصل ٿيڻ
بيت سترھون:
ھو چونئي تون م چؤ، واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينڪي.
اصطلاح: پاند ۾ پائڻ = جھوليءَ ۾ وجھڻ يا حاصل ڪرڻ.
مددي ڪتاب
۱. گلقند- ڀيرومل مھرچند آڏواڻي.
۲. سنڌي کٽمٺڙا- غلام اصغر
۳. سنڌي اصطلاح ڀاڱو ۱- ۲- ليکراج عزيز.
۴. اصطلاحن جي اصليت - ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو.
۵. رھبر سنڌي – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
۶. نئون سنڌي گرامر - ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ.
۷. آفتاب ادب – حڪيم فتح محمد سيوھاڻي.
۸. سنڌي وياڪرڻ- مرزا قليچ بيگ.
۹. جامع سنڌي لغات- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- سنڌي ادبي بورڊ- ۱۹۸۸ع- حيدرآباد.
10. New Webster’s Dictionary of English Language, Deluxe Encyclopedic Edition 1986.

(سرتيون آڪٽوبر-ڊسمبر ۱۹۹۰ع صفحو ۷۷ کان صفحو ۸۱)

No comments:

Post a Comment