Sunday, May 27, 2018

ڀِتِ پيئي، وِٿِ پيئي - نصير سومرو


ڀِتِ پيئي، وِٿِ پيئي
ڀت وڇوٽيءَ جو اهڃاڻ
نصير سومرو
چوندا آهن؛ ”ڀتين کي به ڪن آهن.“
ڀتيون ڪيترن ئي قسمن جون آهن: گاري ۽ سِرن مان ٺهيل ڀتيون به آهن، ته فيس بوڪ واريون ورچوئل والز، يا ڊجيٽل ڀتيون به آهن، ۽ گڏوگڏ اهڃاڻي ڀتيون به آهن، جيڪي رازداريءَ جون ڳالهيون ٻڌي وٺنديون آهن.
تاريخي ڀت، ”چين جي عظيم ڀت“ آهي، جيڪا دشمنن کان بچڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي. ستين صدي (ق م) ڌاري چين ۾ اترين طرف کان جنگجو قبيلا اچي حملي آور ٿيندا هئا. انهن حملن جي آزار کان بچڻ لاءِ ڀتيون ٺاهيون ويون. آخر ۾ مختلف ڀتين کي هڪ ديو قامت ڀت جي شڪل ڏني ويئي.


هڪ، ”ٻاجھاري ڀت“ ايران ۾ متعارف ڪرائي ويئي. جيئن هيءَ ڀتCARMEL WALL OF KINDNESS ڏسي سگھجي ٿي، ان تي جينز، پتلون، ٽي شرٽ ۽ جيڪيٽ وغيره ٽنگيل آهن. ڀت تي لکيل آهي:
If you don`t need it, leave it, if you need it, take it.
(جيڪڏهن نه کپئي ته ڇڏي ڏي، کپئي ته کڻ!)
”اڏيري لعل جي مندر جي ڀت سان لڳو لڳ مسجد به آهي ۽ اهو سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جو اعليٰ مثال آهي. اڏيري لال جي آستاني/حجري ۾ ديوارن تي مورتين ۽ اُڏيري جي پاڻيءَ جي ديوتا جي روپ واري چترڪاري ٿيل هئي. ايوبي دور ۾ ڪن تعصب پسند ماڻهن ان کي رنگ هڻائي مٽائي ڇڏيو.“
ڀتيون وڏي واڪي ڳالهائينديون آهن. ايتريقدر جو ٻوڙا به ٻڌندا آهن. ڀت اشتهار جي علامت آهي. ڪهڙي شيءِ آهي، جا ڀت تي لکيل نه هجي.
ڀتين تي عاملن، يا ڀوپن طرفان جادوءَ وسيلي جن ڪڍڻ، محبوب کي رام ڪرڻ، رشتي ۾ آڏي رنڊڪ دور ڪرڻ، دشمن کي ٽوٽا چٻائڻ، حڪيمن پاران چوويهن ڪلاڪن اندر مرداڻي طاقت بحال ڪرڻ، ۽ سياسي ڌرين جا انيڪ اشتهار ڀتين جي زينت بڻبا آهن.
ڀتيون، پنهنجي زمان مڪان جي زبان ۾ ڳالهائينديون آهن.
يادگاري ڀت، سورمن ۽ سورمائن جي تصويرن سان سينگاري ويندي آهي.
عجائب گھرن جون ڀتيون، قديم آثار ۽ مجسمن سان ۽ آرٽ گئلرين جون ڀتيون، تخليقي فنپارن سان سجايون وينديون آهن.
پهاڪن، چوڻين، محاورن ۽ ورجيسن وارو ادب، ”ڏاهپ جو ادب“ آهي، جيڪو آڳاٽن زمانن کان سمجھ ۽ ساڃاهه جي مينوئل جي حيثيت رکي ٿو. پراڻي عهدنامي جي ڪتابن مان هڪ ڪتاب، ”مثل“ يعني پهاڪن ۽ چوڻين جو آهي، جيڪو اسرائيل جي بادشاهه سليمان بن دائود جي ڏاهپ سان منسوب آهي.
پهاڪا، سوميري تهذيب کان به اڳ قديم مصري اهرامن جي ديوارن تي لکيل مليا آهن.
ڀتين سان منسوب انيڪ چوڻيون مشهور آهن. مهڙ ۾ هڪ چوڻي، ”ڀتين کي به ڪن آهن“ ڏنل آهي، ان کان علاوه ٻيون به چوڻيون مشهور آهن، جهڙوڪ:
”ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانگن ڪيرائي وڌي.“
هي پهاڪو، ڪنهن چيو ايئن نه آهي، پر تصحيح ڪندي چيائين ته اصل پهاڪو آهي: ”ڀاڙين مٿان ”ڀَتُ“، ڪانگن ڪيرائي وڌو“.
”ڀت بنياد تي ويندي.“
”ڀت پيئي، وِٿِ پيئي.“
ڀٽ، وڇوٽي آهي، جنهن جو مشاهدو ”ورهائجڻ“ جي شڪل ۾ ڏيهه ڏسندو آهي ۽ ڏيهه ڏٺو ته ڪهڙي طرح ”ديوار برلن“ جرمن شهرين کي جاگرافيائي ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو. ڀت وري ڊهي به ٿي. جڏهن زماني جي حالتن ڪر موڙيا ته ڏيهه ڏٺو ته برلن جي ڀت ڊهي پٽ پئي. ننڍي کنڊ ۾ جاگرافيائي بيهڪن تي نظر وجهنداسين ته ڪشمير ورهايل، پنجاب ورهايل، بنگال ورهايل ۽ ويندي سنڌ جي اوائلي ماٿر جون سرحدون، ڪشمير، افغانستان، ۽ راجستان تائين پکيڙيل هيون.

No comments:

Post a Comment